عمران خان جو سرپرائيز ڇا هوندو؟

0
136
محفوظ رستي جي ڳولا ۾ نڪتل عمران خان

 سواءِ عمران خان جي سياسي ڪميٽي واري اجلاس جي باقي هر جڳهه تي عمران خان جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ واري مرحلي تي بحث ٿي رهيو آهي پر عمران خان پنهنجي سياسي ڪميٽي واري اجلاس ۾ به چئي رهيو آهي ته وٽس ڪارڊ موجود آهن هو اهڙو سرپرائيز ڏيندو جنهن سان نه رڳو سندس خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ناڪام ٿيندي پر مخالف ڌر وارا به پريشان هوندا ته  هي ڇا ٿي ويو. عمران خان اها ڳالهه ان ڏينهن کان ڪري  رهيو آهي جڏهن کان عدم اعتماد واري تحريڪ پارليامينٽ ۾ جمع ٿي آهي. عمران خان وٽ اها آس ۽ اميد رکڻ جا دليل به موجود آهن، هو سينيٽ چيئرمين کي اقليت هئڻ باوجود نه رڳو کٽرائي چڪو آهي پر سندس خلاف آيل عدم اعتماد واري تحريڪ ناڪام ڪرائي چڪو آهي، ان ڪري اسان به بحيثيت صحافي اهڙا ڪيترائي سرپرائيز ڏسي چڪا آهيون.  عمران خان جي اهڙي سرپرائيز کان مخالف ڌر وارا به چڱي ريت واقف آهن مون اهو سوال هينئر ئي يوسف رضا گيلاني کان به ڪيو جنهن تي يوسف رضا گيلاني چيو ته هر ڏينهن “سنڊي” ناهي هوندو.

ان ڪري هينئر جن سان عمران خان ماني کائي رهيو آهي يا زرداري هائوس تي هينئر ئي ايم ڪيو ايم وارا مانجهاندو ڪري ويا آهن ڇا اهي سڀ قول ۽ فعل جي تضاد کانسواءِ عمل ڪندا؟ جيڪڏهن معاملو ايئن ئي آهي ته پوءِ عمران خان هينئر مڪمل طور تي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، جنهن سان نه رڳو اتحادي گڏ نظر نه ٿا اچن پر سندس پي ٽي آءِ جا ميمبر به الوداع ڪندي نظر اچن ٿا. عمران خان جي سرپرائيز جا جيڪڏهن پيرا کڻون ته اهي عمل سامهون ايندا جيڪي گذريل هڪ هفتي کان عمران خان ڪندي نظر آيو آهي. هڪڙو سرپرائيز اسپيڪر ڪارڊ هو، اهڙي ڪارڊ کان مخالف ڌر وارا چڱي ريت واقف هئا ان ڪري ئي خورشيد شاهه وارا چئي رهيا هئا ته وزيراعظم کان اڳ اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آندي وڃي ان ڪري جو سينيٽ اندر عدم اعتماد جي تحريڪ هجي يا سينيٽ چيئرمين  جي چونڊ وارو معاملو ان چونڊ واري ڏينهن تي موجود پرزائيڊنگ آفيسر جو ڪردار اهم رهيو آهي.

مخالف ڌر جي بقول سندن ڪردار جي ڪري انهن کي شڪست ملي ان ڪري جيستائين اسپيڪر اسد قيصر موجود هوندو عمران خان کي شڪست ڏيڻ مشڪل هوندو.اسپيڪر اسد قيصر ،علي وزير جهڙن گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪندو، اسد قيصر اجلاس گهرائڻ واري آئيني گهرج کي پورو نه ڪندو، اسد قيصر اجلاس گهرائي پهرين ڏينهن ئي عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪرائڻ کانسواءِ  ئي  اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيندو. اسد قيصر منحرف ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ نه ڏيندو يا انهن جا ووٽ قبول نه ڪندو. اسد قيصر ان حوالي سان سينيٽ چيئرمين کان ويندي قانوني ماهرن سان به ملاقاتون ڪيون آهن پر عمران خان جي هن سرپرائيز کي ڪا ڪاميابي نظر نه ٿي اچي. اسپڪير اسد قيصر کي ٻڌايو ويو آهي ته قانوني ۽ آئيني لحاظ کان اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو. عمران خان جو ٻيو سرپرائيز اهو هو ته هو ڊي چوڪ تي ڏهه لک ماڻهو گڏ ڪري ريڊ زون کي بلاڪ ڪري ڇڏيندو جنهن ڪري ايم اين ايز پارليامينٽ اندر داخل ئي ٿي نه سگهندا.

