طالباني مونجهارو

0
280

 طالبان جي پاران صرف مردن تي مشتمل هڪ حڪومت جي اعلان ۾ ٿوري گهڻي حيراني ته ٿي ڇاڪاڻ جو اها تقريبن مڪمل طور تي پراڻن محافظن تي جڙيل آهي، ۽ اعلى سطح وارا سڀ عهدا شدت پسندن پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن. انهيءَ سان گڏ هي هڪ مايوس ڪندڙ رويو آهي، ۽ سندن جا اڳ وارا بيان ۽ عالمي برادري کي خاطريون ڪرائڻ واريون ڳالهيون ڪيڏانهن ويون.؟ ڏٺو وڃي ته سندن هن قسم جو عمل سندن جي واعدن اقرارن جي به خلاف وڃي ٿو جهڙوڪ هي ته اهي هڪ “وسيع البنياد” حڪومت کي قائم ڪندا. مڃي ٿا وٺون ته  اهي جهڙي تهڙي ڪابينا بڻائي چڪا آهن پر ڇا اها شموليتي آهي؟ ڪابينا مشڪل سان ئي ملڪ جي انيڪ ڍنگ جي ڪا عڪاسي ڪري ٿي. ڪابينا ۾ شامل سڀ چهرا لڳ ڀڳ اهي ساڳا ئي آهي جن 1996 ع–  2001 ع واري طالبان حڪومت ۾ ڪم ڪيو هو.

جيتوڻيڪ، طالبان جي ترجمانن هن کي هڪ “نگران” يعني وقتي بندوبست قرار ڏنو آهي. اهي چئي رهيا آهن ته اڳتي هلي ٻين کي به شامل ڪيو ويندو ۽ ڪابينا ۾ شموليت جا دروازا کليل آهن. پر پوءِ به هن ڳالهه جو تمام گهٽ امڪان آهي ته اهي ايئن ڪري سگهن ٿا. هي هڪ اهڙو ڪم هو جنهن کي هنن کي پنهنجي حڪومت جي آغاز کان ئي شروع ڪرڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ جو طالبان کي پنهنجي عوام ۽ دنيا جي سامهون هي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت هئي ته اهي پنهنجي ماضي مان نڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن اهي اقليتن ۽ عورتن سان تعلق رکڻ وارن غير طالباني ميمبرن کي به شامل ڪن ها ته شايد هنن جي باري ۾ جيڪا عالمي سطح تي گفتگو ٿيندي رهي ٿي ان کي ۽ پنهنجي تاثر کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها. پر موقعي کي وڃايو ويو. پنهنجي سوڀ جون هنبوشيون هڻندڙ طالبان اڳواڻن سمجهداري مان ڪم وٺڻ بدران پنهنجي جبلتي خواهشن جي مطابق عمل ڪيو آهي. بين الاقوامي  برادري  پاران تسليم ڪرڻ جي لاءِ هنن جي سوچ غلطي تي آهي. عالمي عملي مامرن جو وهنوار ڪو ڀاڪر پائڻ نه آهي. عالمي برادري جو وهنوار في الوقت ته هن ڳالهه جي فڪر ۾ ورتل آهي  يعني اولهه جي ملڪن پاران شهرين ۽ شرڪتڪارن کي ڪابل مان ڪڍڻ، ۽ انساني بحران کان بچڻ سڀ کان وڏي مددي ترجيح ۾ شامل آهي.

نئين حڪومت جي باري ۾ بين الاقوامي رد عمل بشمول پاڪستان جو هڪجهڙو آهي يعني في الحال تڪڙ ناهي ڪرڻي حالتن جو جائزو وٺڻو آهي. اولهه جي ملڪن پنهنجي پنهنجي ذميدارن جي حوالي سان هنن ڳالهين جو اشارن اشارن ۾ جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته هي واعدو ڪيل اها  “جامع حڪومت” ناهي. آمريڪا جي پرڏيهي سيڪريٽري اينٽوني بلنڪن حڪومت ۾ شامل “ڪجهه ماڻهن جي وابستگين ۽ اڳوڻي ڪردار (ٽريڪ رڪارڊ)” جي باري ۾ پريشاني جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. يعني ڪابينا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به کنيا ويا آهن جيڪي گڏيل قومن جي “پابندين جي فهرست” ۾ شامل آهن يا وري انهن کي شامل ڪيو ويو آهي جن کي آمريڪا پاران “دهشت گرد” قرار ڏنو ويو آهي. هن مان انهي ڳالهه جو پتو پئي ٿو ته اولهه جون رياستون امڪاني طور تي طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ يا ان کي قانوني مڃڻ لاءِ اڃان تائين تيار نظر نٿيون اچن ۽ اهي تسليم ڪرڻ ،ڪرائڻ واري عمل کي روڪڻ جي ان وقت تائين ڪوششون ڪنديون جيسيتائين طالبان پنهنجي واعدن تي عمل نٿا ڪن، خاص طور تي افغانستان جي ڌرتي ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ واري خاطري.

