جڏهن ڪابل مان آمريڪا جو آخري جهاز اڏاڻو

0
429

جيئن ئي آمريڪي فوجين سان ڀريل آخري جهاز آسمان ۾ اڏاڻو ته ڪيترن ڏينهن کان خاموش ڪابل شهر هوائي فائرنگ جي آوازن سان گونجي اٿيو. ويهن سالن جي وقفي کانپوءِ ڪابل جي ڪاري  آسمان ۾  ڪلاشنڪوف جون ٻرندڙ گوليون پڇڙ تاري جيان قطارون ڪري اڏامڻ لڳيون. آمريڪي فوجي ويندي ويندي ڪابل جي ايئر پورٽ جي وسيع پارڪنگ ۾  هيليڪاپٽرن کان وٺي سفارتڪارن جون مهانگيون لگزري ڪارون ايئن ڦٽائي دٻن جهڙيون ڪري ويا جو ڪابل جي ايئرپورٽ جا انتطام سنڀاليندڙ طالبان جڏهن پٽڪن جا ور ڏيئي هيليڪاپٽر اڏائڻ جي خواهش سان انهن جي اندر داخل ٿيا ته نه اهي اسٽارٽ ٿي ٿيا نه ئي وري انهن جي اڏامڻ جا ڪي امڪان هئا.  ڦٽل هيليڪاپٽر ۽ خراب مهانگين لگزري گاڏين سان گڏ سڄي افغانستان ۾ چيو پيو وڃي ته طالبان کي آمريڪا جا پنجاسي ملڪن کان وڌيڪ جنگي بليڪ هاڪ هيليڪاپٽر ۽ ڇھه لک جديد ننڍا هٿيار هٿ آيا آهن.

هاڻي انهن جي استعمال لاءِ ملان برادر جي حڪومت پريشان آهي.

31 آگسٽ 2021ع جي شام آمريڪي صدر جو بائڊن جي رڳو افغانستان ڇڏڻ واري واعدي وفا ڪرڻ جي شام نه هئي پر ان شام پويان جيڪا افغانستان ۾ ڪاري  رات آئي آهي ان کي ٻيهر سوجھري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ خبر ناهي ڪيترو وقت ۽ ڪيترو رت گهربل هوندو .

افغانستان مان آمريڪي فوجن جي واپسيءَ کي اسان جي ملڪ ۾  ويٺل باشعور ماڻهن جي اڪثريت ڪفر مٿان اسلام جي فتح سان تشبيھه ڏيئي رهي آهي ڪافي ماڻهن جو خيال آهي ته طالبان آمريڪين کي ڊگهي جنگ کان پوءِ بدترين شڪست ڏني آهي. اها خوشي اسلام آباد کان مردان، ڪراچي کان ملتان ۽ ڪوئٽا کان پشاور تائين ڏسي سگهجي ٿي. اسان جي قومي ميڊيا جا اينڪر افغانستان ۾ طالبان راڄ تي خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نٿا ماپن. افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جي برڪتن بابت خصوصي پروگرام ٿي رهيا آهن عالمي ميڊيا جي ساک وارن نشرياتي ادارن جي اسٽوڊيوز ۾ طالبان جي  نئين  سياسي جوڻ مٽائڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جي طريقي ڪار  تي بحث ٿي رهيا آهن.

طالبان جنهن جي آمدني جا ذريعا ماضيءَ ۾ آفيم( ڏوڏي) جي فصل جي پوک، ٽول ٽيڪس ۽ عوام کان عشر زڪوات جي وصولي رهيا آهن انهن کي جيڪڏهن عالمي مدد نه ملي ته هيومن ٽريفڪنگ، آفيم جي فصل جي پوکي، عورتن جي وڪري ۽ چوري جي گاڏين جي کپت وارا ساڳيا ئي رستا بچن ٿا جيڪي طالبان ماضي جي حڪومت ۾ استعمال ڪيا هئا. طالبان کي آفيم جي تجارت مان ساليانه ڏيڍ کان ٽي ارب ڊالر جي آمدني ٿيندي رهي ٿي. پر هاڻي ڪجهه سالن کان طالبان جا ڀاڳ ڀلا ٿيا آهن جو آئيس ۾ استعمال ٿيندڙ “ايفيڊرا” افغانستان جي مختلف حصن ۾ جهنگلي ٻوٽن سان گڏ وافر مقدار ۾ ملڻ شروع ٿيو آهي.

مانٽرنگ سينٽر فار ڊرگ اينڊ ڊرگز ايڊڪشن(اي ايم سي ڊي ڊي اي ) جي رپورٽ مطابق آئيس افغانستان جي ايڏي وڏي صنعت بڻجي رهيو آهي جيڏي آفيم جي صنعت آهي. رڳو افغانستان جي ضلعي بڪواه ۾ آئيس ٺاهڻ جون 300 فيڪٽريون ڪم ڪري رهيون آهن جن سان  هزارين ماڻهن جو روزگار لاڳاپيل آهي. ايئن  بڪواه ضلعي مان اندازن منشيات وڪرو ڪندڙن کان 40 لک ڊالر طالبان ٽيڪس وصول ڪن ٿا. اهو ٽيڪس انهن هارين کان به ورتو وڃي ٿو جيڪي هاڻي“ ايفيڊرا” جي فصل کي پوکين ٿا. طالبان جي سالياني آمدني 30 ڪروڙ ڊالر کان 1.5 ارب ڊالر تائين آهي. هيروئن جي تجارت جو پيسو ان کان علاوه آهي. 60 هزار جنگي لشڪر رکندڙ طالبان لاءِ اها آمدني ڪافي ٻڌائي وڃي ٿي .

افغانستان جي ترقي جي حالت اها آهي ته ورلڊ بينڪ جي 2019ع جي هڪ رپورٽ مطابق ترقياتي ڪمن جي مد ۾ ملندڙ امداد ملڪ جي گراس نيشنل آمدني جو رڳو 2. 2 سيڪڙو آهي جڏهن ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي تي ڪل جي ڊي پي جو 29 سيڪڙو استعمال ٿيندو رهيو آهي جڏهن باقي ملڪن ۾ گهڻو تڻو ٽي سيڪڙو دفاع تي خرچ ٿيندو آهي. ايئن گذريل ٻن سالن ۾ افغانستان ۾ هڪ به گرين فيلڊ سرمائيڪاري جو اعلان ناهي ٿيو، “گرين فيلڊ” سرمائيڪاري تحت ٻاهريون تجارتي ڪمپنيون ملڪ ۾ اچي نئين ڪاروبار يا ڪمپنين جو بنياد وجھنديون آهن.ٻئي طرف افغانستان جي اڪثريتي ماڻهن سان گڏ عالمي دنيا به طالبان جي ماضيءَ واري شريعت کان خوفزده آهن. طالبان جي شريعت ۾  قاضي ڪورٽن ذريعي چور جا هٿ ڪٽڻ، سنگسار ڪرڻ، درا هڻڻ ۽ چونڪن تي سرعام ڦاسيون ڏيئي لاش ٽنگڻ رهيو آهي. قاضي ڪورٽن ۾ نه اپيل نه ٽپيل جو حق حاصل هوندو آهي.

افغانستان ۾ ٻيهر ان قسم جي شريعت لاڳو ڪرڻ تي نه صرف افغانستان جا ماڻهو پريشان آهن پر عالمي دنيا جو به ردعمل اچڻ شروع ٿي ويو آهي. جرمني جي وزير خارجه “هيڪ ماس” نشرياتي اداري( زيڊ ڊي ايف) سان ڳالھه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ طالبان شريعت نافذ ڪئي ته اسان هڪ رپئي جي به هنن جي مدد نه ڪنداسين ايئن ئي يورپ جا ٻيا ملڪ به افغانستان ۾ شريعت جي نفاذ تي پنهنجا وقت سان گڏ ويچار ونڊڻ شروع ڪندا.

