سنڌ جي روشن مستقبل ۽ ايندڙ نسلن جي بقا جي واٽ

0
151
حادثن، المين ۽ سازشن جو شڪار پاڪستان جي سياست! 

 پاڪستان جي سياست ۾ هڪڙو اصول اهڙو آهي، جيڪو ملڪ جي قيام جي پهرين ڏينهن کان ئي قائم ۽ دائم آهي. جيڪو ڏينهون ڏينهن تمام وڏي تيزيءَ سان ترقي ڪندو رهي ٿو، اُهو اِهو ته پاڪستان جي سياستدانن ۾ ڪوبه اصول ڪونهي. ڪُوڙ، ٺڳي، بي ايماني، لالچ، دوکو، هر حال ۾ اقتدار ۾ رهڻ ۽ اقتدار جي حاصلات جي چڪر ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ هر قسم جو ڪِريل ڪم ڪرڻ لاءَ هر وقت تيار رهڻ. پاڪستان جي سموري تاريخ اهڙين مسخرين، مڪارين، بُڇڙاين ۽ لُچاين سان ڀري پئي آهي. 1940ع جي قرارداد موجب، پنهنجي رضامندي ۽ خوشيءَ سان پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن سان ڪيل واعدن جي انحرافي ڪندي، قومن جي هزارين ورهين جي تاريخ، تمدن، زبان، تهذيب ۽ قومي تشخص کان انڪار ڪيو ويو. ملڪ جي بنيادي تعمير ۾ ئي دوکي، ٺڳي، چالاڪي، ڪوڙ ۽ نفرتن جو ٻج ڇٽيو ويو. ملڪ کي سيڪيولر بنيادن تي هلائڻ بجاءِ انتهاپسندي، ڏنڊي ۽ بندوق جي طاقت جي زور تي هلايو ويو، جيڪا ڪوشش اڃان به جاري آهي

پاڪستان جي حُڪمرانن جي اها تمام پراڻي خواهش رهي آهي ته سنڌين سميت ملڪ ۾ شامل سموريون قومون پنهنجي ماضيءَ جي سموري تاريخ، تهذيب، قومي سڃاڻپ، قومي خود اراديت ۽ قومي وجود تان دستبرادار ٿي پاڪستاني قوم ۽ مسلم قوم جي نظريي کي قبول ڪن، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ئي ناهي. سنڌي توڙي ٻيون قومون 1940ع جي ان ٺهراءَ موجب پاڪستان ۾ شامل ٿيون هيون، جنهن ٺهراءَ ۾ قومن کي مڪمل آزاد ۽ خودمختيار رهڻ سميت پنهنجن سمورن وسيلن تي سندن پورو اختيار مڃيو ويو هو. ان ۾ يو پي ۽ سي پيءَ کان آيل ماڻهن جو ڪوبه ڪردار ڪونهي. پاڪستان 1940ع جي ٺهراءَ ۽ 3 مارچ 1943ع جي قرارداد پاس ڪرڻ جي نتيجي هيٺ وجود ۾ آيو هو ۽ انهن ٻنهي ٺهرائن پاس ڪرائڻ ۾ سنڌين جو ڪليدي ڪردار هو

هنن موجوده سمورين مصيبتن، محڪومين ۽ ذلتن جا ڳٽ، جيڪي اڄ اسان جي ڳچين ۾ پيل آهن، اهي سڀ اسان جي وڏڙن ۽ انهيءَ وقت جي سياسي قيادت جي سياسي نابالغي، مسلم قوميت جي نظريي، دورانديشيءَ جي کوٽ ۽ سندن ضد ۽ انائن جو نتيجو ئي آهن، جيڪو اڄ سموري قوم لوڙي رهي آهي، ڇو ته ڪنهن ڏاهيءَ جو چوڻ آهي ته فردن جي غلطيءَ جو نتيجو اهي فرد يا سندس گھر وارا ۽ قبيلا ڀوڳيندا آهن، پر سياسي اڳواڻن جي ڪيل غلطين جو نتيجو  قومون ۽ انهن جي ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻو پوندو آهي، جيڪو هن وقت سنڌي قوم ڀوڳي رهي آهي

حقيقت اها آهي ته هي ملڪ پنجن قومن جو گڏيل فيڊريشن آهي. اسين هن ملڪ جا شهري آهيون. قوم اسان جي سنڌي آهي، جنهن جي هزارين ورهين کان پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ تاريخ آهي، جنهن تان سنڌي ڪنهن به صورت ۾ دستبردار ڪونه ٿيندا. پاڪستان جي حڪمرانن جي ضد ۽ قبضيگيري واري نيت ملڪ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي چڪي آهي. پنجاب، اسٽيبلشمينٽ ۽ سول بيوروڪريسيءَ پاران انڌي طاقت جي استعمال جي نتيجي ۾ چوويهن سالن جي مختصر عرصي ۾ ئي نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ پنهنجي سالميت ۽ وجود کي برقرار رکي نه سگھيو ۽ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو

ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته واڳ ڌڻي ملڪي آبادي جي تمام وڏي حصي کي وڃائڻ واري انتهائي تلخ تجربيءَ مان سبق سکندي پنهنجن روين، پاليسين ۽ بيرحماڻي انداز حڪمرانيءَ جو انتهائي باريڪ بيني ۽ سنجيدگيءَ سان جائزو وٺي باقي بچيل ملڪ کي منظم رکڻ لاءِ سمورين قومن جي حق حاڪميت، خودمختياري، تاريخي حيثيتن ۽ جائز قومي حقن کي قبول ڪندي کين برابريءَ جي بنياد تي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ها. پر، بدقسمتيءَ سان هتي سڀڪجھ ان جي ابتڙ ٿيندو رهي ٿو. ملڪ کي برابريءَ جي بنياد تي هلائڻ بجاءِ ڏنڊي ۽ بندوق جي انڌي طاقت ذريعي، باقي بچيل ملڪ ۾ شامل قومن کي هيسائي، دٻائي ۽ ڊيڄاري کين دائمي طور تي محڪوم بنائي سندن وسيلن کي ڦٻائڻ لاءِ نيون سازشون ۽ حڪمت عمليون جوڙيون ويون. لکين بنگالين جي رتُ وهائڻ ۽ ملڪ جي ورهاڱي بعد، جنرل ايوب خان جي آمريت ۾ سياسي تربيت حاصل ڪندڙ ۽ مختلف وزارتن ذريعي آپيشاهيءَ واري طرز حڪمرانيءَ جا سبق سکي تيار ٿيندڙ ذوالفقار علي ڀُٽي کي پهريون سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ڪري ملڪ جو حاڪم بڻايو ويو. بعد ۾ کيس صدر ۽ وزيراعظم پڻ بڻايو ويو ۽ آخر ۾ جيڪو حشر ڪيو ويو، ان کان سڄي دنيا چڱي ريت واقف آهي

