يونيورسٽين جو مالي بحران ۽ ڪِرندڙ تعليمي معيار

0
263
يونيورسٽين جو مالي بحران ۽ ڪِرندڙ تعليمي معيار
يونيورسٽين جو مالي بحران ۽ ڪِرندڙ تعليمي معيار

  اوائلي زماني کان سڀني ترقي يافته تهذيبن کي اعليٰ تعليم جي ضرورت رھي آھي ته جيئن سندن حڪمرانن، پادرين، فوجين ۽ ٻين خدمتگار اشرافيه کي تربيت ڏني وڃي. وچئين دور جي يورپ ۾ هڪ ادارو جڙيو، جيڪو اعليٰ تعليم جي درس ۽ تدريس سان گڏ خودمختياري ۽ علمي آزاديءَ جو اھڃاڻ پڻ ھو. ان کان علاوه سامراجي چين جي منڊارين بيوروڪريسي لاءِ ڪنفيوشين اسڪول، وچئين دور جي هندستان جي پادرين ۽ راهبن لاءِ هندو گروڪلن ۽ ٻڌ ڌرم جون خانقاهون، اسلام جي مولوين ۽ عالمن لاءِ مدرسا، ڪولمبين کان اڳ واري آمريڪا جي پادرين لاءِ ازٽيڪس ۽ انڪاس جي فلڪيات جي مندر جا اسڪول، جاپاني سامورائي جو ٽوڪوگاوا هان اسڪول. سڀني پنھنجي سياسي توڙي مذھبي آقائن کي اعليٰ تھذيب، ادب ۽ رياضيءَ جي علم جي تعليم ڏني. يونيورسٽيءَ جو تصور قديم يونان جي زماني ۾ ڳولھي سگهجي ٿو، جتي عالم فلسفي ۽ ٻين عقلي نوعيت جي مسئلن تي بحث ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا. جديد يونيورسٽيءَ جون پاڙون وچئين دؤر واري يورپ مان ملن ٿيون. يورپ ۾ پهريون يونيورسٽيون 12هين ۽ 13هين صديءَ ۾ قائم ٿيون، جن ۾ اٽليءَ جي بولوگنا يونيورسٽي سڀ کان پراڻي ۽ مسلسل هلندڙ يونيورسٽي آهي، جيڪا 1088ع ۾ ٺهي. اهي ادارا شروعاتي طور تي استادن ۽ شاگردن جي گلڊ طور قائم ڪيا ويا، جيڪي پڙهڻ ۽ علم سکڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا.

يونيورسٽيون نه رڳو انسان جي ڪيترن ئي ثقافتن، پر خود عقلي عمل جون به محافظ رھيون آهن. يونيورسٽين جو سڀ کان وڏو حصو ذهن جي آزاديءَ لاءِ هوندو هو. يونيورسٽيون صدين کان قائم دائم آھن، جيڪي انساني تهذيب جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رھن ٿيون. يونيورسٽيون عام طور تي سائنس، انسانيت، سماجي سائنس، ڪاروبار ۽ ٽيڪنالاجي ۾ انڊر گريجوئيٽ، گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن ۾ ڊگريون ڏين ٿيون. تعليم ڏيڻ کان علاوه يونيورسٽيون تحقيقي ادارن طور ڪم ڪن ٿيون، جتي اسڪالر ۽ محقق پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ جديد تحقيق ڪن ٿا. هي تحقيق علم کي اڳتي وڌائڻ ۽ سماج جي بهتري ۾ مدد ڪري ٿي. يونيورسٽيون اڪثر ڪري ڪميونٽي جي شموليت ۽ رسائي جا موقعا پڻ فراهم ڪن ٿيون، جهڙوڪ: عوامي ليڪچر، ڪميونٽي سروس پروگرام، ۽ مقامي تنظيمن سان شراڪت وغيره. مجموعي طور تي، هڪ يونيورسٽي جو مقصد شاگردن کي علم، صلاحيتون، ۽ ذھني مھارت مهيا ڪرڻ آهي، جيڪي انهن جي چونڊيل ڪيريئر ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري آهن، جيڪي علم جي ترقي ۽ سماج جي بهتري ۾ حصو وٺندا آهن.

يونيورسٽين جو ڪردار سماجي ۽ قانوني نقطهء نظر کان سڀني شعبن لاءِ تمام اهم هوندو آهي. يونيورسٽيون نئين علم ۽ صلاحيتن کي پيدا ڪرڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، جيڪو ملڪ جي پائيدار ترقيءَ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سماجي سجاڳي پيدا ڪرڻ، عوام کي شعور ڏيڻ ۽ کين باخبر ڪرڻ، ذميوار رويي ۽ خريدار جي چونڊ لاءِ ذھني سگھ پيدا ڪري سگھن ٿيون. يونيورسٽيون سماجي تبديليءَ ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ اهم ادارا سمجهيا وڃن ٿا. انهن جو سڀ کان اهم ڪردار انتهائي ماهر محنت ڪش طبقو پيدا ڪرڻ آهي.

