هڪجهڙو نصاب،گذريل پاليسيون ۽ ناڪامين جا سبب

0
335

ملڪ جي اقتداري اڱڻن تي ڪجهه هدفن کي هٿن ۾ پڪڙائي جنهن ڏينهن کان تحريڪ انصاف کي تخت تي ويهاريو ويو آهي انهن مڙني هدفن ۾ شامل هڪ هدفِ خاص اها ارڙهين ترميم به شامل آهي. جنهن کي واپس وٺڻ، يا ڪجهه شقن ۾ مٽا سٽا ڪرڻ، يا مورڳوئي ان کي ختم ڪرڻ جهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ جي لاءِ، بقول ملڪ جي نالي واري صحافڻ زبيدا مصطفى جي، سنڌ کي ڇڏي، باقي ٻيا صوبا تيار ويٺا آهن. ارڙهين ترميم جي تحت جتي ٻين وزارتن جي صوبن ڏانهن منتقلي ٿي انهن ۾ تعليم واري اهم شعبي جو قلمدان جو صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ، گهڻن ماڻهن، خاص طور تي انهن کي ڪُکي رهيو آهي جيڪي مرڪزيت پسند سوچ رکندڙ آهن، يا وري صوبائي خودمختاري جي بدلي ۾، مضبوط مرڪز جا حامي آهن. پر افسوس جو ان ترميم جو “پَٽڪو” لاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف وٽ اهو گهربل انگ اڻلڀ آهي جيڪو آئين جي ڪنهن به آرٽيڪل يا شق کي هيڏي هوڏي ڪرڻ جي لاءِ، هڪ آئيني ۽ قانوني گهرج آهي.

تحريڪ انصاف جو چونڊ نعرو “ٻه نه هڪ پاڪستان” هو جيڪو هڪ جهڙي نصاب جي صورت ۾ هاڻي بلڪل چٽو ٿي چڪو آهي اهو هي ته تحريڪ انصاف کي صرف تعليم ۾، ٻه نه پر هڪ پاڪستان گهرجي ٿو. پي ٽي آئي صرف هڪجهڙي تعليمي نصاب پوري ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ کي ملڪ جي بقا جي لاءِ اهم سمجهي ٿي. هڪ جهڙي نصاب کي حسبِ روايت پنجاب، خيبر پختونخوا ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي، بلوچستان اڃان 50 ففٽي آهي پر سنڌ هن معاملي تي اڃان ته پنهنجي موقف تي قائم آهي پر اڳتي ڏسجي ته ڇاٿو ٿئي. ڇاڪاڻ جو پ پ پ جو هي رڪارڊ رهيو آهي ته پهريان هوءَ عوامي راءِ سان گڏ بيهڻ جي ڳالهه وڏي زور سان ڪندي آهي پر جيئن ئي عوام جا جذبا ماٺا ٿيڻ لڳندا آهن ته هوءَ تڪڙو ٽپو کائي خواصي ايوانن ۾ ويهي ملڪي مفاد جو راڳ آلاپيندي آهي.

وفاقي وزارتِ تعليم جو هي پِٽڪو ته ملڪ جي تعليمي نظام ۾ خاميون آهن، ۽ ان نظام ۾ جيڪي واقعي خاميون آهن اهي هن کي خوبيون ۽ جيڪي خوبيون آهن اهي هن کي خاميون نظر اچن ٿيون. مثال: بطور زبانِ تعليم (ميڊيم آف انسٽرڪشن) جي لاءِ ملڪ جي تعليمي ماهرن سان گڏ سڄي دنيا جا تعليمي ماهر سهمت آهن ته، زبانِ تعليم ان زبان کي هجڻ گهرجي جيڪا ٻار جي ماءُ ٻولي آهي يا وري ماحول جي ٻولي کي. پر اسان جي ملڪ ۾ ماءُ ٻولين ۾ تعليم ڏيڻ جو مطلب “ملڪ دشمني” ورتو وڃي ٿو. شايد اهوئي سبب هجي جو تعليمي پاليسي ساز صرف ان الزام کان بچڻ جي لاءِ نه چاهيندي به زبانِ تعليم يا ته صرف بطورِ خاص انگريزي يا بطورِ عام اردو کي بڻائڻ جي لاءِ ملڪ جي ٺهڻ واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سفارشون ڪندي ٿڪجن نٿا ۽ 1947ع کان وٺي 2010ع تائين ملڪ جي تعليمي نظام کي پنهنجي خواهش آهر يا مرضي سان هلائڻ جي لاءِ ڪل 10 تعليمي پاليسيون مرتب ڪري جاري چڪا آهن ۽ 10 پِلس چئون يا وري يارهين تعليمي پاليسي جيڪا بقول وفاقي وزيرِ تعيلم، شفقت محمود جي ته تعليمي پاليسي تيار آهي ان کي جنهن مقصدِ خاص لاءِ ميدان تي لاٿو پيو وڃي اهو آهي، ملڪ ۾ هر سطح (ابتدائي، ثانوي ۽ اعلى ثانوي) جي تعليم لاءِ مرحلي وار يڪسان نظامِ تعليم. مزي جي ڳالهه ته ذڪر هيٺ آيل تعليمي پاليسي کان اڳ ۾،  هڪ جهڙي نصاب کي تيار ڪري ان تي عمل به شروع ڪيو ويو آهي. انهيءَ ساڳي مقصد هيٺ گذريل ڏهن پاليسين جو ڇا نتيجو نڪتو ۽ انهن جو ڪهڙو حشر نشر ٿيو اچو ته ڏسون.

