مايوس نوجوانن جي درد ڪٿا

0
265
مايوس نوجوانن جي درد ڪٿا

اڄڪلهه جي گهٽ ٻوسٽ، خودغرضي ۽ نفسانفسي جي دور ۾ جتي هرهڪ انسان پنھنجي پنھنجي مسئلن ۾ گھيريل نظر اچي ٿو اتي اهو انسان نه صرف معاشري کان بلڪل ڪٽجي ويو آهي بلڪه هو هڪ نه ختم ٿيندڙ اونداهي جي گهراين ۾ هليو وڃي ٿو ۽ جتان ڪي تمام ٿورا ئي انسان هوندا آهن جيڪي انهي مايوسي ۽ پريشاني جي گهراين مان مشڪل سان نڪري هڪ نئين پراميد زندگي جي شرعات ڪندا آهن.

                 اڄڪلھه جي معاشري ۾ جتي هرڪا شيءَ پنھنجي مطلب جي قدر مطابق ئي حيثيت رکندي آهي تيئن ئي اها هڪ حقيقت آهي ته سماج ۾ صرف ۽ صرف مفادن ۽ مطلب جو ئي قدر آهي. جيئن جيئن ترقي ٿي آهي تيئن تيئن سرمائيدارانه نظام شرح منافعي واري حوس جي وڌڻ سان انسانن سان به جانورن جيان بدتر سلوڪ ڪيو ويو آهي ۽ انسانن کي صرف ۽ صرف پنھنجي منافعي جي واڌ لاءِ مشينن ۽ جانورن جيان ڪم ورتو ويو آهي اتي وري سرمائيدارانه نظام پنھنجي منافعي جي بچاءُ خاطر نه صرف ڪارخانن ۾ مزدورن جو تعداد گھٽائي باقي ٿورن بچيل مزدورن کا مشينن جيان انھن جي حصي جو ڪم ورتو آهي بلڪه اوور ٽائيم جهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي مزدور دشمن اٽڪلون ڪري مزدورن جي محنت چوري ڪري رت چوسيو آهي ۽ اهي ئي بنيادي سبب آهن جتان هڪ مزدور جي مايوسي ۽ بربادي جو سفر شروع ٿيندو آهي سماج ۾ مھانگائي، بيگانگي ۽ فرسوده ريتن رسمن ۽ تمام ٿوري اجرت جي ڪري هڪ غريب انسان جي زندگي تمام ئي مشڪلاتن ۾ هوندي آهي. پنھنجي ڪارخانن ۾ جگر ٽوڙيندڙ محنت، گھٽ اجورو ۽ نه ڪا مالڪي ٿيڻ يا ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنھن سبب جي نوڪري مان برطرفي يا ڪڏهن ڪڏهن نااهل حڪومتي پاليسين تحت ادارن جي نجڪاري، پنھنجي ساٿين جي روين (جيڪي پاڻ ئي تقريبن مايوس هوندا آهن) ۽ ادارن ۾ مزدور يونين جي نه ھئڻ ڪري سندس مالڪي نه ھجڻ جي ڪري اهي ئي بنيادي سبب آهن جن جي ڪري هڪ مزدور بلڪل ئي ٿڪجي ٽٽي نه چاهيندي به مايوسي جي اونداهي غارن ۾ هليو وڃي ٿو ۽ جتي هو صرف ۽ صرف سماجي براين (جيڪي پڻ هڪ وڏي منصوبابندي تحت هونديون آهن) انھن ۾ گهڙي پوندو آهي جن ۾ نشو سرفهرست هوندو آهي ۽ اتان کان ڪي ٿورا ئي انسان هوندا آهن جيڪي مايوسي مان نڪري سگھند آهن ڪن جو ته نشن ۽ بيمارين جي ڪري موت ٿيندو آهي ته ڪي وري خودڪشيون ڪري ڇڏيندا آهن.

ساڳيو حال عورتن جو پڻ آهي ٽين دنيا جي ملڪن جي معاشرن جو مثال جتي عورت هجڻ ھڪ وڏو ڏوھه آهي جتي هڪ عورت سان پنھنجي خاندان سان نفرتن جي شروعات ٿيندي هجي جتي هڪ عورت کي نڀاڳ جي علامت تصور ڪيو وڃي ۽ جنھن سماج ۾ عورت کي صرف ۽ صرف شو پيش طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

نفسانفسي ۽ بيگانگي جي عھد ۾ هڪ عورت سان پيش ايندڙ روين ۽ تڪليفن جو هڪ اذيتناڪ داستان آهي. جنھن معاشري ۾ معصوم نياڻين سان ريپ ڪيا وڃن ۽ گھٽا ڏئي ماريو وڃي ۽ جنھن معاشري ۾ نياڻي کي جنم ڏيڻ جي ڏوھه ۾ ماءُ کي ماريو وڃي ان سماج ۾ زندھه رھڻ لاءِ هڪ عورت کي ڪيڏو نه زهر پيئڻو  ٿو پوي.