پاڪستاني يونيورسٽين جو به ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي ترقي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. تنهن هوندي به حڪومت پاران تعليم لاءِ وقف ڪيل فنڊ هميشه ناڪافي هوندا آهن ۽ في شاگرد خرچ تمام گھٽ رهندو آهي، جنهن ڪري تعليم جي معيار ۽ ملڪ جي مجموعي ترقي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. ان کان علاوه، گهٽ في شاگرد بجيٽ به گهٽ آمدني وارن شاگردن جي اعليٰ تعليم تائين پھچ کي روڪڻ جو سبب بڻجي ٿي. مالي وسيلا نه هجڻ جي نتيجي ۾ شاگردن کي تعليم جاري رکڻ لاءِ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، جنهن ڪري شاگردن جي ڊراپ آئوٽ يا پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ جي شرح پڻ وڌي رهي آهي، ڇو ته گھٽ بجيٽ ملڻ ڪري يونيورسٽيون داخلا فيون وڌائڻ تي مجبور ھونديون آھن، تنھن کان سواءِ شاگردن لاءِ اسڪالرشپ به گھٽ رکنديون آهن.

ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ۽ تعليمي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي وسيلن جي مناسب فراهمي ضروري آهي، جنهن سان اھل ۽ غريب شاگردن کي داخلائون ڏيڻ، معياري تعليم مھيا ڪرڻ ۽ بھتر تعليمي سهولتون ۽ ماحول فراهم ڪرڻ شامل آهن. اھڙي طرح يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام جي ملينيم ڊولپمينٽ گولز تحت تعليمي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومتن تي وڌيڪ ذميواريون رکي ٿو پر ان جي ابتڙ اڪثر پاڪستاني يونيورسٽيون شديد مالي بحران جي ور چڙهيل رھنديون آھن، جنھن سان ملڪ جي اعليٰ تعليم جي شعبي ۽ ان جي مجموعي ترقيءَ تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي.

پاڪستان اقوام متحده جو اهم ميمبر ملڪ آهي، ان جي قرارداد موجب اھو پنهنجي ملڪي پيداوار جو گهٽ ۾ گهٽ 4 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪرڻ جو پابند آهي، يا ملڪي بجيٽ جو 15 کان 20 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو آھي. جڏهن ته يونيسڪو پاران تجويز ڪيل آھي ته ملڪ پنھنجي تعليم جي ڪل بجيٽ جو گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو اعليٰ تعليم لاءِ رکن، پر ان جي ابتڙ، پاڪستان پنهنجي جي ڊي پي جو صرف 2.28 سيڪڙو تعليم لاءِ وقف ڪيو، جيڪو يونيسڪو جي تجويز کان تمام گهٽ آهي. ان کان علاوه، پاڪستان پاران پنھنجي جي ڊي پي جو صرف 0.32 سيڪڙو اعليٰ تعليم لاءِ رکيو ويو، جيڪو يونيسڪو جي تجويز ڪيل حصي 20 سيڪڙو کان تمام گھٽ آھي. پاڪستان ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي مقابلي ۾ اعليٰ تعليم لاءِ سڀ کان گهٽ بجيٽ رکندڙ ملڪ آهي.

مجموعي طور تي پاڪستاني يونيورسٽين کي درپيش بجيٽ جا مسئلا ملڪ جي تعليمي برادري کي ڊگهي عرصي کان پريشان ڪندا رهيا آهن. ملڪ جي يونيورسٽين ۾ تازو آيل مالي بحران، جنهن جي نتيجي ۾ يونيورسٽيون پنهنجن فيڪلٽي ميمبرن کي ماهوار پگهار ۽ پينشن ادا ڪرڻ کان قاصر آهن، انهن مسئلن کي وڌائي ڇڏيو آهي.

