هاڻ اڇوت ڳالهائيندو

0
460
لطيف جو وڏو پارکُو ،مٺو مهيري

 هاڪڙو ادبي فورم (سنڌ ) پاران گُلابي گرينائيٽ جي سرمائيدارن هٿان چوري ٿيندڙ ڪارونجهرجبل جي هڪ حسين ٽڪري تي تازو ئي سرائيڪي زبان ۾ لکيل ناول “ لوڻ دا جيون گهر ” جي مهورتي تقريب ٿي گُذري . اردو زبان ۾“نمڪ ڪا جيون گهر ” جي نالي سان انهي ناول جو منور آڪاش پاران ٿيل ترجمو فنڪش ھائوس لاهور وارن شايع ڪيو آھي . اها مهورتي تقريب خواب گاھه جهڙي سرحدي شھر ننگرپارڪر جي ڀرسان ان ئي ناول ۾ اڏيل ناٽڪ گهر جي چبوتري جهڙي خوبصورت ٽڪري تي اهڙي ماحول ۾ ٿي جو ان تقريب ۾ شريڪ ماڻھُو ان کي ناول ۾ اڏيل شھر لُوڻي جو ناٽڪ گهر چئي رهيا هئا ۽ اڪثر مقررين ان تقريب کي لُوڻي شھر جي گُمشده ڪردار لوڻڪا جي تلاش جي ڪوشش قرار ڏنو.  شام ٿيندي ئي ڪارونجهر جبل اوچتو ڏيئن سان جرڪي پيو ۽ تقريب ۾ شريڪ سمورا ماڻھُو گهڙي کن لاءِ ڄڻ ته ڪنهن داستان ۾ جيءُ رهيا هئا. ان تقريب جي اهم ڳالھه اها هئي ته ان  ۾ ملڪ جي مختلف ٻولين جي نامور  فنڪشن نگارن شرڪت ڪئي ۽ حسين واقعو اهو هو ته اسٽيج تان گفتگو  سنڌي، سرائيڪي، پهاڙي،  ڍاٽڪي ۽ اردو ٻولين ۾ ٿي.

ٻولين جي ان رنگا رنگي محفل ۾ ھن ناول تي علمي گفتگو ٿي ۽ ناول جي ڪهاڻي کي مقامي ۽ آدي واسين جو موقف قرار ڏنو ويو . هن ناول ۾ اهي مقامي اُڀري ٿا اچن جن حمله آورن جي هٿان پاڻ تي مڙھيل تاريخن،  تذڪرن،  داستانن، ديومالائن ۽ عقيدن کي اٿلائي ڇڏيو آھي .  ان سفر ۾ ھنن رامائڻ ، مهاڀارت ۽ ناٽيه شاستر جهڙن ڪتابن کي ٻيهر نئين طرح سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آھي  ۽ يوگا ۽ وحدت الوجود تي پنهنجي ناٽڪ گهر ۾ کيڏ کيڏيا آھن. هي آدي واسي موت جي سامهون پنهنجي ڪلا کي کڻي آيا  ۽ محمد بن قاسم ۽ انگريز راڄ جي سامهون پنهنجي شھر کي پنهنجي ڪلا سان بچايو ان جو دفاع ڪيو. هن ناول پنهنجي تاريخي جادونگاري جي ٽيڪنڪ سان هن خطي جي تاريخي وهڪري کي فڪشن ۾ بدلائي ڇڏيو. هن تقريب دوران ناول ۾ اڏيل لوڻي شھر ۽ ڪارونجهر ۾ ھڪ عجيب ميلاپ پئدا ٿي پيو جنهن کي اتي موجود هر ماڻھُو محسوس ڪيو.هن تقريب ۾ ڳالهائيندي اردو جي مشھُور ناول نگار جو موقف هو ته جيڪڏھن مادري ٻولين جا ناول نگار پنهنجي فڪشن ۾ اڃان وڌيڪ نکار پئدا ڪري وٺن ته اُھي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. ان جي ان ڳالهه جي جواب ۾ “ نمڪ ڪا جيون گهر ” جي ناول نگار چيو ته اسين ڪنهن قومي ڌارا بجاءِ پنهنجي مقامي ڌارا جو حصو آھيون .

