پنجاب ۾ ن ليگ کي شڪست ڪيئن ملي؟

0
208
پنجاب ۾ ن ليگ کي شڪست ڪيئن ملي؟

گذريل رات پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن چوڌري پرويز الاهيءَ تي اعتماد جو اظهار ڪيو، جنهن کان پوءِ چوڌري پرويز الاهي عمران خان سان ملاقات ڪري ان اسيمبلي کي تحليل ڪرڻ جي سمريءَ تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن اسيمبليءَ رات ئي مٿس اعتماد ڪيو هو، هي اهڙو اعتماد جو اظهار هو جنهن جي عمران خان واري پارٽيءَ سميت پي ڊي ايم وارن کي اها پڪ هئي ته جيڪڏهن اهڙو اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ چوڌري پرويز الاهي ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ هوپنجاب اسيمبليءَ کي تحليل ڪري ڇڏيندو پر چوڌري پرويز الاهيءَ جي پنهنجي پارٽي ق ليگ وارن جون خبرون اهي اچي رهيون هيون ته چوڌري پرويز الاهي واعدو ڪيو آهي ته مون کي اعتماد جو ووٽ ڏيو ته مان اسيمبلي نه ٽوڙيندس. هاڻ خبر ناهي ته چوڌري پرويز الاهيءَ اهڙا واعده ڪنهن ڪنهن سان ڪيا هوندا، اهڙن رازن تان پردو ته ايندڙ وقت ۾ کڄندو پر هينئر تائين جي صورتحال ۾ چوڌري پرويز الاهي به اهو سمجھي ورتو هو ته سندس سياسي مستقبل عمران خان سان جڙيل آهي، جيڪڏهن هو سمري تي صحيح نه ڪري ها ته پوءِ عمران خان وارن سان جيڪو پنجاب جي چونڊن ۾ سندس فارمولو طئي ٿيل آهي ان حصيداريءَ جو ڇا ٿئي ها، هونئن ته چوڌري پرويز الاهي پاڻ به اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي حق ۾ نه هو پر عمران خان  جي انهيءَ ڳالهه جو وزن وڌيڪ پارٽيءَ تي به حاوي نظر آيو ته جيڪڏهن اسيمبليون تحليل نه ٿيون ته عوام ۾ مقبوليت نه رهندي، بيانيي کي نقصان پهچندو، مطلب عمران خان جيڪو ڪجھه لانگ مارچ ذريعي حاصل ڪرڻ گهري پيو ان اهو سڀ ڪجھه پنجاب ۽ ڪي پي  حڪومتون تحليل ڪرڻ واري اعلان سان حاصل ڪرڻ جو ذهن ٺاهي ڇڏيو هو، اهو ساڳيو پرويز الاهي ئي آهي جنهن رڳو هڪ هفتو اڳ چيو پئي ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت توهان جي نه هجي ها ته توهان کي خبر پئجي وڃي ها، مونس الاهي به ڪٿي ان ڪري ته نه ملڪ کان ٻاهر هليو ويو؟ هن پاڻ ئي ته چيو پئي ته اسان جا نالا نو فلاءِ واري دائري ۾ اچي ويا آهن، مطلب ته پرويز الاهي خاندان کي اها خبر آهي ته جيڪڏهن اسيمبليون نه رهيون انهن اسيمبلين جي ڊزالو ٿيڻ سان قومي اسيمبلي برقرار رهي، شهباز شريف وزيراعظم رهيو ته پوءِ ڪجھه به ٿي سگھي ٿو، جڏهن کان شهباز شريف جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان عمران خان لاهور ۽ پشاور ۾ رهڻ شروع ڪيو آهي، جيڪڏهن اهي حڪومتون نه رهيون ته پوءِ عمران خان چوڌري پرويز الاهيءَ سميت ڪٿي رهندو؟

اهڙو ئي سوال ن ليگ وارن کي به پريشان ڪري رهيو آهي، جيڪي ن ليگ وارا هينئر تائين سوچي رهيا آهن ته اسان کي حڪومت وٺڻ نه گھرجي ها، هاڻ اها ن ليگ سوچي رهي آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو ته پوءِ قوم کي اسان ڪهڙي خوشخبري ڏيون ته ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائي ورتو، قوم اسان جي اهڙي خوشخبري برداشت ڪري سگھندي جنهن معاهدي کان پوءِ مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيندو، جيڪڏهن معاهدو نٿا ڪريون ته ملڪ سريلنڪا بڻجي ٿو وڃي، جيڪڏهن معاهدو ڪريون ٿا ته مهانگائي ٿيندي، اهڙي موقعي تي شهباز شريف وزيراعظم هوندي مهانگائي ڪري جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز به اچي اليڪشن مهم هلائين ته ڪهڙو جواب ڏين، مطلب نواز شريف ۽ مريم نواز کان عوام اهو ئي سوال نه ڪندو ته وزيراعظم ته توهان جو شهباز شريف آهي جيڪڏهن ڪو سوال ڪري نه ڪري عمران خان ته چونڊ مهم ئي ان بنياد تي هلائيندو. هاڻ ته شهباز شريف به جيڪڏهن قومي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جو اعلان ڪري ته ان جو مقصد عمران خان جي فتح جو هن پاڻ اعلان ڪري ڇڏيو. اهو به سوچيندا هلو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ۽ ڪي پي  ۾ چونڊ مهم هلي ٿي ته پوءِ بلاول ڀٽو پارٽي چيئرمين جون ذميواريون نڀائيندو يا پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ دورن تي هوندو.

ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت پرڏيهي ملڪن ۾ آهي، جتي ڪوششون ٿي رهيون آهن ته ملڪ کي معاشي صورتحال کان ٻاهر ڪڍجي، جڏهن ته ملڪ اندر ٽي ٽي پي جي دهشتگرد جو معاملو به آهي، عالمي سطح تي ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ واريون ڪوششون ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيون آهن ، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ جنيوا ۾ ڪاميابيءَ کي اميد کان وڌيڪ قرار ڏنو، هاڻ شهباز شريف وارا چون ٿا ته ملڪ کي هن حالت ۾ عمران خان آندو، معاشي بارودي سرنگھون هن وڇايون، اسان اچي نه رڳو پنهنجي مقبوليت قربان ڪئي پر عالمي سطح تي ملڪ کي معاشي سطح تي ڪامياب به ڪيو  هاڻي اسان ڪنهن کي ٻڌايون ته اسان جي ڪارڪردگي ڪيڏي وڏي آهي، هڪڙي پاسي عمران خان پيو چوي ته مان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلين جي قرباني ڏني آهي ته ٻئي پاسي شهباز شريف وارا پيا چون ته پنهنجي مقبوليت داءَ تي لڳائي اسان ملڪ بچائڻ واري قرباني ڏني آهي.

اهو سوال پهريان بحث ڪرڻ گھربو هو ته جيڪڏهن پرويز الاهي وٽ اڪثريت هئي ته پوءِ هن اعتماد جي ووٽ وٺڻ جو وقت رات جو ٻارهين وڳي کان پوءِ ڇو چونڊ ڪئي، تحريڪ انصاف کي ته رات جا 12 ناهن وڻندا، عمران خان پنهنجي اعتماد واري ووٽ وقت رات جو ٻارهين وڳي عدالتن جي دروزان کلڻ تي هينئر تائين سوال ڪندو رهندو آهي، جڏهن شيرين مزاري گرفتار ٿي هئي تڏهن به عدالتون کليون هيون، تڏهن به عدالت حڪم ڪيو هو ته شيرين مزاريءَ کي رات تائين عدالت ۾ پيش ڪيو، ان وقت صحافين چوڌري فواد کي چيو هو ته توهان ته رات جو 12 هين وڳي عدالتون کلڻ تي اعتراض ڪيو هو جنهن تي چوڌري فواد چيو ته هينئر شيرين مزاري کي ساڍي يارهين وڳي پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي. هاڻ خبر ناهي ته جتي چوڌري فواد وارن جي پنهنجي حڪومت هئي، جتي سندس چواڻي ته اڪثريت هئي، اتي رات جو هڪ وڳي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟

هونئن ته اهڙن معاملن ۾ عدالتي فورم تي عمران خان وارن کي به ڪاميابي ملي آهي ته نوازشريف ۽ آصف زرداري وارن کي به ڪاميابي ملي آهي، مثال طور جڏهن سينيٽ ۾ يوسف رضا گيلاني، صادق سنجراڻيءَ کان هارائي ويو هو تڏهن ووٽ يوسف رضا گيلانيءَ جا وڌيڪ ئي رڳو نه هئا پر سڄي دنيا کي خبر هئي ته سينيٽ ۾ ن ليگ ۽ پ پ پ وارن جي اڪثريت آهي پر اهي هارائجي ويا، اهڙو معاملو سالن کان عدالتي احاطي ۾ آهي، جڏهن ته عمران خان خلاف عدم اعتماد واري معاملي تي عدالت جلد تحرڪ ۾ آئي جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان کي گھر وڃڻو پيو هاڻ به پنجاب اسيمبلي کان وڌيڪ هي جنگ قانوني جنگ نظر آئي جيڪڏهن قانوني جنگ نه هجي ها ته پنجاب اسيمبلي ڊسمبر ۾ ئي تحليل ٿي وڃي ها. هينئر تائين جي هن سياسي جنگ ۾ عمران خان جي سوڀ تصور ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ن ليگ کي مڪمل طور تي ناڪامي نصيب ٿي رهي آهي، ن ليگ حمزه شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير ڪيو پر اهو برقرار رهي نه سگھيو، ن ليگ پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ خراب طرح ناڪام ٿي، هينئر پنجاب اسيمبليءَ ۾ انهن کي شڪست ملي آهي، اهڙي سياسي صورتحال ۾ جيڪڏهن نوازشريف ۽ مريم نواز واپس به ايندا ته انهن لاءِ ڇا شهبا زشريف وارن بچايو هوندو، اهو اهڙو سوال آهي جيڪو ن ليگ وارن کي پريشان ڪري رهيو آهي.