1973ع واري قومن جي وجود جي نفي ڪندڙ آئين ڏيڻ ۽ مذهبي ڌُرين کي خوش ۽ خاموش رکڻ جي چڪر ۾ سندن ناجائز مطالبا تسليم ڪري مذهبي انتها پسنديءَ جي حوصلا افزائي ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي سموري اقتداري دور ۾ اها ڀرپور ڪوشش ڪندو رهيو ته هر حال ۾ کين پنجاب کي خوش رکڻو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کان وٺي وزيراعظم تائين پنهنجي سموري حڪومتي اقتدار دوران ڪجھ چڱا ڪم ڪرڻ سان گڏ سياست ۾ انتقامي ڪاررواين، سفارش ڪلچر، ميرٽ جي لتاڙ، تعليمي ادارن ۾ سياسي مداخلت ۽ شاگرد سياست ۾ ڪرپشن، ملڪي ادارن اندر رشوتخوريءَ جا بنياد مضبوط ڪرڻ، سياست ۾ اختلاف راءِ رکندڙ پنهنجن سياسي رفيقن سميت مخالف سياسي اڳواڻن خلاف رياستي مشينريءَ جو کليل استعمال ڪرڻ جون روايتون قائم ڪرڻ، سياسي مخالفن جي والدين ۽ سندن گھرن جي عورتن کي گرفتار ڪري ٿاڻن تي کڻائي اچڻ ۽ انتهائي ڪِريل طريقن سان انهن جي تذليل ڪرائڻ، ماڻهن کي کنڀي گم ڪرائڻ، ٽارچر ڪئمپن ۾ مٿن تشدد ڪرائڻ سان گڏ ساڻن غيراخلاقي ۽ غيرانساني سلوڪ ڪرائڻ، انساني حقن جون سرِ عام ڀڃڪڙيون ڪرائڻ، سنڌي اخبارن ۽ رسالن تي پابنديون مڙھي، سنڌي ليکڪن، اديبن ۽ صحافين کي جيل ڀيڙو ڪرڻ  سميت بُڇڙيون روايتون قائم ڪرايون، جو انساني ڪنڌ شرم کان جھُڪيو وڃي. پر، بدقسمتيءَ سان پاڪستان توڙي سنڌ جي سياست ۾ اهڙن ماڻهن جي سياسي ۽ حڪومتي ڪردار تي ڳالهائڻ، سوال اٿارڻ توڙي تنقيد ۽ پڇاڻو ڪرڻ کي عظيم گناھ سمجھيو پيو وڃي. اهي جمهوريت پسندي ۽ عوام دوستيءَ  جي نالي ۾ ڀلي ملڪ تباھ ڪن، قومن جي وجود ۽ سالميت خلاف آئين ۽ قانون جوڙين. وڏا ديش ڀڳت بڻجي سنڌ جي وجود کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪندڙن ۽ سنڌ کي دائمي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جا سامان تيار ڪندڙن جا سڌا يا اڻ سڌا حامي ۽ وڏا وڪيل ٿي، معتبر بڻجي گھمندا وتن. جيڪي ايوبي آمريت جي ڇٽِيءَ هيٺان پلجي، نپجي وڏا ٿي، مچي مواڙ بڻجڻ کان پوءِ سنڌ کي آئيني غلاميءَ جي پنجوڙن ۾ جڪڙڻ جهڙا ڪم ڪن. جنرل ضياءَ کي شريف النفس سڏين، ايم ڪيو ايم جي گورنر عشرت العباد کي گلدستا ۽ مبارڪون پيش ڪن. سنڌين جو قتل عام ڪرڻ ۽ سنڌي نياڻين جي جسمن کي درل مشينن سان سوراخ ڪرڻ سميت سنڌين کي ٻوري بند لاش ڏيڻ جا حڪمناما جاري ڪندڙ دهشتگردن جي مرڪز جا طواف ڪن. جنرل ضياءَ کان وٺي جنرل مشرف تائين، ڄام صادق کان وٺي ارباب رحيم تائين، هر ڊڪٽيٽر ۽ حڪمران سان ياريون نڀائين. عمران نيازي کان وٺي جي ڊي اي ۾ ويٺل مُدي خارج ميرن، پيرن، گادي نشينن ۽ ماضيءَ جي سفاڪ حاڪمن جا وڏي داٻ ۽ دڙڪي سان وڃي اتحادي بڻجن. انهن کي اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي. ڇو ته انهن جو تعلق اهڙي قبيلي سان آهي، جنهن قبيلي سدائين سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪمرانيءَ جا مزا ماڻيا آهن. اهو قبيلو مٿانهون پڇاڻي توڙي تنقيد کان بالاتر قبيلو آهي. اهي جمهوريت دوستي، عوام دوستي، سنڌ دوستي ۽ ديش ڀڳتيءَ جي نالي ۾ عظيم ۽ ناقابل معافي گناھ وڏي دليريءَ سان ڪندا رهن. ڪنهن کي به ڪجھ ڪڇڻ ۽ پڇڻ جو ڪو حق ڪونهي، ڇو ته اهي مير، پير، ڀوتار، جاگيردار، گادي نشين ۽ سيد آھن

قوم کي شخصيت پرستي، وهم پرستي، عقيدي پرستي ۽ تقليديت پرستيءَ جو آفيم کارائي کين نيم بيهوشيءَ واري ڪيفيت ۾ پهچايو ويو آهي. هينئر وقت جي ضرورت آهي ته اسان حجابن ۽ عقيدن کان مٿانهان ٿي پنهنجي علم، عقل، ڏاهپ ۽ سنجيدگيءَ سان سمورين ڌرين جي، جمهوريت پسندي، ترقي پسندي، عوام دوستي، سنڌ دوستي ۽ موروثيت جي نالي ۾ سياست ڪندڙ سمورين سياسي پارٽين ۽ شخصيتن جي وڏن نالن، وڏين گاڏين، وڏين گادين، وڏين ڳالهين ۽ وڏن نعرن جي عقيدي پرستيءَ ۾ آفيم جي موالين جيئان مدهوش بڻجي هلڻ بجاءِ پنهنجي علم، عقل ۽ ڏاهپ سان، سنجيدگيءَ جي بنياد تي جائزو وٺي اڳتي وڌئون. سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن کي سندن قول، فعل، پاليسين، سياسي تدبر ۽ حڪمت عملين، جدوجهدن ۽ معروضي حالتن مطابق سندن قائم ڪيل موقف ۽ عمل جي بنياد تي جاچيون، پرکيون ۽ مضبوط راءِ قائم ڪري سندن صفن ۾ شامل ٿيون. سياست ۾ ڪنهن کي به مقدس ڳئون بڻائي ان جي پويان اکيون بند ڪري نه هلون، ان ۾ ئي سنڌ جو روشن مستقبل ۽ ايندڙ نسلن جي بقا سمايل آهي