هن جو چوڻ ھو ته هيستائين اسان جي باري ۾ جيڪو ڪجھه لکيو ۽ ڳالهايو ويو آھي اسين ان کي نٿا مڃون. هاڻ اڇوت،  مليڇ ۽ راڪشس جي پنهنجي ڳالهائڻ جو وارو آھي. هاڻ توهان کي انتظار ڪرڻو پوندو ته راڪشسن جو فڪشن ڪهڙو آھي ۽ ھُو ناول ڪيئن ٿا لکن . هن بحث تقريب ۾ دلچسپ صورتحال پئدا ڪري ڇڏي جنهن سان اتي موجود ماڻھُن ۾ سوچ جي هڪ نئين لهر پئدا ٿي جيڪا شايد سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ رهڻ وارين تمام قومن لاءِ اهم هجي . ان سلسلي ۾  چند اردو ناول نگارن سان ڳالھه ٿي ته انهن جو چوڻ ھو ته فڪشن مان هاڻي تاريخي قصن، ڪهاڻين،  وارتائن، المين، قومن جي آپ بيتين ۽ تهذيبي فخر جو زمانو گهڻو اڳي گُذري چڪو آھي. هاڻي فڪشن ۾ جدت اچي وئي آھي ۽ اها جدت انسان جي وجودي،  نفسي ۽ جنسي ڪشمڪش ۽ شھري يا صنعتي زندگي جي وارداتن جي تجزيئي سان پوري ٿي سگهي ٿي. انهن موجب اردو ۾ لکيو ويندڙ ناول ئي جدت جي ذمري ۾ اچي ٿو ۽ انهن جي خواهش هئي ته فن ، فڪر، ڪهاڻي ۽ پلاٽ ۾ به اردو جي قائم ڪيل اصولن جي پاسداري ڪئي وڃي. ايئن ڪرڻ سان ئي مادري زبانن جو ادب جديد ادب جون تقاضائون پوريون ڪري سگهي ٿو. انهن جو خيال هو ته پاڪستان ۾ وسندڙ تمام قومن کي پنهنجو ادبي معيار بلند ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ۽ ناول نگاري جي ان معيار تائين پهچڻ گهرجي جيڪو معيار اردو ناول نگار قائم ڪري چڪا آھن.

هو موقف ۽ فڪشن ۾ فرق سمجهڻ پيا چاهن . هنن جي نظر ۾فڪشن توڙي آرٽ جي ٻين شعبن ۾ پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کڻي اچڻ  پراڻ پسندي ۽ ماضي پسندي آھي  جڏھن ته جديد آرٽ ان ۾ به خاص ڪري ناول نگاري تمام گهڻو اڳتي وڃي چُڪي آھي. سنڌي ، سرائيڪي، پشتو ۽ بلوچي ناول کي اڃان گهڻو پنڌ ڪرڻو پوندو. اهي جديد فڪشن نگاري سان تڏھن ئي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهندا جڏھن اهي پنهنجي روايتي ۽ گٺل پيٺل پراڻن موضوعن مان نڪري جديد موضوعاتي وسعتن  کي پنهنجائيندا. جڏھن ته ٻئي پاسي وري ڪراچي ۾ ٿيندڙ عالمي اردو ڪانفرنسز سميت اڪثر سيمينارز ۾ به ان ڳالھه جو اظھار بار بار ڪيو ويندو آھي ته اردو ڏينهون ڏينهن بند گلي ڏانهن پئي وڌندي وڃي. جڏھن ته مادري زبانن ۾ لکيو ويندڙ ادب موضوع، موقف،  اسلوب، ٻولي جي وسعت ۽ اظهار جي نواڻ سبب پوري دنيا ۾ مقبول ٿي رهيو آھي. انهن حالتن ۾  اردو کي ان حقيقت کي تسليم ڪري پنهنجو پاڻ کي مقامي زبانن، تهذيبن ۽ تواريخ سان جوڙڻ گهرجي نه ته هن کي بند گلي ڏانهن وڃڻ کان نه ادبي ميلا بچائي سگهندا ۽ نه ئي ڪا ڪانفرنس بچائي سگهندي ۽ نه ئي اها جدت جي ڪوڙين دعوائن جي سهاري بچي سگهندي. اردو اديبن ۽ دانشورن جا هڪ ئي وقت اهي ٻه رجحان ڏٺا ۽  ٻُڌا ويا آھن ۽ گهڻا اردو اديب مادري ٻولين جي ادب تي ڳالهائڻ وقت لساني برتري جو شڪار ٿي ٿا وڃن. انهن ۾ ھڪڙو تضاد اهو آھي ته هو جيڪا ڳالھه ڪنهن ڪانفرنس يا سيمينار ۾ ڪن ٿا. پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ ان جي بلڪل ابتڙ ڳالهائن ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي فڪشن نگارن جو به موقف سامهون آيو آھي. رفعت عباس سان ڳالھه ٿي ته

