عمران خان جي ٽائيگر فورس ريڊ زون ۾ دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو: شرجيل ميمڻ

0
164

اسلام آباد: پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ چڙهائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي ميمبر شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي ٽائيگر فورس ريڊ زون ۾ دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو

هن دهشتگرد حملي ۾ پي ٽي آءِ جا ٻه ايم اين اي به ،لوث هئا ، فهيم خان ۽ عطاءُ الله کي سمورن ڪيمرائن ڏٺو. شرجيل ميمڻ چيو ته اسلام آباد پوليس ان وقت خاموش هئي جڏهن اهي ماڻهو اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا هئا

عمران خان کي انگن اکرن سان شڪست ڏني وئي آهي، هاڻي هو محاذ آرائي چاهي ٿو، عمران خان چاهي ٿو ته اسان به ساڳيو ڪم ڪريون ۽ محاذ آرائي ڪريون، جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته اهو ٿي سگهي ٿو. عمران خان محاذ آرائي چاهي ٿو، اسان جي قيادت اسان کي ٽڪراءَ جو پيغام نه ڏنو.