خراب سياسي حالتون راندين تي اثر انداز: پاڪ_آسٽريليا وائيٽ بال سيريز لاهور منتقل

0
348
خراب سياسي حالتون راندين تي اثر انداز: پاڪ_آسٽريليا وائيٽ بال سيريز لاهور منتقل
خراب سياسي حالتون راندين تي اثر انداز: پاڪ_آسٽريليا وائيٽ بال سيريز لاهور منتقل

لاهور (اسپورٽس نيوز) خراب سياسي حالتون راندين تي اثر انداز ٿي رهيو آهن، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  پاڪ_آسٽريليا وائيٽ بال سيريز لاهور منتقل ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حڪومتي ادارن طرفان ايڊوائس اچڻ کانپوءِ وائيٽ بال سيريز لاهور منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا وائيٽ بال سيريز جي منتقلي تي خدشن جو اظهار ناهي ڪيو ۽ ان کي موجوده حالتن ۾ سيريز لاهور منتقل ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي.

ذريعن موجب ڪرڪيٽ آسٽريليا جي خواهش تي ئي اڳ ۾ وائيٽ بال سيريز لاهور مان راولپنڊي منتقل ڪئي وئي هئي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به وائيٽ بال سيريز لاهور منتقل ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سموريون ميچون راولپنڊي کان لاهور شفٽ ڪيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا جون مختصر فارميٽ واريون سڀ ميچون لاهور ۾ ٿينديون. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي ويندي.

 

 

ھي به پڙھندا

بابر سان شادي جي خواهشمند ڇوڪري گرائونڊ ٻاهران پهچي وئي