هن جو چوڻ ھو ته ڪجھه ماڻھن کي سمجھه ۾ نه آيو ته اسان پنهنجي ماضي کي بدلائي ۽ تاريخ کي اٿلائي ڇڏيو آھي. اسان رومانس کي ترڪ ڪري زندگي جي ڏُکن ۽ تڪليفن کي فڪشن جو حصو ٺاهيو آھي. اُتر ۾ ھار کاڌل شيو کي ڏکڻ ۾ هڪ انسان طور دريافت ڪيو آھي. هن جو چوڻ ھو ته اسان جي نئين اک ئي اسان جو فڪشن آھي. اسان ڪالونيل ۽ پوسٽ ڪالونيل بيانيئي کي پنهنجي مقاميت سان ملائي ڏٺو آھي.  اهڙي طرح نامور ڪهاڻيڪار نصير ڪنڀار جو چوڻ ھو ته اسان ڪنهن به طئه شده قومي ڌارا کي نٿا مڃون اسان ناول جي سلسلي ۾ عالمي ادب پڙھيو آھي اسان لاءِ اردو ناول نگاري ۽ ان جو معيار ڪا سند ڪانهي. سرائيڪي ڪهاڻيڪار مرتضي زاهد جو چوڻ ھو ته ڌرتي واسي پنهنجي فڪشن جي باري ۾ پاڻ بهتر ڄاڻي ٿو. ان سڄي معاملي جو هڪڙو رخ اهو به آھي ته خود مادري زبانن جا ڪيترا ئي اديبن خاص ڪري ضياءُ دور ۾ ۽ ان کانپوءِ پي ٽي وي تي لکيل پنهنجي اردو ڊرامن ۾ ڌرتي واسين جي ٻولي ۽ ثقافت جي توهين ڪندا رهيا آھن. انهن پنهنجين لکڻين ۾ ڌرتي واسين ۽ انهن جي تهذيبن کي کل جوڳو ۽ ناقص ڏيکاريو آھي. مادري زبان ڳالهائڻ وارن کي اڇوت ڏيکاري پاڻ قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا. مزي جي ڳالھه ته اڇوتن وٽ ٻيو ڪجھه ھجي نه هجي پر هنن جي يادداشت تمام گهڻي مضبوط هوندي آھي. هنن کي اهڙن ماڻھن جا چهرا ۽ نالا مرڻ تائين ياد رهندا آھن .

هڪ ڌرتي واسي جي ناول “ نمڪ ڪا جيون گهر ” جي تقريب پذيرائي سوچ جي هڪ نئين دروازي کي کوليو آھي . ڪارونجهر  جي ناٽڪ گهر مان هڪ نئين ڳالھه نڪري پئي آھي ۽ اها ڳالھه مقامين جي آرٽ جي سفارتڪاري آھي. ان تقريب ۾ خبر پئي ته صدين کان پوءِ اڇوت ۽ راڪشس ڳالهائڻ آيا آھن. هاڻ انهن جي ڪهاڻي انهن وٽ آھي. هيستائين هنن جي ڪهاڻي ڪنهن ٻئي لکي. هاڻي هي پنهنجي ڪهاڻي پاڻ لکي کڻي آيا آھن. انهي ڪارونجهر جي ناٽڪ ۾ امر سنڌو هڪ ڀرپور اميد سان چيو ته اسان جنگ ۾ هارائجي وياسين، اسين تاريخ ۾ به هارائجي وياسين،  پر اسين ناٽڪ ۾ ڪو نه هارائينداسين، ناٽڪ ۾ جيت اسان جي آھي.