ڇا اھو شخصي انا جو نشو ناھي؟

0
147
OPINION ... اَٺ آنا اُٺ، ٻارنهن آنا گھِلاڻي
ڇا اھو شخصي انا جو نشو ناھي؟

    حڪمران طبقي اندر  ويڙھ پئي ٿئي. عمران ان جي ھڪ علامت آھي. اھي سڀ سرمائيدار يعني حاڪم طبقي جو حصو آھن. اھا ھڪ برادري آھي، جنھن جو بنيادي مقصد محڪوم طبقي کي  چٿڻ ۽ استحصال آھي. ان جو ھڪ مثال آئي ڏينھن وڌندڙ  مھانگائي آھي. عمران شايد ڪا ڪسر رھائي ھئي، اھا شھباز اينڊ ڪمپنيءَ پوري ڪري ڇڏي. پھرين اپريل تي تيل جا مھانگا اگھ  برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو پر 3 اپريل تي بجلي ۽ کنڊ جا اگھ وڌايا ويا. عوام تي مڙھيل اھو عذاب ۽ عام ماڻھن جون دانهون ڪورٽن جي ٻڌڻ جي شئي ناھن پر مسئلو سرمائيدارن جو ئي ٻڌڻ جوڳو آھي ۽ اربين رپين جي اليڪشن 14 مئي تي لازمي آھي، خاص ڪري ھن وقت. ان ڪري جو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾    عمران جي فرمائش پوري ڪرڻي آھي. اڃا ٻين لفظن ۾ عوام کي آئين ۾ ڏنل زنده رھڻ جو بنيادي حق ته نه ٿو ڏنو وڃي پر ووٽن لاءِ پولنگ تي اچڻ لاءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ ضروري آھي. جيئن نئين آدمشماريءَ لاءِ به وڏو خرچ ڪيو ويو آهي.

                 چون ٿا ته پنجاب ۾ عمران خان جي پارٽيءَ جي سرسيءَ جا امڪان وڌيڪ آھن. عمران ھاڻي ڪورٽن جو به لاڏلو آھي. ھونئن به  منجھس ھٿ وجھڻ جو نواز ليگ وارن رڳو تصور ئي ڪيو آھي. سبب ڪيئي ٿي سگھن ٿا پر ھڪ سبب پنجاب جي جنرلن ۽ فوجين جي ٻارن جي کيس حاصل حمايت آھي. سندس حمايت  آمريڪا مان به ٿي آھي. آمريڪا جي ھڪ عھديدار زلمي خليل زاد  ۽ ٻين نيازيءَ جي حمايت ۾ ڳالھايو آھي. ورلڊ ٽائيمز نالي سان سان ھڪ خانگي اڪائونٽ موجب، عمران کي 98 ۽ مريم کي  0.5 سيڪڙو ووٽ ملندا ۽. بلاول کي 0.6 ووٽ ملندا. اها اڳڪٿي کڻي درست نه به نڪري، پر بهرحال هڪ دلچسپ اڳڪٿي آهي. ان کان به وڌيڪ دلچسپ اڳڪٿي اها هجي ها ته، شھباز کي ڇھن ڏينھن اندر حڪومت مان ڪڍيو ويندو، تيل جو اگھ  100 رپيا ليٽر گھٽايو پيو وڃي ۽ گرين، ييلو يا گلابي بس سروس کان پوءِ ست رنگي بس به ھلائي ويندي. تبديليون اينديون رھن ٿيون پر اھڙيون تبديليون ڪڏهن اينديون، جو ماڻھن ۽ زندگيءَ جا معيار بدلجي وڃن!؟

ڪالھ تائين ھڪ پارٽيءَ کي ناز ھو ته اھا آمريت خلاف ويڙھ ڪندڙ پارٽي آھي، پر ھاڻ اھا ابتڙ ڪئمپ ۾ ظاھر ظھور آھي. اڳ ۾ آئين کي عوام جي تحفظ جي ضمانت واري ڪتاب جي حيثيت حاصل ھئي، ھاڻي ان کي عوام جا بنيادي حق لتاڙڻ لاءِ  استعمال ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪيو پيو وڃي ۽ عوام جي حمايت ۾ ڳالھائڻ لاءِ مشھور ڏسڻا وائسڻا ماڻھو اٽي. لٽي ۽ اجھي لاءِ نه پر. ڪرپشن لاءِ عوام جو خزانو لٽائڻ جون تجويزون ڏئي رھيا آھن. اھڙا ئي ماڻھو آھن، جيڪي به مشڪل فيصلن جي به حمايت ڪري رھيا آھن. بيشڪ مشڪل فيصلا مشڪل آھن. يقينن عوام کي ڪھڻ حاڪمن جي نازڪ ھٿن لاءِ ڪافي مشڪل آھي.

عمران ۽ شھباز ۾ عوام لاءِ ڪوبه فرق ناھي. بلڪه عمران سڀ کان وڌيڪ خطرو آھي. ٻيا سڀ سياسي ليڊر عوام اڳيان  نھايت وائکا  آھن پر ماڻھن جو ھڪ وڏو انگ عمران جي حقيقت کي ڏسي نه ٿو سگھي. ھن وقت ھو شھباز اينڊ ڪمپني کي پريشان ڪري رھيو آھي ۽ چوي ٿو ته جنرلن سان ڳالھائڻ لاءِ تيار آھي، پر چورن سان  گڏ نه ويھندو. چور ھو چئي ٿو شھباز اينڊ ڪمپني کي. پر وري ان ئي دم يوٽرن وٺي ٿو ته وزيرن سان  مان نه پر منھنجي ٽيم ويھندي. ڇا اھو شخصي انا جو نشو ناھي! جڏھن کيس وزيراعظم چوندا ھئا تڏھن به ھو نرگسيت جو شڪار ھو. تڏھن به ھو  پنھنجو مَٽ پاڻ ھو، تڏھن به ھو آسمان تي اڏامندو ھو. تڏھن به ھن مظلومن وٽ ڏيکاءَ لاءِ به وڃڻ کان وڏائي ڪئي ھئي، مثال طور  ھزارا برادريءَ جي ماڻهن وٽ، جن مقتولن جا لاش رکي ڌرڻو ھنيو ھو. اھو به ته عمران خان جي خراب عملن جي ڊگھي لسٽ  ۾ جتي  ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۽ گھڙين جي چوري آھي ۽ ڪک جو چور، سو لک جو چور، اتي ھڪ بيحسي اها به هر ڪنهن کي ياد هوندي ٿه اسلام آباد  جي ھڪ محنت ڪش ڪورونا واري لاڪ ڊائون ۾ وڏي واڪ فرياد ڪئي. ھن چيو ته ھو پنھنجي ٻارن کي بک تي نه ٿو ڏسي سگھي. سڄي ملڪ ۾ آواز ويو پر عمران خان جي ڪنن تي جونءَ نه چري. سو ان فرياديءَ خودڪشي ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ بچي ئي ڇا ٿو!؟ اهڙي صوتحال ۾ ضروري اهو ٿو بڻجي ته عوام پنھنجي سياست ڪري، ڪارڪن مزاحمت  ڪن، ليڊرن لاءِ نه پر عوام جي حقن لاءِ.