ملڪ ۾ قائم 176 کان وڌيڪ سرڪاري يونيورسٽين ۽ ان جي ٻيڻ جيترين ڪئمپسن ۾ لڳ ڀڳ ٻه لک استاد، آفيسر ۽ ملازم خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ لکين پينشنر پڻ آهن. گذريل سال 23-2022ع ۾ وفاقي بجيٽ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ڪل 108۔65 ارب رپيا رکيا ويا، جن مان 66.25 ارب رپيا غير ترقياتي خرچن ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ 42.4 ارب اهي بعد ۾ گھٽتائي صرف 26.43 ارب رپيا ڪيا ويا، جيڪي ڪافي نه آهن. جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ جون سرڪاري يونيورسٽيون سخت مالي بحران جو شڪار آهن ۽ اڪثر يونيورسٽين، خاص ڪري بلوچستان، خيبر پختونخوا، سنڌ جي ڪجهه يونيورسٽين کان علاوه پنجاب جي ھڪ اڌ يونيورسٽين جا استاد ۽ ملازم پگهارن کان محروم آهن. ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومتون به غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيون آهن ۽ پنهنجي صوبن جي يونيورسٽين کي گهربل مالي مدد فراهم نه ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ارڙهين آئيني ترميم بعد صوبائي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙيون ويون آهن پر اھي يونيورسٽين جي بھتري لاءِ ڪوبه خاطرخواه ڪردار ادا ڪري نه سگھيون آهن. صوبائي حڪومتن جي تعليم دوستيءَ جو اندازو انھن پاران جاري ڪيل بجيٽ جي انگن اکرن مان آساني سان لڳائي سگھجي ٿو. گذريل سال بلوچستان جي صوبائي حڪومت پاران صوبي جي 13 سرڪاري يونيورسٽين لاءِ رڳو 2.5 ارب رپيا رکيا ويا، جيڪي انتهائي گھٽ آهن، جنهن جي نتيجي ۾ بلوچستان جي پراڻي يونيورسٽي آف بلوچستان جا استاد ۽ ملازم اڄ به بنيادي حقن کان محروم آهن ۽ پنهنجي ماهوار پگهار لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن، اھڙي طرح خيبر پختونخوا جي سمورين يونيورسٽين ۾ اها افسوسناڪ صورتحال آهي، خاص ڪري پشاور يونيورسٽي، جتي استاد، آفيسر ۽ ملازم مڪمل هڙتال تي مجبور آهن. سال 23-2022ع ۾ سنڌ جي سالياني بجيٽ 1.7 کرب رپيا هئي، جنهن ۾ 33 سرڪاري يونيورسٽين لاءِ صرف 18.70 بلين رپيا (يونيورسٽيز لاءِ 14 ارب رپيا گرانٽ) رکيا ويا آهن، جنهن ڪري سنڌ جون اڪثر يونيورسٽيون شديد مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رھيون آھن، جن ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ڪراچي يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي ۽ ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو شامل آهن. گذريل سال پنجاب جي سالياني بجيٽ ۾ 35 کان وڌيڪ سرڪاري يونيورسٽين لاءِ رڳو 59 ارب رپيا رکيا ويا. اسلام آباد جي سرڪاري يونيورسٽين جي حالت ان کان به بدتر آهي.

پاڪستاني يونيورسٽين کي درپيش مالي بحران هڪ سنگين ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جنهن تي فوري توجهه ۽ عمل جي ضرورت آهي. فيڪلٽي ۽ اسٽاف کي پگھارون ۽ پينشن ادا ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب انهن جي مالي حالت ۽ انهن ادارن جي تعليمي معيار تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. ان لاءِ اھو تمام ضروري آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل اختياريون انهن مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻن ۽ ضروري امداد فراهم ڪن ته جيئن يونيورسٽيون موثر طريقي سان ڪم ڪري سگهن. ان کان علاوه، انهن مالي بحرانن جي سببن ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جي صورتحال کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن جي مڪمل تحقيق جي به ضرورت آهي. جنھن ۾ بھتر مالي منصوبابندي ۽ انتظام ڪرڻ، احتساب ۽ شفافيت ۾ اضافو ڪرڻ، ۽ بھتر گورننس جو ڍانچو لاڳو ڪرڻ شامل آهي.

ان کان علاوه، ملڪ جي ترقي ۽ ان جي شهرين جي ڀلائي ۾ يونيورسٽين جي اهم ڪردار کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي. تنهن ڪري، اهو ضروري آهي ته اعليٰ تعليمي ادارن لاءِ فنڊنگ ۽ سپورٽ کي اوليت ڏني وڃي ته جيئن اهي معياري تعليم فراهم ڪندا رهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. يونيورسٽيون موثر طريقي سان ڪم ڪنديون رهنديون ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. ٻي صورت ۾ اڳ ۾ ئي بدتر بڻيل تعليم جو حال ويتر بدتر بڻجندو، جنھن سان ملڪي معيشت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سھارو ملڻ بجاءِ نقصان رسندو. اميد ڪجي ٿي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون تعليم بشمول اعلي تعليم تي خرچ ٿيندڙ رقم کي فضول خرچي سمجھڻ بجاءِ ھيومن ڪيپيٽل ۾ سيڙپڪاري سمجھي ان ۾ خاطرخواه اضافو ڪنديون ته جيئن يونيورسٽين ۽ تعليم جي معيار کي بھتر بڻائجي، ڇاڪاڻ ته اھو ئي واحد حل آهي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو.