صرف تعليمي نصاب نه، تعليمي نظام بدلايو!

0
774

وفاقي حڪومت جي طرفان تعليمي سڌارن جي حوالي سان ھڪجھڙو قومي نصاب  متعارف ڪيو ويوآھي جنھن تحت سڀني صوبن کي چيو ويو آھي ته پنھنجي تعليمي ادارن ۾ اھڙو نصاب شامل ڪن. ھاڻي ڏٺو وڃي ته ان ھڪجھڙي قومي نصاب ۾ کوڙ اھڙيون ڳالھيون آھن جن تي بحث ڪرڻ جي ضرورت آھي، جيئن اوچتو ايڏي تبديلي اھا به سڀني صوبن جي مشاورت ۽ راضپي کانسواءِ ذھنن ۾ سوال ٿي پيدا ڪري، تيئن ئي ان نصاب جي اندر موجود نئين مواد تي به تنقيدي نظر جي گھرج سامھون اچي ٿي.

ھي پھريون دفعو ناھي جو پرائمري کان ويندي انٽرميڊيئٽ ڪلاسن تائين ھڪجھڙو قومي نصاب لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھونئن ڏٺو وڃي ته تعليمي سڌارن جون ڪوششون پاڪستان جي ٺھڻ کان ئي شروع ٿيندي نظر اچن پيون. 1947ع جي پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ به اسٽينڊرائيزڊ ايجوڪيشن سسٽم جي ڳالھه ڪئي وئي ھئي. اھڙي طرح ھر نئين حڪومت پنھنجي دور ۾ ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان تعليمي نظام کي سڌارڻ لاءِ تعليمي نصاب کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. 1959ع ۾ ڪميشن آن نيشنل ايجوڪيشن نصاب ۾ تبديليون آڻڻ جي ڳالھه ڪئي. 1969ع ۾ پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين يونيفارم ايجوڪيشنل اسٽرڪچر پاليسي تحت پوري ملڪ ۾ ھڪجھڙو نصاب ۽ درسي ڪتاب ٺاھڻ لاءِ ماھرن کي ڪٺو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي جنھن ۾ علائقن جي حساب سان فرق جي گنجائش رکي وئي ھئي. ان کانپوءِ 1970ع واري ايجوڪيشن پاليسي ۾ نصاب کي نئين سر ترتيب ڏيڻ لاءِ بيورو آف ڪريڪيولم ڊولپمينٽ ٺاھڻ جو مشورو ڏنو ويو، ان کان پوءِ جلد ئي 1972ع ۾ ان بيورو کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويا ۽ ملڪ جي نظريي جي حساب سان پوري نصاب کي ٻيھر ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.  ان سان گڏوگڏ نصابي ڪتاب ڇاپڻ لاءِ نيشنل فائونڊيشن فار بڪ پبليڪيشن ٺاھڻ جي تجويز ڏني وئي. ان کانپوءِ آيو جنرل ضياءُالحق جو اسلامائزيشن جو دور جنھن جو وڏو اثر تعليمي نصاب تي به پيو. 1979ع واري ايجوڪيشن پاليسي جو اھم مقصد تعليمي نظام ۾ اسلامي نظريو شامل ڪرڻ ھو، جنھن  تحت نيشنل ايجوڪيشن ڪائونسل ٺاھي ان کي اھو ڪم سونپيو ويو ته سمورا درسي ڪتاب ٻيھر ترتيب ڏنا وڃن جن ۾ اسلامي سوچ ۽ قومي ٻڌيءَ جا سبق شامل ھجن. ھاڻي واري سنگل نيشنل ڪريڪيولم پاليسي ان سوچ جي ئي عڪاسي ڪندي نظر اچي پئي. 1992ع جي ايجوڪيشن پاليسي جو خاص زور تعليم کي ترقي پسنديءَ جي راھه تي ھلائڻ ھو جنھن جي ڪري نصاب کي وري تبديل ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون ۽ شاگردن ۾ صلاحيتون پيدا ڪندڙ نصاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 1979ع واري پاليسيءَ جي برعڪس ھن پاليسيءَ ۾ صرف سيڪنڊري ليول جي ٻارن جي ڪتابن ۾ اسلامي فلسفي کي پڙھائڻ لاءِ نصاب ۾ اھڙو مواد شامل ڪيو ويو.  1998ع واري ايجوڪيشن پاليسيءَ ۾ نوان مضمون آندا ويا جن جو مقصد ٻارن ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ ھو. ڪافي وقفي کانپوءِ 2009ع جي ايجوڪيشنل پاليسيءَ ۾ وقت جي ضرورتن آڌار نوان موضوع شامل ڪرڻ لاءِ نصاب ۾ تبديليون آنديون ويون، انفارميشن ٽيڪنالاجي، انساني حقن، ماحولياتي آلودگي، صحت ۽ امن وغيرہ جھڙا موضوع سبقن ۾ شامل ڪيا ويا.ان سڄي تاريخي پسمنظر پيش ڪرڻ جو مقصد اھو آھي ته اسان کي خبر ھجڻ گھرجي ته ماضيءَ ۾ جڏھن به تعليمي سڌارن جي ڳالھه ٿي آهي ته گھڻو زور نصاب بدلائڻ تي ئي رھيو آھي ۽ ھر دفعي نصاب بدلائڻ جي باوجود تعليمي معيار بھتر نه ٿيو. ٻيو اھو ته تعليمي نصاب کي جيئن ھاڻي واري حڪومت اسلامي نظريي تحت بدلائڻ چاھي ٿي اھو پھريون دفعو ناھي پر ضياءُ الحق جي دور ۾ ان تي عمل ڪيو ويو

