پنهنجي معنيٰ جا مالڪ ۽ رضا جا وارث ٿيو!

0
286

 اڄ سنڌ، ننڍي کنڊ ۽ دنيا جي مهان انسان ۽ ڪلاڪار شاهه عبدالطيف جو ڏهاڙو آهي. اڄ سنڌ ۽ عالم جي پورهيت عوام جي مُحسن جو ڏينهن آهي.  جنهن جي ڏات سبب ڏُکيون ڏِک ويٺيون، هيڻن هٺُ ۽ پانڌيئڙن پيرُ لڌو. هراُهو فن لافاني ۽ فنڪار عظيم آهي جيڪو انسانيت جي اعليٰ قدرن سان پيهيل آهي. اِهي اعليٰ قدر آهن، امن، پيار، آزادي، برابري، انصاف، جدوجهد، قُرباني، وطن، پورهيت، عورت ۽ ماحول دوستي. جيڪو به انهن منجهه کُٽي ٿو سو پنهنجي ئي ماڻهپي جي قد ۾ مار ٿو کائي ۽ جيڪو به انهن قُدرن ۾ سگهو آهي تنهن کي نه موت نه ميار.

بُلي شاه اسان مرڻا ناهين

گور (قبر) پيا ڪوئي هور

مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

مر مر جهڙي نِت نا هوئي

او تان رهسن جون  دي موهي

                 ماڻهوءَ لاءِ زندگي ۽ موت ٻئي هميشه کان سوال رهيا آهن. فيلسوف، فنڪار، عاشق، سائنسدان ۽ عوامي سياستدان موت ۽ حيات جي پروليءَ کي سمجهڻ ۽ سِڌي ڪرڻ ۾ پنهنجو پگهر ۽ عُمر ٻئي ڏيندا رهيا، ڪائنات ۾ ذات جو ۽ ذات ۾ ڪائنات جو پنڌ ڪندا رهيا. ماڻهو حياتياتي وجود ۾ حيثيت ۾ نشاستي، سڻڀ ، لحميات کانسواءِ، سماجي وجود جي حيثيت ۾  پورهئي کانسواءِ ۽ روحاني وجود جي حيثيت ۾ معنيٰ کانسواءِ نه ٿو رهي سگهي. ٻي مهاڀاري جنگ دوران قيد ٿي ويل جڳ مشهور نفسياتدان فرينڪلن جو به اِهو ئي تجربو هو ته  چوڌاري  قيد ۽ بند، بي رحم ۽ نه کُٽندڙ تشدد، موت، بي وسي، بي حسي ۽ قطعي نااميدي باوجود صرف اُهي ماڻهو ئي جيئرا رهي سگهيا جن وٽ پنهنجي زنده رهڻ جي ڪا نه ڪا معنيٰ سانڍيل هُئي. جيئن ليکڪ وٽ پنهنجي وڇڙيل زال سان مِلڻ ۽ پاڻ مٿان ٿيل سموري وارتا تي تخليقي ڪتاب لکڻ جي معنيٰ هُئي.  معنائن جي ان لازميت کي صرف محڪوم ۽ مظلوم نه پر حاڪم ۽ ظالم پڻ سمجهندا آهن تنهن ڪري اُهي ڪوڙين معنائن جو هڪ ڄار اُڻيندا رهنداآهن جنهن ۾ هر نئون ڄاول ٻار پنهنجي سماجي تربيت دوران ڦاسندو ويندو آهي. تنهن ڪري ئي وڏا چئي ويا آهن ته حقيقي سکيا لاءِ پهريون شرط ئي اِهو آهي ته جو ڪجهه روايت ۽ رواج سيکاريو آهي تنهن مان هٿ پٽجن (in order to learn, one has to unlearn first).

ماءِ وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پانهنجي

جيڪي ڏنئي ڏيج ۾، سو سڀوئي سار

وڃان ٿي وڻڪار، لڌم  پير پنهون جو.

ڪوڙيون پر ٺهيل ٺُڪيل معنائون قبولڻ ۾ جان جو جوکم ڪونهي ۽ رواجي سڀ سُک ميسر ٿي وڃن ٿا.ميٽرڪس (Matrix) فلم جي ڪردار “سائيفر” وانگي جيڪو هڪ گندي سچ تي خوبصورت ڪوڙ کي فوقيت ٿو ڏي ۽ پنهنجي سٿ سان اهو چوندي غداري ٿو ڪري ته   “جهالت نعمت آهي…” ايئن آپيشاهي قوتون ڪوڙين، غلط، بگاڙيل، هڪ پاسائين ۽ اڌ سچين معنائن جي جوڙيل هڪ جهان ذريعي اربين آدم کي غلام ڪيون ويٺيون آهن پر ڇا سج کي کاري هيٺان لڪائڻ ممڪن آهي؟ هالي ووڊ جي فلم (Passion of Christ) ۾ جڏهن حضرت عيسيٰ مٿان سخت تشدد ڪري کيس پنهنجو صليب کڻائي شهر منجهان گذاريو ويندو آهي ته هڪ جاءِ تي هو ٿاٻو کائي ڪري پئي ٿو. ماڻهن جي انبوهه مان سندس ماءُ دنهون ڪندي، کيس پنهنجي جهولي ۾ سنڀالي ٿي ۽ رت ۾ ڳڙندڙ حضرت عيسيٰ پنهنجي روئيندڙ ماءُ کي آٿت ڏيندي اِهو ئي چوندو آهي ته “ڏس امان! مان شين جي معنيٰ بدلائي وڃي رهيو آهيان”. ڇا ضرورت ناهي ته اسان سياست ، ڪامريڊ، انقلاب ۽ آزادي جهڙن ڪمال لفظن کي  فريب، غُنڊو، خام خيالي ۽ ڇڙواڳي جهڙي حڪمرانن جي ڏنل معنائن کان آزاد ڪيون ۽ کين نيئن سِر سرجيون؟. ها جڏهن اسان ايئن ڪنداسين ته باغي سڏباسين،اسان مٿان ڪُل جهان جون تهمتون لڳنديون، اسان جا قافلا ڪُسجندا،  اسانجي خيمن کي باهيون ۽ اسانجي سِرن کي نيزي تي سجايو ويندو. اِهو سڀ ٿيندو پر پوءِ به هو اسانکي ماري ڪونه سگهندا. اسان ئي انسانيت جي اعليٰ قدرن جا علمبردار آهيون ۽ انسانيت يا عوام ڪڏهن نه آهي مرندو.

جڏهن ڪو شاعر ڳائيندو آهي

تڏهن به شاعري ٿيندي آهي

۽ جڏهن هو روئيندو آهي

تڏهن به شاعري ٿيندي آهي

شاعري ڪرم (ڪِرت) آهي

جيڪو مان ڪندو آهيان

پوءِ به ماڻهو مونکان پُڇندا آهن

او باغي! او ودروهي! تون ڇا ڪندو آهين؟

مان هاري آهيان

آسمان (جنت) ۾ پوکي پيو ڪيان

ڪجهه ماڻهو چون ٿا اي چريا!

آسمان ۾ پوکي ناهي ٿيندي

مان چوندو آهيان اي چرئو!

جيڪڏهن زمين تي خُدا ٿي سگهي ٿو

ته آسمان (جنت) ۾ پوکي به ٿي سگهي ٿي.

۽ هاڻ ته ٻنهي مان هڪ ٿيڻي ٿي رهڻي آهي

يا ته زمين مان خُدا اُڀرندو

يا آسمان ۾ پوکي ٿيندي.

عورتون روئينديون رهن ٿيون

مردَ ماريندا رهن ٿا

عورتون روئين ٿيون

مردَ ويتر مارين ٿا

عورتون اڃا زور سان روئين ٿيون

مردَ اڃا زور سان ايترو مريندا رهن ٿا

تان جو عورتون مري وڃن ٿيون

تاريخ ۾ اُها پهرين عورت ڪير هُئي

جنهن کي سڀ کان اڳ ساڙيو ويو هو؟

مان نه ٿو ڄاڻان، مان نه ٿو ڄاڻان

پر جيڪا به رهي هوندي

سا منهنجي ماءُ رهي هوندي

منهنجي چنتا اِها آهي ته

مستقبل ۾ اُها آخري عورت ڪير هوندي

جنهن کي سڀ کان آخر ۾ ساڙيو ويندو؟

مان نه ٿو ڄاڻان، مان نه ٿو ڄاڻان

پر جيڪا به هوندي، منهنجي ڌيءَ هوندي

۽ اهو هاڻ مان ٿيڻ ڪونه ڏيندس.

چوڻ لاءِ ته چي گويرا به مري ويو

۽ چندر شيکر به

پر حقيقت ۾ انهن منجهان ڪو به ناهي مُئو

سڀ زنده آهن جيسين مان جيئرو آهيان

هِن مڪان ۾ مونکي ڇا گهٽ ماريو ويو آهي؟

هِن دغاباز دنيا ۾ مونکي ڪيئي وار ماريو ويو آهي

ڪيئي وار اعلانيو ويو آهي

(نام نهاد) قومي اخبارن ۽ رسالن ۾

قصن ڪهاڻين ۽ محاورن ۾

ته ودروهي مري ويو، ودروهي مري ويو

پر ڇا مان سچي ۾ مري ويس؟

نه. مان زنده آهيان ۽ ڳايان پيو

مان زنده آهيان ۽ ڳايان پيو

(پريتيش پُشڪر پاران انقلابي شاعر راما شنڪر ياديو (ودروهي) کي ڀيٽا).

ڪنهن ڏاهي چيو هو ته زندگي جي پنهنجي ڪا معنيٰ ڪونهي، زندگي ته هڪ موقعو آهي ڪا معنيٰ پيدا ڪرڻ جو. پر اِها زندگي ۽ موقعو به عام انسانن کان کسيو ويندو آهي ۽ کين ننڍپڻ کان ئي گهر، پاڙي، مدرسي ۽ اسڪول کان وٺي هر جڳهه تائين ٺهيل ٺُڪيل معنائون قبولايون وينديون آهن. ٻين لفظن ۾ کين زندگي جيئڻ (يا ڪا پنهنجي معنيٰ تخليقڻ) کان اڳ ئي ماريو ويندو آهي. ڇو ته موجود سرمائيدارڻي عالمي وهنوار ۾ عام  خلق مشين ٿي رُڳو زائد قدر پيدا ڪندي رهي، اهو ئي گُهربل هوندو آهي  بس. جيڪو ڪُڇندو سو ڪسجندو، جيڪو سيٽبو سو سٽبو.ڪلهه رات ڪراچي منجهان کاٻي ڌُر جي هڪ پراڻي سياسي ڪارڪن  وارث رضا کي سندس گهر منجهان وردي پوش  کنڀي کڻي گم ڪيو .(جنهن کي دير سان ڇڏيو ويو ) ان کان اڳ ذاڪر سهتي سميت سوين سياسي سماجي ڪارڪن جبري اغوا ڪيا ويا آهن. هو چون ٿا اسان سندن ڊوهه کي صدقنا آمنا ڪيون، گڏهن وانگي پورهيا ڪيون، سندن نفرت ڀري ڪوڙي تاريخ طوطي وانگي رٽيون ۽ ڪُتن وانگي پاڻ ۾ وڙهون. بس رُڳو ماڻهپي سان سرشار ماڻهو ناهي ٿيڻو .اِها سندن ڀُل آهي. ڀٽ ڌڻي جهڙي مرشد کان وٺي امام علي نازش جهڙن اڳواڻن جي تربيت جيسيتائين اسانجي رڳن ۾ آهي اسان جو سينو سهايل هوندو، اسانجي هٿ ۾ ڳاڙهو جهنڊو ۽ اسانجي زبان تي حق جي ڳالهه هوندي. اسان ڪنهن به ڪوتاهه نظر (جيڪو  ڀل مظلومن منجهان هجي پر ويتر وڏن سامراجين وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ آتو هجي)کي  اها اجازت نه ڏينداسين ته هو اسانکي نفرت، سازش، بغض ۽ ساڙ  وارو ساڳيو حڪمرانن جهڙو پاٺ پڙهائي.اسان پنهنجي رضا جا وارث آهيون، اسان سنڌ، سچ، سونهن ۽ حق جا ذاڪر آهيون .

جڏهن ڪنهن انسان جو ڳالهائڻ بند ٿي ويندو آهي

ته پوءِ  اُهو انسان مري ويندو آهي

انسان کي مارڻ جو سڀ کان آسان طريقو اِهو آهي

ته اُن جي ٻولي کي ماري ڇڏيو

اُن کي گهر ۾ چُپ ڪرائي ڇڏيو

اُن کي اسڪول ۾ دڙڪا ڏئي ڇڏيو

پنهنجي عدالتن ۾ گهرائي  کيس کڙو ڪري

بي حساب گاريون ڏيو

ٽيلي وزن تي گُهرائي، اُن جي وات ۾ ڪپڙو وجهي ڇڏيو

ايئن انسان مري ويندو آهي………

۽ اهي ماڻهو جيڪي اسانجي هئڻ جو ثبوت ٿا گُهرن

انهن کي توهان ڪڏهن اطمينان جوڳا ثبوت نه ٿا ڏئي سگهو

انهن کي جيڪڏهن چوندا ته اوهان هندو آهيو

ته اِهي اوهان هٿ پستول ڏئي چوندا

مسلمان ماري ڏيکار

انهن کي جيڪڏهن چوندا اوهان مسلمان آهيو

ته وچ رستي اوهان جا ڪپڙا لاهي اوهانجو طوهر جانچيندا

انهن کي جيڪڏهن چوندا ته اوهان عيسائي آهيو

ته اهي اوهان کان تاريخ جو معاوضو وصول ڪندا

انهن کي جيڪڏهن چوندا اوهان نيچ ذات آهيو

ته اوهان سامهون هنگي اوهان کي چوندا صاف ڪري ڏيکار

انهن کي جيڪڏهن چوندا ته اوهان عورت آهيو

ته اِهي پُڇندا ڇا توکي ماني ٺاهڻ ايندي آهي.؟

انهن کي چوندا ته اوهان ڀارتي (ننڍي کنڊ) جي عورت آهيو

ته اِهي اوهان جي ڳل تي زور سان چماٽ هڻي چوندا “چُپ ڪر”

اِهي ماڻهو جن جون پنهنجون سُڃاڻپون وڃائجي ويون آهن

سي ٻين جي سڃاڻپن کي ثبوت طور گڏ ڪري

پاڻ سُڃاڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا

اهي ماڻهو بنا اکين، بنا ڪنن، بنا نڪ جي

اُهي چهرا آهن جيڪي پنهنجي ڪروڌ کان ڇرڪي

آئينن کان ڀڄي پري ٿيندا آهن.

کين آئينو ڏيکاريو ته اوهان کي ماري ڇڏيندا

انهن سمورن قتلن خلاف بغاوت ۾ اُٿي بيهو

۽ انهن سان جُڙو

 جن کي امن ۽ سچ سان انقلاب آڻڻو آهي

اڄ اسان هتي جيڪي ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان گڏ ٿيل آهيون

اُهي آهيون جيڪي مذهب ۽ پاڪ لکتن کان مٿي ٿي انسانيت جي ڳالهه ڪيون ٿا،

اسان هيڪڙائي جي ڳالهه ڪيون ٿا

اسان ڪروڌ ۽ نفرت جي ڳالهه نه ٿا ڪريون

اچو اسان سان جُڙو!

(پريتيش پُشڪر)