سياسي صورتحال معاشي حالتون وڌيڪ خراب ته نه ڪندي!

0
207
سياسي گرمي ۽ مڪاني چونڊن ۾ وسري ويل ٻوڏ متاثر

هڪڙي سياسي بحران مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته ٻيو بحران سامهون ڪر کڻي بيٺل نظر اچي ٿو جنهن ڪري ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي ۽ ملڪ جون معاشي حالتون سڌرن نه ٿيون ۽ عوام ڏينهون ڏينهن مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي.ملڪ جو وڏو صوبو ڪيتري وقت کان وٺي انهي سياسي بحران سبب ڄڻ ته مفلوج بڻيل آهي ڪڏهن آئيني بحران ته ڪڏهن سياسي بحران ان جي جان ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ٻين صوبن ۾ وري به انڌو منڊو صوبائي ڪاروهنوار هلي رهيو آهي پر پنجاب ۾ خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪهڙي ڏينهن ڇا ٿيڻو آهي.هن وقت به اها صورتحال آهي جو پنجاب جي وڏي وزير اڌ رات جو اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ته وري اتان جي مخالف ڌر جيڪا وفاق ۾ حڪومت ڪري رهي آهي ان عمل کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ لڳي ٿو معاملو وري عدالت ڏانهن ئي ويندو هونئن به ڪيتري وقت کان وٺي پنجاب جو حڪومتي معاملو عدالتن ذريعي ئي هلي يا حل ٿي رهيو آهي. ڏسون ته هاڻي اهو معاملو ڪٿي ٿو دنگ ڪري پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته پنجاب جو بحران حل نه ٿيڻ جا وڏا اثر وفاق تي به پئجي رهيا آهن ته ملڪ جي معيشت به انهي بحران سبب شديد متاثر ٿي رهي آهي.

ملڪ هن وقت جنهن معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي ان مان نڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام انتهائي ضروري آهي جنهن لاءِ سڀني ڌرين کي معاشي معاملن تي گڏ ويهي ويچارڻو پوندو نه ته  صورتحال بهتري طرف نه ويندي پر هتي قصو ئي ابتو نظر اچي رهيو آهي. معاشي معاملن تي ڳالهائڻ بدران سياسي ۽ حڪومتي معاملا ئي ايترا بگڙيل نظر اچي رهيا آهن جو روز ڪو سياسي يا حڪومتي بحران آڏو اچي ٿو وڃي ۽ ڌريون معاملا  پاڻ ۾طئي ڪرڻ بدران عدالتن ڏانهن هليون ٿي وڃن. پنجاب ۾ ته گذريل ڪجهه مهينن کان گهٽ ۾ گهٽ اهڙي صورتحال آهي. اڃا جنيوا ڪانفرنس کي ڪجهه ڏينهن ئي مس گذريا آهن ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عالمي امداد جو آسرو مليو آهي ته ملڪ ۾ وري سياسي صورتحال خراب کان خراب تر ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي. آءِ ايم ايف سان ڳالهين ذريعي قرض ملڻ جو به آسرو آهي جنهن کانپوءِ دوستن ملڪن کان به وڌيڪ سهڪار  جا رستا کلي سگهن ٿا پر اهو سڀ ڪجهه هوندي ملڪ ۾ جاري سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ جي ڪا به اميد نظر نه پئي اچي. جنهن انداز ۾ پنجاب جي وڏي وزير گذريل رات جو 12هين وڳي کانپوءِ اعتماد جو وو ٽ ورتو آهي انهي سان نه رڳو سياسي لڙائي ۽ بحران وڌيڪ تيز ٿيو آهي پر سياسي ڌرين ۽ پارليامينٽ جي ساک کي به ڌڪ رسيو آهي، جڏهن ته مخالف ڌر وري انهي معاملي تي ٻيهر عدالت ڏانهن وڃڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي. عمران خان اڳ ئي اهو اعلان ڪري چڪو آهي ته جيئن ئي پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺندو تيئن ئي پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙيون وينديون.مطلب هاڻي انهن اسيمبلين ٽوڙڻ آڏو سواءِ پريوز الاهي جي ٻي ڪا به رڪاوٽ ناهي.ڇا به ٿئي پر لڳي ايئن ٿو ته اهو سياسي بحران حل ٿيندي نطر نه ٿو اچي جيڪو ئي معاشي عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هي سياسي ڌرين جو امتحان آهي ته اهي ملڪ کي هن معاشي  بحران جي ڌٻڻ مان ڪيئن ٿيون ڪڍن، ڇاڪاڻ ته، نه اسيمبليون ٽوڙڻ مسئلي جو حل آهي نه ئي وري هن بحراني صورتحال ۾ وڌيڪ رهڻ سان ڪو مسئلو حل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.جيڪڏهن سياسي ڌريون پنهنجون سياسي ايجنڊائون پاسي تي رکي ملڪ جي معاشي مسئلي تي ويچارڻ لاءِ گڏ ويهي ڪو فيصلو نه ٿيون ڪن تيسائين نه ئي سياسي بحران ختم ٿيندو ۽ نه ئي معاشي مسئلو حل ٿي سگهندو.ڀلي جنيوا ڪانفرنس سان هڪ اميد پيدا ٿي هجي پر سياسي عدم استحام ملڪي معاشي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيندو جنهن کان ئي بچڻ جي ضرورت آهي.