يارن سان ڪهڙا ليکا: سلمان خان دوست کي معاوضي جا ڪروڙين رپيا موٽائي ڇڏيا

0
186
سلمان خان بگ باس لاءِ 10

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي دوست ۽ تيلگو فلم اسٽار چرن جي وي سلمان خان کي پنهنجي نئين فلم ”گاڊ فادر“ ۾ مهمان اداڪار طور مختصر ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي جيڪا سلمان خان فوري طور قبول ڪري ورتي. سڀ ٺيڪ هو، پر جڏهن چرن جي وي سلمان خان کي معاوضو ڏيڻ چاهيو ته سلمان خان ڪاوڙجي پيو ۽ انڪار ڪري ڇڏيائين. سلمان خان کي جيڪا رقم ملڻي هئي سا 200 ملين هئي پر سلو ڀائي اهي پيسا وٺن کان انڪار ڪري ڇڏيو.

نه رڳو ايترو پر سلمان خان چرن جي وي کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون ته جيڪڏهن هن پئسا ڏيڻ تي زور ڏنو ته هو فلم ۾ مهمان طور ڪردار نه ڪندو. چرن جي وي، سلمان خان جي رويي تي جذباتي ٿي ويو ۽ هن کي هڪ پيارو ۽ دوستن جو دوست قرار ڏنو.

 

ھي به پڙھندا

عمران خان ناهي وڻندو، ان کان ته حمزه عباسي سٺو آهي: ايشال فياض