مٽياري: سيکاٽ واسڻ اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو

0
59

مٽياري: سيکاٽ واسڻ اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي شمائلا ڪلھوڙو جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو

وڊيو بيان ۾ ناري شمائلا ڪلهوڙو چيو آهي ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو،  عبدالرحيم سان هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ پرڻو ڪيو آهي

ناري مطالبو ڪندي چيو ته پسند جي شادي بعد مائٽ مارڻ چاهين ٿا، مائٽن مان حياتي کي خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي

3ڏينهن اڳ شاگردياڻي جي والد سندس اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي