ڪرداريت يا بھيوير-ازم نظريو

0
163
ڪرداريت يا بھيوير-ازم نظريو

سکڻ جو عمل ھر مخلوق جي پنھنجي وجود کان به گهڻو پراڻو ھوندو آھي يعني ڪنھن مخلوق جي موجوده شڪل جي ابتدائي نقطي تي به ان ۾ لکن سالن جي ارتقائي عمل بدولت ڪروڙين بھترين ۽ مقابلي واريون موروثي خاصيتون بقا جي فطري چونڊ جي اصول تحت موجود ۽ سرگرم رھيون ھيون. ان سلسلي ۾ موجودہ انساني نسل جي سڀ کان پھرئين انساني جوڙي کي پڻ بھترين خاصيتن جي فطري چونڊ جي ارتقائي عمل يقينن ڪروڙين موروثي خاصيتون ارپيون ھيون جن کي بنياد بڻائي ھن ڌرتيءَ جي گولي تي انيڪ خطرن جي وچ ۾ پنھنجي بقا جي جنگ جوٽي ھئي! نفسيات جي حوالي سان انسانن ۾ سکڻ جي سائنسي اپٽار جا سندن خارجي ۽ داخلي دنيا جي اثرن سان تعلق رکندڙ ٻه وڏا نظريا جھڙوڪ ڪرداريت (Behaviorism) ۽ اندروني مظھريات (Phenomenology) تمام اھم رھيا آھن پر اسان ھتي انساني سکيا سان تعلق رکندڙ ۽ ماضي ۾ تعليمي ادارن ۾ راڄ ڪندڙ ڪرداريت يا بھيوير-ازم بابت بحث ڪنداسين.

                 ڪرداريت يا بھيوير-ازم نظريو ويھين صدي جي ٻئين ڏھاڪي (۱۹۱۳) کان ڇھين ڏھاڪي جي وچ (۱۹۶۵) دوران نفسيات ۽ تعليم ۽ تربيت جي شعبن ۾ ڇانيل رھيو. ھن جو باني جيتوڻيڪ جي-بي واٽسن (J.B Watson) چيو ويندو آھي پر ھن تي روس جي آئيوان پيٽرووچ پائولو (I.P. Pavlov) ۽ آمريڪا جي بي-ايف اسڪنر (B.F. Skinner) پڻ تمام گھڻو ڪم ڪيو ۽ اڳتي وڌايو. شروع ۾ ھي نظريو جانورن جي فطري محرڪ ۽ ان جي خودڪار ردعمل (Stimulus & Response) وارن تجربن تائين محدود ھو پر بعد ۾ خاص طور تي اسڪنر انسانن تي انيڪ تجربا ڪندي ان کي ابتو ڪري ارادي ردعمل ۽ انعامي محرڪ (Response & Stimulus) طور ان نظرئي جو ھڪ نئون پاسو پيش ڪيو. ڪرداريت يا بھيوير-ازم جو ھي نئون پاسو (آلاتي تشريط Operant Conditioning) اصل ۾ انسانن جي ارادي ردعمل ۽ محرڪ جي وچ ۾ ھڪ ھٿرادو تشريط (Conditioning) پيدا ڪرڻ جو عمل آھي. مثال طور ھڪ ٻار کي استاد الف اک، بي بدڪ، ٻي ٻڪ وغيرہ پڙھائڻ دوران الف (ا)، بي (ب)، ٻي (ٻ) وغيرہ لکيل اکر ڏيکاريندو آھي ۽ ڪافي ڏينھن ۽ ھفتن تائين اھڙو ورجاءُ ۽ مشق پيو ڪرائيندو آھي؛ صحيح تلفظ تي ٻار کي انعام طور مسڪراھٽ، شاباس، ۽ پٺي ٺپڻ جھڙا انعام ڏيندو رھندو آھي، اھڙي طرح اھو ٻار الف بي جا سڀ اکر ۽ انهن جا آواز سڃاڻڻ ۽ پڙھڻ سکي ويندو آھي؛ اڳتي ھلي ٻار روايتي تعليم جي تشريط ذريعي لفظ، جملا ۽ سبق توڙي انگ ۽ حساب ڪتاب پڙھڻ، لکڻ سان گڏوگڏ دنيا جھان جا علم سکي ويندو آھي. ٻئي پاسي وري معاشرتي تشريط ۽ غير رسمي تعليم ذريعي ٻار گهر ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي، ثقافت، مذھب، صحيح غلط جا تصور توڙي مختلف خوف ۽ وھم وغيرہ سکندو آهي.

ڪرداريت جي نظرئي جو اھم نقطو اھو آھي ته انسان جي سکيا ۾ بيروني ماحول يا ماحولياتي محرڪات تمام اھم ڪردار ادا ڪن ٿا پر انسان جي اندروني محرڪات جھڙوڪ ذاتي پسند ناپسند ۽ فطري يا پيدائشي صلاحيتن کي ھي نظريو رد ڪري ٿو يا اھميت نه ٿو ڏئي. ھن نظرئي کي جزا ۽ سزا جو نظريو پڻ چيو ويندو آھي. ھتي جزا يا انعام (Reinforcement) جو مطلب ھر اھا مادي شيءَ (ٽافي، کاڌو، مشروب، پيسو، مادي آسائش جھڙوڪ گھر، بنگلو، ڪار وغيرہ) يا غير مادي شيءَ (تعريف، مسڪراھٽ، پٺي ٺپڻ، دوستي، جنسي لاڳاپو، عزت، رتبو، شھرت، آرام  يا مزو) آھي جيڪا ڪنھن ماڻهو جي مخصوص ردعمل کي مضبوط ڪري (يعني ان ردعمل جي تعداد کي وڌائي يا برقرار رکي). جيڪڏھن ان ماڻهوءَ جي مخصوص رويي/عمل جي عملي اظھار ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته انعام طور پيش ڪئي ويندڙ شيءَ يا سھولت انعام طور ڳڻي نه ٿي سگهجي. ان جو مثال ھي آھي ته جيڪڏھن ڪو ماڻهو ڪنھن عمل يا ڳالهه لاءِ ھڪ مھانگي ڪار تحفي ۾ ملڻ جي باوجود به ھائوڪار نه ٿو ڪري ته ھن نظرئي مطابق اھا ڪار ان ماڻهوءَ لاءِ انعام ھرگز نه آھي، پر جيڪڏھن ساڳيو ماڻهو پنھنجي محبوب جي ھڪ مسڪراھٽ جي عيوض ساڳئي عمل لاءِ ھائوڪار ڪري ۽ اھو عمل دھرائي ته اھا مسڪراھٽ يقينن ھڪ مؤثر انعام (Reinforcer) جي زمري ۾ اچي ٿي. ان ڪري ھن نظرئي تحت انعام جو تصور گهڻو تڻو موضوعي يا فرد جي ذاتي پسند ناپسند يا ترجيح تي انحصار ڪري ٿو. ٻئي پاسي ھن نظرئي ۾ سزا جو پڻ تصور موجود آھي. ھن مطابق سزا انسان جي مخصوص ردعمل/رويي/ڪردار کي تڪڙو پر وقتي طور دٻائي ڇڏيندي آھي يعني اڳتي ھلي اھو ردعمل يا رويو وري عملي طور ظاھر ٿيڻ لڳندو آھي. ان کان سواءِ سزا ڏيندڙ ۽ سزا کائيندڙ ٻئي ڌريون ھڪ پاسي تشويش، احساس جرم ۽ شرم جو شڪار ٿينديون آھن ته ٻئي پاسي وري جسماني ۽ جذباتي ڀڃ-ڊاھه جو شڪار پڻ ٿينديون آھن. انڪري اسڪنر ناخوشگوار رويي کي جسماني سزا (ڏنڊي يا چماٽ ھڻڻ) توڙي غير جسماني يا نفسياتي سزا (لفظي يا اشارتي بيعزتي جھڙوڪ ٿڪ لعنت، دڙڪو، ٽوڪ، تنقيد وغيره، يا گھرو ڪم جو وڌيڪ بار وجهڻ، فائدن يا مراعات جو گهٽ ڪرڻ يا بند ڪرڻ، امتحانن يا ٽيسٽن کي سزا طور استعمال ڪرڻ وغيرہ) سان ختم ڪرڻ کي مناسب نه سمجهندو ھو. اھو ئي سبب آھي جو تعليمي ادارن ۾ اڄ به ھر قسم جي مار تي پابندي آھي.

ڪرداريت جا حامي بظاھر ھڪ وڏي ۽ ناقابل عمل ڪم يا ڪرتب کي ننڍن سکڻ جوڳن حصن ۽ ھنرن ۾ ٽوڙڻ، ھر ھڪ حصي جي گهربل مھارتن کي مناسب عرصن ۾ جزا يا انعام ڏيڻ جي وٿي ۽ تناسب جي مخصوص اصولن کي استعمال ڪندي اھو ناممڪن ڪم يا ڪرتب سيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انھن پکين، مڇين ۽ جانورن کي اھڙا ڪم ۽ ڪرتب سيکاري ڇڏيا ۽ اڄ تائين سيکاري رھيا آھن جو انسانن کي به ڏندين آڱريون اچي وڃن! اسڪنر ايتري قدر دعويٰ ڪندو ھو ته  کيس  فقط ھڪ عام رواجي صحتمند ڄاول ٻار ڏيو پوءِ ھو ان ٻار کي توھان جي خواھش مطابق  ھڪ ڪامياب ڊاڪٽر، انجنيئر يا  سائنسدان وغيرہ بڻائي ڇڏيندو! ان حوالي سان اسڪنر فرد جي انفرادي سطح کان ھڪ قدم اڳتي وڌي انسانن جي روين ۽ عملن جي ٽيڪنالاجي (مخصوص سماجي روين، عملن ۽ ڪردارن جي سائنسي طرز تي وڏي پيماني تي نشونما) جي گهر پڻ ڪئي ھئي. اھو مطالبو يقينن ھڪ انتھاپسندي وارو مطالبو ھو ڇو ته موجودہ وقت ۾ اھڙي دعويٰ سان ملندڙ جلندڙ نارٿ ڪوريا جي عوام جي آزادي ۽ سوچ تي حڪومتي تسلط ڪنھن به سڄاڻ ڌر کي پسند ڪونهي! باقي اسڪنر جا ٽيچنگ-مشين ۽ پروگرامڊ لرننگ جا تصور بلڪل ڪارگر ھئا جن کي ھاڻوڪي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي اڄ جي ٻارن جي سکيا لاءِ اڃا وڌيڪ بھتر  بنائي ڇڏيو آھي. گذريل صنعتي انقلاب توڙي موجودہ سليڪان انقلاب جون سڀ ايجادون، دريافتون ۽ ترقيون وڏي واڪي ڪرداريت يا بھيوير-ازم ۽ سائنس جي مؤثر ۽ ڪامياب ھجڻ جو ڏس ڏين ٿيون. ھن ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته سائنسي ترقي بدولت ئي اڄ جو انسان ڌرتي ۽ چنڊ کان ڏور مريخ تائين مار ڪري رھيو آھي.

سن ۱۹۶۰ع جي ڏھاڪي جي پڇاڙي کان سماجي سائنسدانن، فلاسافرن ۽ نفسياتدانن خالص/بنيادي ۽ سماجي سائنسز جي طريقن ۽ نظرين ۾ فرق ڪرڻ ۽ اختلاف ڪرڻ شروع ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ متعلقه فلسفن جي ٻن ڌڙن پازيٽوزم (Positivism) ۽ انٽرپريٽوزم (Interpretivism) جي حامين ۾ پڻ نظرياتي جنگ ڇڙي وئي. پازيٽوزم مڪتبه فڪر مطابق سچائي معروضي طور انسان جي ذھن کا ٻاھر فطرت ۾ پنھنجو الڳ وجود رکي ٿي. دنيا توڙي ڪائنات جو نظام فطري يا سائنسي قائدن ۽ قانونن تحت روان دوان آھي ۽ اھي انسانن تي پڻ لاڳو آھن. ھن مطابق انسان بذات خود ڪو تخليقڪار نه آهي پر دنيا ۽ معاشرو ان جي صلاحيتن جي تشڪيل ڪندڙ آھي. ٻئي پاسي انٽرپريٽوزم مڪتبه فڪر مطابق سچائي ٻاھرين دنيا ۾ نه پر انساني ذھن ۾ پنھنجو وجود رکي ٿي ۽ سچائي ھڪڙي ۽ معروضي نه آھي پر موضوعي طور ان جا انيڪ قسم ۽ رنگ آھن. ھن مطابق انسان مفعول نه پر فاعل ۽ سرگرم آھي ۽ ھو شين، تصورن ۽ نظرين جو تخليقڪار آھي ۽ ھر شيءَ کي مخصوص معنيٰ ڏيندڙ پڻ آھي.

مٿئين بحث مان اھو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته انساني سکيا ۽ ڪردار جي تشڪيل ۾ ڪرداريت يا بھيوير-ازم نظريو انسان جي اندروني جذبن جھڙوڪ پسند ناپسند ۽ فطري يا موروثي خاصيتن بجاءِ ٻاھرئين ماحول جي اثرن  کي قبول ڪندڙ آھي ٻين لفظن ۾ معاشرو ئي انسان جي جسماني، ذھني جذباتي ۽ سماجي تشڪيل ڪندڙ آھي. ھن مطابق ٻاھرين خاص ڪري سائنسي دنيا ئي انسانن ۾ انفرادي توڙي اجتماعي ڪردارسازي جو محرڪ آھي. ھي نظريو ماضي ۾ سندس رد نظرين (نفسيات ۾ فنومينالاجي ۽ فلسفي ۾ معنويت يا انٽرپريٽوزم) جي اچڻ تائين دنيا ۾ غالب رھيو ھو. ھن وقت جيتوڻيڪ ھي نظريو رد ٿي چڪو آھي پر انساني سکيا، رويي ۽ ڪردار سازي ۾ اڄ به ھن جا اڪثر اصول ۽ طريقا اھميت جا حامل آھن ۽ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ تعليمي نصاب جو حصو آھن.