پهرين تعليمي ڪانفرنس، 1947ع: ملڪ جي باني ۽ پهرين گورنر جنرل، قائداعظم محمد علي جناح (1948–1876) جي نگرانيءَ ۾ تاريخ 27هين نومبر کان 1هين ڊسمبر، 1947ع تائين، ڪراچي ۾، پاڪستان جي تعليمي نظام جي حوالي سان پهرين قومي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس کي ملڪ جي پهرين تعليمي پاليسي طور به ڄاتو وڃي ٿو. قائداعظم هن ڪانفرنس ۾ ملڪ جي تعليمي نظام کي سگهارو ڪرڻ ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ ڪافي ڪجهه رهبر اصول ٻڌايا ته، ڪيئن هن ملڪ جي تعليمي نظام کي اڳتي وٺي وڃجي. ان وقت جي وزيرِ تعليم ۽ ڪانفرنس جي چيئرمين مسٽر فضل الرحمان، تعليم جي حوالي سان هيٺيان چار اهم نقطا بيان ڪيا. 1. روحاني تعليم (مذهبي) 2. سماجي تعليم (معاشرتي) 3. سائنسي تعليم 4. هنري تعليم. ڪانفرنس دوران ڪيترين ئي ڪاميٽين کي جوڙيو ويو جن ۾i. ڪاميٽي، بابت شروعاتي ۽ ثانوي تعليم (پرائمري ۽ سيڪنڊري) ii. ڪاميٽي، بابت سائنس ۽ تحقيق iii. ڪاميٽي، بابت تعليمِ بالغان iv. ڪاميٽي، بابت تعليم هنري سکيا v. ڪاميٽي، بابت يونيورسٽي تعليم vi. ڪاميٽي، بابت عورتن جي تعليم vii. ڪاميٽي، بابت ثقافتي تعلقات.

ڪانفرنس ۾ قومي تعليمي نظام کي ابتدائي ٻاراڻي (يا پري-پرائمري)، شروعاتي (پرائمري) 3 کان 6 ۽ 11 سالن جي عمر وارن ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته، قومي تعليمي پاليسي ۾ مفت ۽ لازمي تعليم ڏيڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. ڪانفرنس ۾ هي به چيو ويو ته، ملڪ ۾ ناخواندگي جو سيڪڙو تمام گهڻو آهي اسان جو مقصد صرف هي نه آهي ته، ان سيڪڙي ۾ ڪيتري واڌ ٿي آهي پر، اسان  چاهيون ٿا ته ڪيترا ماڻهو پڙهي لکي سگهن ٿا. هن ڪانفرنس جون اهم سفارشون هي هيون.

ا. ملڪ جو تعليمي نظام “اسلامي” اصولن تي ٻڌل هجڻ گهرجي ب. هر ٻار کي، چاهي پوءِ اهو وڏو هجي توڙي ننڍو، “مفت ۽ لازمي” تعليم ان جو بنيادي حق هجڻ گهرجي ٻ. “سائنسي ۽ هنري” تعليم تي ججهو زور ڏيڻ گهرجي. ڪانفرنس جو اهم نقطو: وزيرِ تعليم زور ڏيندي هي ڳالهه ڪئي ته پاليسي سازن کي روسي مثال (رشين ماڊل) جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. بقول سندس جي، روس ۾ 200 يا ان کان به وڌيڪ ٻوليون هيون.  انهن ۾ ڪجهه اهڙيون به هيون جيڪي مناسب نموني سان ترقي به نه ڪري سگهيون. تڏهن به تعليمي انتظامي سربراهن زبانن جي هن انيڪ ڍنگ (ڊاءِورسٽي)کي ڪنهن هڪ ثقافتي رنگ ۾ رڱڻ تي مجبور نه ڪيو. ان جي نتيجي ۾، گڏيل روس ۾ نوي جي قريب زبانن کي زبانِ تعليم جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ کنيو ويو. هي زبانون ڏاهپ جي عمل کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ هڪ تخليقي اوزار جي طور تي اڀري آيون آهن. هاڻي هن ڳالهه کي اتفاق چئجي، سياسي ارادي جي کوٽ يا وفاق پرستن جي نيتن ۾ پيدائشي نقص جو، ملڪ ۾ لڏي ايندڙ ماڻهن لاءِ اٽي، لٽي، ۽ اجهي، ۽ ٻين اهڙن کوڙ سارن انتظامي مامرن ۽ مسئلن کي مُنهن ڏيڻ سبب هن پاليسي تي عمل ڪونه ٿي سگهيو ۽ گهڻو ڪري برطانوي سرڪار جي تعليمي نظام کي جيئن جو تيئن جاري رکيو ويو. (جاري آهي)