خطي جي صورتحال تي نظر رکندڙ ڪيترن ئي تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جوبائڊن افغانستان مان تڪڙو نڪرڻ جو فيصلو ڪري افغانستان ۾ انساني الميي کي هٿ سان جنم ڏنو آهي پر پينٽاگان جون رپورٽون پڙهون ٿا ته اسان تي واضح ٿئي ٿو ته آمريڪا وٽ افغانستان ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه بچيو هو. افغانستان جي ترقي لاءِ مقرر آمريڪي فوج جي خصوصي انسپيڪٽر جنرل “سيگار ”9 جنوري 2019ع ۾ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته افغانستان جي صرف 54 ضلعن تائين آمريڪي نواز افغان حڪومت جو ڪنٽرول هو. ان کان پوءِ آهستي آهستي ان ۾ به ڪمي ٿيندي ويئي. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جو چوڻ هو ته طالبان 2018ع ۾ ملڪ جي 70 سيڪڙو علائقن تائين متحرڪ هئا. اهڙي صورتحال ۾ رڳو ڪابل تي اشرف غني جي حڪومت سواءِ پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن جي ٻيو ڪجهه به ڊليور نه ڪري رهي هئي. پاڻ ڏٺو ته اشرف غني طالبان سان ڊگهي جنگ جون ڳالهيون ڪري رهيو هو پر افغانستان دنيا جي واحد فوج آهي جنهن ۾ گوسٽ فوجي به هئا جن جون پگهارون جنگي سردارن ۽ وزيرن مشيرن جي کيسي ۾ وڃي رهيون هيون. 3لک تي مشتمل افغانستان نيشنل فورس لاءِ چيو پيو وڃي ته عملي طور 90 هزار فوجين تي مشتمل فورس هئي جن کي به ٻن مهينن کان پگهار  نه ملي هئي. پاڻ اهو به ڏٺو ته  صدر اشرف غني پاڻ سان گڏ 16 ڪروڙ 90 لک ڊالرن جي وڏي رقم کڻي وڃي دبئي پهتو.

سچ ته اهو آهي ته آمريڪي فوجين جي واپسي سان گڏ افغانستان کي ايترا ماڻهو ڇڏي پيا وڃن جو لڳي ٿو هي ملڪ خالي ٿي ويندو. توڙي جو طالبان عام معافي جو اعلان ڪيو آهي ان هوندي به هفتي کان طالبان هٿيارن ۽  سرڪاري گاڏين جي ڳولا جي نالي تي اهڙي مهم شروع ڪئي آهي جو طالبان بنا ٻڌائڻ ماضيءَ جيان ٽولن جي صورت ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي ٿا وڃن. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن جي گهرن ۾ رهن ٿا ۽ خاص طور نوجوان ڇوڪرين جا تعليمي سرٽيفڪيٽ چڪاس ڪن ٿا ۽ نوڪرين بابت سوال ڪن ٿا. ڪيترا اهڙا سوال به آهن جيڪي سيڪسيوئل حراسمينٽ جي زمري ۾  اچن ٿا مسئلن هو نواجون ڇوڪرين کان پڇا ڪن ٿا ڇا اوهان ڪنواريون آهيو.؟ افغانستان ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڇوڪرين پنهنجا تعليمي سرٽيفڪيٽ ساڙڻ شروع ڪيا آهن ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪريون خوف مان  پنهنجي مائٽن جا گهر ڇڏي محفوظ هنڌ منتقل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهن. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن جي لڏ پلاڻ نه ٿيندي ته ٻيو ڇاٿيندو.

ڪابل هن وقت اٽي جي کوٽ ۽ پاڻيءَ جي شديد قلت کي  منهن ڏيئي رهيو آهي. ساڳي حالت افغانستان جي ٻين علائقن سان به آهي جتان هنرمند ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري وڃي رهيا آهن.

ٻئي طرف آمريڪا جيڪا دعويٰ ڪئي هئي ته اسان جو مقصد داعش جو خاتمو هو ان ۾ اسان ڪامياب ٿيا آهيون. تازو ڪابل جي هوائي اڏي تي خود ڪش بم ڌماڪو جنهن ۾ 12 آمريڪي فوجين سان گڏ ڪيترائي افغاني شهري مارجي ويا هئا ان جي ذميواري 2014ع ۾ شام ۾ ٺهيل “داعش خراسان”قبول ڪري ثابت ڪيو آهي ته افغانستان ۾ داعش ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ مضبوط نموني سان موجود آهي. خراسان تاريخ ۾ پاڪستان، ايران، افغانستان ۽ ان جي سرحدن سان لاڳو خطي کي چيو ويندو هو. “داعش خراسان” تنظيم ۾ به پاڪستاني، ازبڪ ۽ افغاني شدت پسند شهري شامل آهن. داعش خراسان بابت هن وقت تائين جي معلومات مطابق 500 جي لڳ ڀڳ دهشت پسند شامل آهن جن جا ڳجھا سيل پاڪستان ۾ به ٻڌايا وڃن ٿا.