ڀلي طالبان هن ڳالهه جو غلط اندازو لڳايو هجي ته دنيا هنن جي حڪومت تي ڪهڙي قسم جو ردعمل ڏيکاري ٿي يا ايئن به هجي ته طالبان کي هن ڳالهه جي پرواهه ئي ناهي، هن جا اڳواڻ به ان امڪاني “اڻبڻت” (پُش بيڪ) کي ڪا به اهميت وغيره نه ڏئي رهيا آهن جيڪا سندن جي کنيل قدمن کانپوءِ هڪ رد عمل جي طور تي ملڪ ۾ جنم وٺي سگهي ٿي. هن قسم جي اڻبڻت جون ابتدائي نشانيون وکريل ۽ ٽٽل ڦٽل شڪلين ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سون جي تعداد ۾ مظاهرن جي صورت ۾ ڏٺيون ويون آهن جن ۾ گهڻو ڪري عورتن پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. انهن پرامن مظاهرو ڪندڙن سان سختي سان پيش اچڻ ۽ صحافين کي هيسائڻ، ۽ ڌمڪائڻ نئين حڪومت جي ساک کي ڌڪ لڳايو آهي. هنن جي رويي گڏيل قومن جي انساني حقن واري هائي ڪمشنر جي دفتر کي به تنقيد ڪرڻ جو موقعو  فراهم ڪري ڏنو جنهن پنهنجي ترجمان جي ذريعي پر امن مظاهرو ڪندڙن تي طالبان کي طاقت جي استعمال کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پنجشير کي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ ۾ طالبان مسلح مزاحمت کي ختم ڪرڻ ۾ ته ڪامياب چئي سگهجن ٿا پر اهي رستن تي عوامي مزاحمت کي رد نٿا ڪري سگهن. آخرڪار هي 1990ع وارو اهو ساڳيو افغانستان ناهي رهيو. ويڙهه ۾ ماهر، طالبان جو مقابلو هاڻي حڪمراني جي دڙڪن سان آهي انهن جي عين ابتڙ جڏهن اهي هن کان اڳ ۾ اقتدار ۾ هئا. هنن کي عورتن سميت نئين، بهتر تعليم يافتا نسل جي ضرورتن ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ کي به سکڻو پوندو، يا وڌندڙ عدم اطمينان سان منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. هنن جي لاءِ هي سوچڻ به هاڻي هڪ وڏي غلطي هوندي ته غير ملڪي قبضي جي خلاف مقبول جذبن ۽ احساسن ۽ گهڻن تڪرارن سان گڏ “هوشياري” ڪرڻ به هنن جي لاءِ اها ساڳي حمايت واري ناهي رهي.

وڌيڪ هي ته، داخلي معاشي صورتحال وقت سان گڏ و گڏ عوامي بيچيني کي به پيدا ڪري سگهي ٿي. آمريڪا جي پاران هن جي ٻاهرين زر مبادلي جي ذخيرن کي ڄمائڻ سا گڏ، آئي ايم ايف / عالمي بينڪ به پنهنجي امداد کي روڪي (يا ختم) ڇڏيو آهي عام ماڻهن کي خوراڪ ۽ نقدي قلت سان گڏ و گڏ وڌندڙ مهانگائي جي ڪري سنگين معاشي بحران جو خطرو  آهي. هي هڪ اهم دليل آهي ته جيئن طالبان تي زور ڏئي سگهجي ته اهي لچڪ جو مظاهرو ڪن، ۽ معاشي تباهي کان بچڻ جي لاءِ ڏوڪڙن  جي ريل پيل کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ بين الاقوامي لاڳاپن تي ڌيان ڏين.

