ترقياتي فنڊ ۽ نا اهل نوڪرشاهي!

0
137
اشرافيا جي مفادن لاءِ قرباني جو ٻڪرو بڻيل عوام

هونئن ته سڄي ملڪ جي بيوروڪريسي جي ڪارڪردگي ڪا گهڻي بهتر نه آهي، جو انگريزن جو اهو “بليڪ ايڊيشن” انهن جي ئي نقش قدم تي هلندو رهيو آهي، ان طبقي مان عوام کي فيض رسڻ جي اميد بنهه گهٽ هوندي آهي، پر سنڌ جي “ڪارن انگريزن” جي ته ادا ئي “اور” آهي. اسان جي بيوروڪريسي جو هاضمو ايترو ته تيز آهي، جو “لڪڙ هضم- پٿر هضم” پر جڏهن معاملو سنڌ جي ترقياتي رٿائن تي بجيٽ ۾ رکيل رقم خرچ ڪرڻ جو هجي ته بيوروڪريسي جو ڍڳو “پَير پيران” هوندو آهي. سڄو سال اها رکيل بجيٽ خرچ ٿي نه سگهندي آهي. هڪ ته خزاني واري وزارت جا صاحبلوڪ ايترا هٿ جا ڇُوٽ ناهن، جي وقت سر رقم جاري ڪن ۽ جيڪا ٿورڙي رقم جاري ڪندا آهن، اها به کاتن جي نا اهليءَ سبب خرچ ٿي نه سگهندي آهي، ترقياتي رٿائون تڪميل تي پهچي نه سگهنديون آهن، پر مجال آهي، جو لاڳاپيل کاتي جا مجيري بد دماغ بيوروڪريسي کان پڇاڻو ڪن! اهو ڪنهن هڪ سال جو پِٽڪو ڪونهي، ڪنهن هڪ سال جي ڪارڪردگي ڪانهي، لڳ ڀڳ هر سال ائين ٿيندو پيو اچي. هن ڀيري به بيوروڪريسي پنهنجي نا اهليءَ واري سڃاڻپ بدلائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي آهي. ڪالهوڪي “پنهنجي اخبار” ۾ رپورٽ ٿيل خبر موجب. مالي سال 23-2022ع دوران 2506 هلندڙ ۽ 1652 نون منصوبن لاءِ 332 ارب رپين جي رقم رکي وئي هئي پر 9 مهينن ۾ 163 ارب، 63 ڪروڙ رپين جي بجيٽ جاري ٿي ۽ ان مان به صرف 103 ارب، 30 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهيا. مالي سال جي باقي رهيل پوڻن ٽن سالن ۾ سموري رقم خرچ ڪري رٿائن کي تڪميل تي پهچائڻ جا امڪان گهٽجي ويا آهن

سنڌ جي ترقياتي رٿائن تي رکيل رقم خرچ نه ڪرڻ جو مطلب سنڌ جي ترقيءَ جي رستي روڪ ڪرڻ آهي. اهو عمل سالن کان ٿيندو رهيو آهي. سڀني کاتن جي ڪارڪردگي ٿوري گهڻي فرق سان لڳ ڀڳ ساڳي ئي آهي. جڏهن مختلف کاتن جي بيوروڪريسي اهو بنيادي انتظامي فرض پورو نٿي ڪري سگهي ته ان نا اهل نفريءَ کي عوام جي ٽيڪسن جي نالي تي پالڻ جو جواز ئي ڪهڙو آهي؟ “گُڊ گورننس” جو پروفائل سمورن حڪومتي کاتن جي گڏيل بهتر ڪارڪردگيءَ سان جڙندو آهي ۽ جڏهن سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگيءَ جو اهو حال هجي، جو اهي ترقياتي بجيٽ شفاف نموني خرچ ڪري رٿائن کي تڪميل تي پهچائڻ جي اهليت ئي نه رکندا هجن ته اهڙي ڪارڪردگيءَ کي ڀلا ڪهڙو نالو ڏجي؟ اها سموري ڪارڪردگي سنڌ جي انتظامي سربراهه جي کاتي ۾ ڳڻجي ٿي. حيرت اها آهي ته اڪثر ڪري اهڙي ڪارڪردگي سامهون اچڻ باوجود سنڌ جي انتظامي سربراهه ان جو پڇاڻو نه ڪيو آهي. اسان ان راءِ جا آهيون ته، هر ٽه ماهيءَ ۾ سمورن حڪومتي کاتن جي ان حوالي سان ڪارڪردگي رپورٽ ورتي وڃي ته ههڙو هاڃو نه ٿئي. ان سان اها به خبر پئجي ويندي ته ڪيتري رقم جاري ٿي ۽ ڪيتري خرچ ٿي ۽ ڪوتاهيءَ کي بهتر ڪري سگهبو. هڪ وڏي ڪوتاهي اها آهي ته رٿائن لاءِ وقت سر رقم جاري نه ڪئي ويندي آهي، سڄو سال حيلا بهانا ڪري ۽ اعتراضن ذريعي گوٿناٿ جاري رهندي آهي ۽ سال جي آخري مهينن ۾ خزاني جا حاتم طائي خزاني جا منهن کولي ڇڏيندا آهن. ان مرحلي تي اها رقم جاري به ٿئي ته به اهي رٿائون تڪميل تي پهچي نه سگهنديون آهن. ڇا اهڙي ئي ڪارڪردگيءَ سان گڊ گورننس جو پروفائل جڙندو؟

سنڌ ۾ ترقياتي بجيٽ جي خرچ نه ٿيڻ سان ترقياتي رٿائون پوريون نه ٿي سگهنديون، جنهن ڪارڪردگيءَ جو احتساب ٿيڻ گهرجي. سرڪاري کاتن جا مهندار جڏهن اهو بنيادي ڪم به نٿا ڪري سگهن ته باقي انهن جي ڪرڻ جو ڪم ئي ڪهڙو ٿو رهجي وڃي؟ سنڌ جي انتظامي سربراهه کي اهڙي ڪارڪردگيءَ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، رٿائن جي تڪميل لاءِ وقت سر رقم جاري ڪرڻ کي به يقيني بڻايو وڃي