نائين اليون کان پوءِ جنرل مشرف جي دور ۾ خود ڪش حملن ۽ بم ڌماڪن ۾ 70 هزار پاڪستاني قتل ڪيا ويا هئا. ان دوران پاڪستان جو 120 ارب ڊالر معاشي نقصان  ٿيو پر جڏهن آمريڪا افغانستان تي قبضو ڪيو ۽پنهنجي اتحادين جي حڪومت جوڙي ته افغانستان ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري لاءِ ڀارت کي موقعا فراهم ڪيا ويا. جنهن ڪري ويهن سالن تائين ڀارت نه رڳو فوجي ڪانٽريڪٽر طور افغانستان مان فائدو وٺندو رهيو پر افغانستان ۾ ترقي جي نالي تي ٿيندڙ نيٽو ۽ ٻين يورپ جي ملڪن جي ڊالرن مان به مستفيد ٿيندو رهيو ان ڪري معاشي ماهر چون ٿا ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي سان وڌ کان وڌ نقصان ڀارت کي پوڻو آهي. شايد اها ڳالهه ڀارت جي اتحادي آمريڪا کي به سمجهه ۾ اچي ويئي آهي جنهن ڪالهه کان دوحه ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي ٽياڪڙي ۾ طالبان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون شروع ڪرايون آهن. اهڙي صورتحال ۾ نوي واري ڏهاڪي ۾ طالبان جي حڪومت کي  قبول ڪرڻ وارو ملڪ پاڪستان جنهن 40 سالن تائين افغانستان ۾ جنگي محاذ تي جنرل ضياءَ جي دور ۾ مجاهدين ۽ جنرل مشرف جي دور ۾ طالبان کي فوجي ۽ مالي مدد فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ان کي هن نئين صورتحال ۾ ايئن ٻاهر رکيو ويو آهي ڄڻ پاڪستان جو هن خطي جي صورتحال ۾ ڪو ڪردار ئي نه بچيو آهي.  ڪيتري عرصي کان آمريڪا پاڪستان کي امداد ڏيڻ کان به نابري واري بيٺو آهي، ٻئي طرف آمريڪا جي هن خطي ۾ متحرڪ ڪردار واري موٽ سان ايئن لڳي رهيو آهي ته آمريڪا ٻيهر“ دهلي، لنڊن ۽ واشنگٽن” جي ٽرائيڪا واري فارمولي تي ماضيءَ جيان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. مقصد ته هن خطي جي مستقبل بابت اهائي ٽرائيڪا فيصلا ڪندي.

هوڏانهن افغانستان جي پنجشير واديءَ ۾ بغاوت ۽ داعش خراسان جي موجودگي خود ملان غني بردار جي نئين حڪومت لاءِ چئلينج آهن. پاڻ جي حالتن جو تز تجزيو ڪنداسين ته آمريڪي فوجين کي کڻي ويندڙ آخري جهاز تاريخ جي گيلري ۾ ڪيترائي سوال ڇڏي ويو آهي. ان جهاز جي تصوير پينٽاگان جي ڪنهن ڀت تي آويزان ٿئي نه ٿئي پر هن خطي جي حالتن کي ضرور تبديل ڪندي.

افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪامي،يا طالبان جي نئين حڪومت آمريڪا نواز حڪومت جي ليبل سان هلڻ شروع ڪندي يا ڪٿي هن خطي جو نقشو ئي تبديل ڪري ويندي. گهڻن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هن خطي ۾ پراڪسي وار ۾ تيزي ايندي. ٿي سگهي ٿو ته معاشي طور ڪمزور ملڪن جي جاگرافيائي سرحدن ۾ به ڪي لڪيرون ڪڍي ڦير ڦار ڪئي وڃي. ان نئين لڪيرن ۾ خود افغانستان به ڳاڙهي لڪير هيٺ آهي.