وڙھيا واڍا, اڙيا آھتي

0
156
“وڙھيا واڍا, اڙيا آھتي “
“وڙھيا واڍا, اڙيا آھتي “

اڄڪلهه اسانجي ملڪ جي سياست سنڌي ٻولي جي محاوري “وڙھيا واڍا, اڙيا آھتي “سان ٺھڪي اچي ٿي۔ جمهوري نقطهء نظر سان ڏسبو ته حڪمران صوبي اندر ھلندڙ پاور پاليٽڪس واري هن جنگ ۾ ٻين ٽن صوبن جو عوام بري طرح ڦاسي پيو آھي. سندن ذھن تي ڪڏهن خطرناڪ خدشا پيدا ٿين ٿا ته ڪڏهن poetic fancy طور دلڪش انومان ۽ پرڪشش جذبا جنم وٺن ٿا۔

                 ڪو به ملڪ جڏهن به ڪنهن انتشار جو شڪار ٿيڻ لڳندو آھي، تڏهن ان جو elite class جنهن ۾ سياستدانن سان گڏ مختلف سوچ رکندڙ ساڃهه وند, اڳتي وڌي ملڪ کي ان مهاڄار مان ڪڍڻ لاءِ  ڪوششون وٺڻ شروع ڪندا آھن پر هتي اقتدار جي ويڙھ ۾ سڀ ڌريون شامل نظر اچن ٿيون. اهڙي طرح ڏينهون ڏينهن حالتون وڌيڪ ڳنڀيرتائي ڏانهن پيون وڃن، جنهن ۾ ايمرجنسي يا مارشلا لڳڻ جي ڳالهه به ٿي رهي آھي۔ ملڪ کي هن مهاڄار ۾ ڦاسائڻ جي جوابداري پنجاپي اشرافيه جي آھي، جيڪو پنهنجي اقتدار خاطر پاڪستان جي وجود کي داءُ تي لڳائي چڪو آھي ۽ ماضي ۾ اهڙا الزام سنڌين، بنگالين، بلوچن ۽ پختونن تي هڻندو رهيو آھي۔ پر  اها حقيقت به مڃڻ گھرجي ته پاڪستان کي داءُ تي لڳائڻ جو موقعو کين سنڌي، بلوچ، پختون اشرافيه طرفان ڏنو ويو آھي، جيڪي پنهنجي پنهنجي معاش جي ڳولها ۾ سرگردان سنسار آھن. ٻروچن ۽ پٺاڻن کي ڇڏي، جيڪڏهن سنڌ جي لکيل پڙھيل طبقي جي سوچ ۽ سمجھ جو تجزيو ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته انهن ڪيترا ڏهاڪا اڳ پنجاپي دانشور اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا هئا۔ سياستدان تي ڪا ميار ناهي هوندي پر سنڌ جو سرجڻھار ڪنهن اڻ ڄاتل ڀئو ۾ پنجاپي اليٽ وٽ پاڻ ڪيئن پيش پيو۔ افسوس سان گڏ ان جا ڪيترائي مثال ڏيئي سگهجن ٿا۔

آئيني سطح تي کڻي نه پر تڏهن به پاڪستان کي اڻ سڌي طرح هڪ گهڻ قومي وفاقي رياست طور مڃيو وڃي ٿو۔ سياسي ۽ سيڪيورٽي اسٽبلشمنٽ جو ٻٽو معيار هتي ظاهر ٿئي ٿو، جڏهن هو پاڪستان کي هڪ آئيني وفاقي ملڪ تسليم ڪرڻ باوجود پاڪستان جي فيڊريشن اندر شامل مختلف ثقافتن ۽ ٻولين کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا۔ اهڙو انڪار ارڙھين ترميم ۾ به ٿيل آھي۔ موجوده سياسي  خلفشار ۾ اها ڳالهه چٽي طرح ثابت ٿي سامهون آئي آھي ته ارڙھين ترميم ۾ صوبن جي حڪومت بچائڻ جون آئيني گارنٽيون ته مليل آھن پر ڪنهن غير ملڪي يا ڌارئي کي ٻئي صوبي ۾ مڪمل طرح آباد ٿيڻ جي ڪا آئيني جهل پل ڪانهي۔ سنڌ جي ساڃھ کي 2010 ۾ مجموعي طور اهڙي ترميم تي اڪتفا نه ڪرڻ گھربو هو۔ ارڙھين ترميم هڪ سٺو سنئوڻ چئي سگهجي ٿو پر اسان جي منزل پاڪستان کي آئيني طور هڪ گهڻ قومي وفاقي رياست طور تسليم ڪرائڻ هجڻ کپندو هو۔ منهنجي نظر ۾ ارڙھين ترميم ننڍن صوبن سان اها ڪار ڪئي آھي، جيڪا هنن سان ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان وقت ٿي هئي. پاڪستان کي گهڻ قومي ملڪ بنائڻ، اتي ڳالھائي ويندڙ ٻولين ۽ ثقافتن کي تسليم ڪرائڻ جا خواب هڪ دفعو يحييٰ خان جي اعلان سان اوڻويهه سئو ستر ۾ ۽ پوءِ ٻه هزار ڏهه ۾ چڪنا چور ٿي ويا۔

پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آھي ۽ جمهوري نظام اندر عددي گهڻائي يا اڪثريت فطري طور، حڪمراني سان گڏ سياسي ۽ معاشي زيادتيون به ڪندي رهندي آھي, اسان پنجاپي اشرافيه جي اهڙين اڻڳڻين زيادتين تي لکڻ بدران سنڌ جي نوجوان نسل کي ٽرڪ جي بتي جيان سنڌ جي وڏيرن پويان لڳائي ڇڏيو آھي۔ قومي وڏيري کي ڇڏي، صوبائي وڏيرن کي مجرم قرار ڏيڻ ڪهڙي دانشمندي چئبي؟ هونئن به ڪمدار سان ڪهڙو مزو ويڙھ جو۔ سوچڻ جهڙي ڳالهه ته اها به آھي ته جمهوريت خاطر پاڪستان جي سياسي اسٽيبلشمنٽ سان سرچاءُ ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ سان مهاڏو ڪنهن جي فائدي ۾ آھي؟ منهنجي خيال ۾ اهڙا ساڃھ ڀريا سڀئي ٽڪساٺ ننڍن صوبن جي قوم پرست ڌرين کي اقتدار کان ٻاهر رکڻ لاءِ ڪيل آھن پر  انهيءَ موضوع تي ڪنهن ٻئي دفعي تفصيل سان بحث ڪبو۔

موجوده صورتحال ۾ پنجاب جي  سياسي وايو منڊل ۾ ننڍن صوبن کي غير جانبدار ٿي تماشو نه ڏسڻ گھرجي۔ پنجاب جي اشرافيه، عمران خان جي قيادت ۾ فسطائيت ڏانهن سياسي سفر جي شروعات ڪري چڪو آھي۔ اسان کي نام نهاد جمهوريت  ۽ آمريت وارن دورن ۾ ٿيل سياسي معاشي ۽ قومي جٺيون نه وسارڻ گھرجن ۽ گڏوگڏ موجوده سياسي چالاڪين ۽ حرفتن کي به سمجھڻ گھرجي۔ پنجاپي اشرافيه مسلم قوميت جي سحر مان اڃا نڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ اسان پنهنجي شناخت وڃائڻ لاءِ تيار ناهيون. ان صورتحال ۾ تماشبين ٿيڻ گناهه ڪبيره کان گهٽ نه هوندو ۽ وقت هٿن مان نڪري چڪو هوندو۔  هينئر  آئين جي تقدس جي نالي ۾ پاڪستان کي فاشزم ڏانهن گهليو پيو وڃي، ان جي رستا روڪ ڪرڻ ننڍين قومن جو فرض ٿي پيو آهي۔

  مظلوم آئين ڪڏهن جنرلن ته ڪڏهن ججن جا دروازا کڙڪائي پنهنجي لاءِ انصاف پيو گهري، بلڪل ايئن، جيئن صديون اڳ سرانديپ مان صدا بلند ٿي هئي۔ تنهنڪري سنڌ کي خاموشي ٽوڙي واڍن جي هن ويڙھ ۾ حصيدار ٿيڻ جي ضرورت آھي، جنهن سان پاڪستان کي فاشزم کان بچائي سگهجي ٿو. ان ۾ ئي سنڌي، بلوچ ۽ پختون جو مفاد آھي۔ ان ڪار خير ۾ سنڌ جي وفاقي پارٽي فنڪشنل مسلم ليگ کي حصو وٺڻ گھرجي ۽ گول ميز ڪانفرنس لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن۔ پاڪستان ۾  سيڪيورٽي اسٽبلشمنٽ جي ڪردار کي هن وقت سڀ سياسي پارٽيون تسليم ڪري چڪيون آھن, وٽن هما پکي کي ڪنهن جي مٿي تي ويهارڻ جي طاقت آھي۔ عمران پروجيڪٽ مان دستبردار ٿيڻ سندن سياڻپ ڀريو عمل شمار ڪرڻ گھرجي، ڇو ته انتها پسندي کان هڪ ڏاڪو وڌي فاشزم ڏانهن وڃڻ وارو قدم پاڪستان برداشت نه ڪري سگهي ها۔ هاڻي کين ملڪ جي قوم پرست پارٽين ڏانهن به توجهه ڏيڻ گهرجي۔ ملڪ کي گھڻ قومي رياست مڃڻ سان ئي پاڪستان مستحڪم ٿي سگهي ٿو. پراڻا تجربا سڀ ناڪام ٿي چڪا. ملڪ پنهنجي  عمر  جا پنجهتر سال پورا ڪيا آھن، کين به بالغ نظر ٿيڻ جي ضرورت آهي۔

[email protected]