جنسي زيادتين جا مسئلا هجن يا جنسي حراسمينٽ جا ڪيس هجن هڪ مجبور ۽ بيوس عورت کي هر حال ۾ بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي ۽ آخر ۾ انھي سڀني براين جو ذميوار عورت کي ئي سمجھيو وڃي ٿو  ۽ هڪ بيواھه يا طلاقيل عورت جي زندگي هڪ ٻرندڙ آتش فشان ھوندي آهي پنھنجي ٻارن جي پرورش ڪرڻ ۽ زماني جون زهريليون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي عورت ٿڪجي پوندي آهي يا نوڪرين جو مردن جي ڀيٽ ۾ گھٽ هجڻ يا وري ڪم وارن جاين تي ٿيندڙ هراسمينٽ جا واقعا هجن ھڪ عورت ئي هوندي آهي جيڪا هرهڪ شيءَ کي نظرانداز ڪندي هلندي پئي آهي پر انهي عورت جي برداشت جي سگھه جيڪا سڀني کان وڌيڪ هجي ٿي سا آخرڪار جواب ڏئي ڇڏي ٿي ۽ اتان کان ئي هڪ عورت پڻ بيزار ٿي پوندي آهي ۽ پنھنجي مسئلن ۽ ماڻھن جي روين کان تنگ ٿي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ذھني توازن وڃائي ويھندي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن وري خودڪشي ڪري ڇڏيندي آهي.

ساڳيو حال اڄڪلھه جي نوجوانن جو پڻ آهي. مقابلي بازي جي جنون جتي انسانن کي انتهائي حد تائين جنوني بڻائي ڇڏيو آهي اتي بيگانگي ۽ احساس محرومي پڻ ڪيترن ئي نوجوانن کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي اڄڪلھه جي جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ هڪ نوجوان جڏهن پنھنجي ڪنھن دوست وٽ مھانگيون برانڊيڊ شيون ڏسندو آهي ته کين اها حسرت جاڳندي آهي ته ڪاش اهي شيون مون وٽ به هجن يا پوءِ هو پنھنجي والدين سان فرمائش ڪندو آهي پر اهي غريب هجڻ جي ڪري پنھنجي اولاد جون فرمائش پوري نه ڪري سگھندا آهن  ايئن اهو نوجوان پڻ احساس محرومي جو شڪار ٿي پوندو آهي يا وري تعليمي ادارن ۾ سهولتن جي اڻھوند جي برعڪس ٿيندڙ پڙهائي يا استادن جي حراسمينٽ هجي يا تازو ئي تعليمي ادارن مان فارغ ٿيل نوجوان جيڪي نوڪري جي آس سان بيروزگار سماج ۾ داخل ٿيندا آهن پر نوڪريون اڻلڀ ھجڻ ڪري انھن نوجوانن جي عمر تعليمي دستاويزن جون فوٽو ڪاپيون ڪرائيندي گذري ويندي آهي. ۽ نيم بيروزگاري جي عالم ۾ اهو شخص پڻ مايوس ٿي ويھي رھندو آهي. پڙهيل لکيل نوجوان به اڻپڙھيل نوجوانن جيان دربدر آھن منصوبه بند معيشت ۽ نظام جي نااهلي جي ڪري جتي نيون نوڪريون اٽي ۾ لوڻ برابر آھن اتي هڪ گريجوئيٽ کي تقريبن گهڻو ٿو ڀوڳڻو پوي. يونيورسٽي جي چار سالن جي پڙھائي دوران والدين اميدون لڳائي ويٺا هوندا آھن ته ڪڏهن ٿو پٽ نوڪري چڙھي ۽ گريجوئيشن کانپوءِ جڏهن نوجوان هن نظام ۾ ڪم لاءِ اچي ٿو ته کين قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي ڇو جو هن سسٽم ۾ ايتري اهليت ئي ڪونهي جو هو نوجوان کي نوڪري ڏيئي سگهي ۽ ايئن ئي اتان کان انهي نوجوان جي مايوس ۽ اجهاميل زندگي جي شروعات ٿيندي آھي. زياده تر تعليم جو رجحان انهن مضمونن جي طرف آھي جيڪي انتهائي غيرمعياري غيرپيداواري ۽ سمجھڻ کان عاري نوجوان پيدا ڪندا آهن. اسانجي سماج ۾ جتي اسٽڊي سرڪلس ۽ ٻيون سرگرميون نه هجڻ ڪري نوجوانن ۽ شاگردن ۾ سکڻ سمجهڻ ۽ مسئلن جا بنيادي ۽ نج سائنسي بنيادن تي حل ڳولڻ جهڙين شين جي کوٽ آھي ۽ انهي ئي ڪري نوجوان پنهنجي مايوسين ۽ بربادين جو سبب پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ لڳي ٿو ۽ ايئن پنهنجي اونداهي زندگي جي اٿاھه گهراين ۾ هليو ويندو آھي ۽ انهي ۾ هڪ شديد قسم جي نفرت ۽ بغاوت جنم وٺندي آھي ۽ جنهن جا ڪيترائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا آھن ۽ آخرڪار هو به پنهنجي زندگي جي پڄاڻي خودڪشي سان ڪندو آھي.

انھي سڀني ڳالهين مان نتيجو اهو نڪري ٿو ته حقيقي انساني زندگي جي تعمير لاءِ غير طبقاتي سمج جو هجڻ لازمي آهي. هي اهو ئي سماج ھوندو جنھن ۾ انسان هڪٻئي سان کلي ملي سگھندو هڪٻئي سان ڏک سور ونڊي سگھندو ۽ اهڙي سماج جو تصور هڪ منصوبابند معيشت ۾ ئي ڪري سگھجي ٿو .