بين الاقوامي برادري جون افغانستان ۾ گڏيل دلچسپيون آهن، ۽ انساني بحران سان منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد جي آڇ ڪري رهيون آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل کي، 2 سيپٽمبر واري پنهنجي ٽماهي رپورٽ ۾ سيڪريٽري جنرل انتيو گوٽريس خبردار ڪيو هو ته داخلي لڏپلاڻ سان گڏ و گڏ، “قدرتي آفتون، شديد قحط، ٻوڏ ۽ وبائي مرض جي ٽئين لهر افغانستان جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي کي متاثر ڪيو آهي. انهيءَ ڪري اتي انساني مدد جي وڌيڪ ۽ تڪڙي ضرورت آهي.” 13 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي ڪونسل پاران ڪوٺايل بين الاقوامي امدادي ڪانفرنس جو مقصد فور ي انساني امداد جي لاءِ مالي عزم کي حاصل ڪرڻو آهي.

پر انساني امداد کان به مٿي عالمي برادري افغانستان جي مستقبل جي باري ۾ وسوسن ۾ ورتل آهي. جهڙي طرح گوٽريس چيو آهي ته “اڳيان ڇا آهي ان جي باري ۾ گهري پريشاني اسان جو انتظار ڪري رهي آهي.” تازوئي پاڪستان جي سهڪار هيٺ علائقائي رياستن جي اجلاس ۾، يورپي يونين، ۽ نيٽو سميت 22 ملڪن جي رياستن جي ورچوئل گڏجاڻي جي صدارت 8 سيپٽمبر تي آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري بلنڪن ڪئي، اجلاس ۾ گڏيل پريشاني افغانستان جو استحڪام ۽ طالبان جي لاءِ هي هئي ته اهي دهشت گردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ انساني حقن جي احترام ڪرڻ وارن پنهنجي واعدن کي پاڻي ڏين.افغانستان جي باري ۾ سلامتي ڪونسل ۾ 9 سيپٽمبر جو بحث بين الاقوامي مزاج ۽ اهم ميمبرن پاران بيان ڪيل ضابطا اخلاق جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ڳالهه جي طرف اشارو ڪندي ته آمريڪا افغانستان جي لاءِ انساني امداد جي لاءِ سڀ کان وڏو ڊونر آهي، آمريڪي ايلچي چيو ته، “ڪنهن به قسم جي اخلاقي مدد ۽ سهڪار جيڪا طالبان کي کپي ٿي ان جي لاءِ اڳڀرائي طالبان کي پاڻ ئي ڪرڻي پوندي.” چيني سفير تعميري ڪمن تي زور ڏيندي طالبان کي چيو ته “تاريخ مان سبق سکو، پنهنجي واعدن جو احترام ڪريو، هڙني نسلي گروهن کي ساڻ کڻو، هڪ وسيع البنياد ۽ جامع سياسي طرز تعمير کي اپنايو، اعتدال پسند، ۽ سمجهدار ملڪي ۽ پرڏيهي پاليسي کي اختيار ڪيو، عورتن جي حقن جو تحفظ ڪريو ۽ دهشتگروهن جي پاڙ پٽيو.” روسي ايلچي خطي ۾ ويڙهاڪ پسندن جي داخل ٿيڻ واري خطري جي طرف اشارو ڪيو ۽ هن ڳالهه جو عهد ڪيو ته روس جي دلچسپي افغانستان جي استحڪام ۾ آهي.

وڏيون طاقتون ۽ علائقائي رياستون سڀ گڏجي ڪري هڪ مستحڪم افغانستان کي ڏسڻ چاهن ٿيون. ايڪي ۾ رهي ڪري ۽ مختلف حربن کان پري رهندي عالمي برادري افغانستان جي مستقبل جي باري ۾ مدد ڪرڻ  لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پر طالبان کي ٻاهرين حمايت حاصل ڪرڻ ۽ معاشي ۽ انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ ان جي اڳواڻن کي پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻو پوندو، اعتدال پسندي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ۽ سڀ کان وڌيڪ هي ته هن ڳالهه جو اقرار ڪرڻو پوندو ته افغانستان تي ان قسم جي حڪمراني نٿي ڪري سگهجي جهڙي طرح هن تي اڳ ۾ ڪئي وئي هئي.

(روزاني ڊان جي ٿورن سان. ڪالم نگار آمريڪا، برطانيا ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير رهي چڪي آهي. سنڌيڪار: سڪندر گلاب سومرو)