جنھن جا نتيجا اسان ڏسي به سگھون ٿا. ھڪجھڙو قومي نصاب تيار ڪرڻ ۾ ضرور ماھر تعليمدانن جي محنت شامل ھوندي. پر ڇا قومي سطح تي ايڏي تبديلي آڻڻ لاءِ ملڪ جي سڀني صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو؟ ڇا سڀني صوبن جي تعليم جي وزارت ۽ تعليمي ماھرن سان مشاورت ڪئي وئي؟ استاد جيڪي ان نئين نصاب کي پڙھائڻ جي لاءِ ذميوار آھن ڇا انھن جون صلاحون ورتون ويون؟ نصاب ٺاھڻ مھل مختلف درجن جي ٻارن جي ذھني سطح ۽ سکڻ جي سگھه کي ذھن ۾ رکيو ويو يا نه؟ پوري دنيا جا تعليمدان ان ڳالھه تي متفق آھن ته خاص طور تي شروعاتي ڪلاسن ۾ ٻارن کي پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ پڙھايو وڃي، ته پوءِ ھن نئين پاليسيءَ تحت زبردستي اردوءَ ۾ ڪتاب ڇو ٿا پڙھايا وڃن؟ ٻيو ته ٺھيو علاقائي ٻولين کي منڍون ئي خارج ڪيو ويو آ جيڪا سراسر ناانصافي آھي.

 

پاڪستان مختلف صوبن ۾ آباد  مختلف تھذيبن وارو ملڪ آھي، انھن علائقن جي پنھنجي پنھنجي ثقافتي، ادبي، سماجي ۽ روايتي تاريخ آھي جنھن تي اتان جي ماڻھن کي فخر به آھي ۽ اھي ان ورثي کي پنھنجي ٻارن تائين پھچائڻ به گھرن ٿا. ھڪجھڙو قومي نصاب پوري ملڪ جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي ادارن تي لاڳو ھوندو ان ڪري ان ۾ لچڪ آڻڻ جي سخت ضرورت آھي ۽ ان پاليسيءَ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ان ضرورت کي سمجھڻ گھرجي. مثال طور، ھائر ايجوڪيشن ڪميشن سڄي ملڪ جي يونيورسٽين کي نصاب جي حوالي سان ھڪجھڙو پڙھائڻ لاءِ پابند ڪيو آ ۽ اھڙيون ھدايتون مختلف قسم جي پروگرامن ۾ شامل مضمونن جي ڪورس آئوٽ لائن جي صورت ۾ ڏنل آھن، پر ڪتاب ھر يونيورسٽي پنھنجي مرضيءَ سان چونڊي شامل ڪري سگھي ٿي. ان سان گڏوگڏ يونيورسٽين کي اجازت ھوندي آھي ته ڏنل ڪورس آئوٽ لائن کي 20 کان 30 فيصد پنھنجي حساب سان بدلائي به سگھجي ٿو. ساڳئي طريقي سان جيڪڏهن صوبن کي ايتري ڇوٽ ڏني وڃي ته ھو پنھنجي ماحول ۽ ٻارن جي ضرورتن جي حساب سان نصاب ۾ ۽ڪتابن جي چونڊ ۾ پنھنجو فيصلو پاڻ ڪن ۽ پنھنجي علاقائي ٻوليءَ کي به پورو ڌيان ڏئي نصاب ۾ شامل ڪن. سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ کي قومي نصاب منجھه شامل نه ڪرڻ تي ڪافي بحث پيو ھلي، ۽ سنڌ جي تعليم واري وزير جي بيان سان عوام کي ڪجھه آٿت ملي آھي. پر ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته جتي ٻين سڀني صوبن ان ھڪجھڙي  قومي نصاب کي قبول ڪري اسڪولن ۾ پڙھائڻ جو عھد ڪري ڇڏيو آ اتي سنڌ ڪھڙو قدم کڻندي! ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار کي گھرجي ته ھنگامي بنيادن تي وفاق سان ان مسئلي تي رابطو ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪتابن ۾ پنھنجي صوبائي تاريخ، ثقافت، ادب، ۽ ھيروز کي شامل ڪرڻ واري شرط مڃرائي قومي نصاب جي آجيان ڪرڻ گھرجي.

ان سان گڏوگڏ ھڪجھڙو قومي نصاب  تيارڪندڙ ۽ لاڳو ڪندڙ وفاق جي اداري منسٽري آف فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ کي به گھرجي ته ھو نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي سڀني صوبن جي تعليم جي وزيرن ۽ پاليسي ميڪرز سان سنجيده گڏجاڻيون ڪري نصاب ۾ تبديلين ۽ صوبن جي راين ۽ خدشن تي بحث مباحثو ڪن ۽ اختلافن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ان کان علاوہ بجاءِ تڙ تڪڙ ۾ پورو نصاب بدلائڻ جي وفاق کي گھرجي ته پوري ملڪ جي ٻارن جي ذھني سطح کي پرکڻ ۽ تعليمي ماھرن ۽ استادن سان مشاورت لاءِ رابطا ڪيا وڃن، سائنسي طريقي سان تحقيق ڪرڻ لاءِ ماھرن، تعليمدانن، استادن، شاگردن، والدين، بورڊز، پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن، پبلشرز ۽ سماجي اڳواڻن سان انٽرويو، فوڪس گروپ ڊسڪشنز ۽ سروي ڪرائي وڃي ، ان کانپوءِ نتيجن کي سامھون رکي نصاب کي تبديل ڪجي ته اھو سڀني کي قبول به ھوندو ۽ ان تي عمل به ٿي سگھندو. باقي ٻارن جي مستقبل سان سلھاڙيل قومي سطح جا اھم فيصلا ايئن اڪيلائيءَ ۾ ڪري عوام مٿان نه ٿا اڇلائي سگھجن. قومي سطح تي نصاب تيار ڪرڻ مھل عالمي ضرورتن کي به رد نه ٿو ڪري سگھجي، ان ڪري ڏٺو وڃي ته ترقي يافته ملڪن ۾ پرائمري، سيڪنڊري، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ليول تي ڇا پيو پڙھايو ويو ۽ ڪيئن پيو پڙھايو وڃي، ۽ انھن جي تعليمي نظام کي پنھنجي نصاب ۾ ٺاھڻ مھل نظر ۾ رکڻ گھرجي.

جيڪڏھن مڃون به ته  نصاب ۾ تبديليءَ سان تعليمي معيار تي سٺو اثر پوندو ته پوءِ ان نواڻ کي ڪنھن سياسي يا مذھبي نظريي کان پري رکي مڪمل طور تي نج تعليمي معيارن تي پيش ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو. اڄ جي ٻارن جي سوچ سڀاڻي جي نوجوانن جي عمل جي اڳڪٿي ڪري ٿي. ھاڻي جيڪڏھن ٻارن کي سوچڻ جي سگھه کان محروم رکي، پنھنجي سياسي منشور کي وچ ۾ آڻي، شعور پيدا ڪندڙ نصابي مواد کان پري ڪنداسين ته اھو وقتائتو سمجھوتو مستقل طور تي نسل در نسل شعوري بحران جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته تعليمي معيار وڌائڻ لاءِ ھر حڪومت کي ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ گھرجن پر ان جو صرف اھو مطلب به ناھي ته ھر دفعي صرف نصاب ئي بدلائجي، ٻارن جي سٺي مستقبل ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ صرف تعليمي نصاب نه، تعليمي نظام بدلائڻ جي ضرورت آھي جنھن ۾ استادن جي بھتر تعليم  تربيت، اسڪولن جو ھجڻ، اسڪولن ۾ بنيادي سھولتن جو ھجڻ، اسڪول جو ماحول سٺو ھجڻ، نقل کان پاڪ بھتر امتحاني سرشتو، ٻارن ۾ سوچڻ جي صلاحيت پيدا ڪندڙ درسي ڪتاب، سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي ادارن ۾ فرق جو خاتمو، ۽ ميرٽ ڪلچر شامل آھي.