عمران خان ناهي وڻندو، ان کان ته حمزه عباسي سٺو آهي: ايشال فياض

0
214
عمران خان ناهي وڻندو

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ايشال فياض جو چوڻ آهي ته هوءَ پهريان ننڍن ڪپڙن ۾ به فوٽوشوٽ ڪرائيندي هئي پر هاڻي کيس پاڻمرادو خيال اچي ويو ته سندس ايترو جسم نظر نه اچڻ گهرجي، هوءَ پاڪستان ۾ رهي ٿي ۽ کيس پاڪستاني ثقافت موجب ئي ڪپڙا پهرڻ گهرجن

اهڙي خيال تحت مون فيصلو ڪيو ته اڳتي ننڍن ڪپڙن ۾ فوٽو شوٽ نه ڪرائينديس. هن انٽرويو ۾ هن چيو ته  وزيراعظم عمران خان کيس سهڻو نٿو لڳي، عمران خان کان وڌيڪ ته حمزا علي عباسي هينڊسم آهي. ايشال فياض کان سوال ڪيو ويو ته کيس ڪير پسند آهي؟ جواب ۾ هن چيو ته کيس حمزا علي عباسي پسند آهي، اهو کيس پرڪشش لڳي ٿو پر هاڻي سندس شادي ٿي چڪي آهي، هوءَ ڪڏهن حمزا سان ملي ناهي پر کيس پسند ڪري ٿي، عمران خان ۽ حمزا علي عباسي ۾ فرق آهي، عمران خان منهنجي ٽائپ جو ناهي