ان حوالي سان سنڌ هائوس واري ٽريلر جي نمائش به ڪئي وئي پر اهي سرپرائيز ويتر نقصان وارا ثابت ٿيا، جنهن تي سندس قانوني ٽيم عمران خان کي اهو سرپرائيز ڏنو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس داخل ڪري منحرف ميمبرن کي ووٽ کان اڳ ئي نااهل ڪرائجي جنهن تي عمران خان عمل ڪندي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ اڳواٽ ئي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ساڳئي عدم اعتماد واري معاملي جي نتيجي ۾  ٽڪراءُ واري ڪيفيت جي حوالي سان درخواست موجود هئي. سنڌ هائوس تي حملو به پي ٽي آءِ وارن ان ڏينهن ئي ڪيو جنهن ڏينهن تي شيخ رشيد سنڌ هائوس تي چڙهائي نه ڪرڻ جو يقين ڏياري رهيو هو. اسلام آباد پوليس جو ڪردار به سهولتڪار جهڙو نظر آيو جنهن ڪري  سپريم ڪورٽ اندر جڏهن عمران خان جي حڪومت وارن جو صدارتي ريفرنس سامهون آيو ته ان ڏينهن ئي آءِ جي اسلام آباد کي به پڇاڻي مان گذرڻو پيو ته ساڳئي وقت سپريم ڪورٽ پيپلز پارٽي ن ليگ ۽ جي يو آئي کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري جڏهن بلاول ڀٽو شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سپريم ڪورٽ پهتا ته اهو ڏينهن به مخالف ڌر جي ايوينٽ طور ورتو ويو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ اندر به ڊي چوڪ تي ڪنهن به ميمبر کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ واري عمل کان به انڪار ڪندي اهو يقين ڏياريو ويو ته ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي.

ساڳئي وقت ڊي چوڪ بجاءِ ڊي چوڪ کان گهڻو پري پريڊ اوينيو ۾ عمران خان کي جلسي ڪرڻ جي اجازت بابت آگاهي ڏني وئي. سپريم ڪورٽ ان تي به تشويش جو اظهار ڪيو ته سياسي پارٽيون ڏنڊن جو ذڪر ڪري رهيون آهن سپريم ڪورٽ اهڙو ڪو به آرڊر جاري نه ڪيو جنهن سان پارليامينٽ اندر عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ٿئي، جنهن جو مقصد اهو ٿيو ته عمران خان جا وڪيل جيڪي عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ وقفو چاهين پيا اهو وقفو کين نه مليو .ساڳئي وقت اها گارنٽي به ڏيڻي پئي ته ڪنهن به ميمبر کي ووٽ ڏيڻ کان نه روڪبو جڏهن ته جلسو به پر امن ۽ پريڊ ايوينيو ۾ ٿيندو. آءِ جي اسلام آباد کي به خبر پئجي وئي ته هي ته سنڌ هائوس جو ٽريلر هو جيڪڏهن اصل فلم هلائي وئي ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟

جنهن ڏينهن تي عمران خان جي سياسي ڪميٽي صدارتي ريفرنس واري چالاڪي ڪري رهي هئي ان ڏينهن تي ئي بلاول ڀٽو هنگامي پريس ڪانفرنس ۾ اسپيڪر اسد قيصر جي ڪردار تي سپريم ڪورٽ کي مداخلت جي اپيل ڪري رهيو هو. حڪومت صدارتي ريفرنس يا سنڌ هائوس جهڙا واقعا ڪرائي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته مخالف ڌر جا ئي مطالبا تسليم ڪرائڻ ۾ سهولتڪار بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري عمران خان جا سمورا سرپرائيز ناڪام ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واريون گهنٽيون به نيوٽرل ٿي چڪيون آهن. هينئر معاملو پارليامينٽ اندر بلڪل آمهون سامهون وارو ٿي چڪو آهي جنهن مان هينئر تائين جي صورتحال جي نتيجي ۾ محسوسو ڪري سگهجي ٿو ته عمران خان نه رڳو گهٻرائجي چڪو آهي پر سندس پارٽي جا ويجها ميمبر به پري ٿيڻ لڳا آهن.

عمران خان جي خواهش هئي ته هو به پرويز مشرف جيان ڊي چوڪ تي پنهنجا مڪا ڏيکاري چوي ته ڏسي وٺو عوامي طاقت، پر هن ڀيري ايم ڪيو ايم جهڙا اتحادي به پيپلز پارٽي سان گڏ نظر اچن ٿا. هينئر جيڪڏهن اسپيڪر قومي اسيمبلي جي اجلاس کي قانوني طريقي سان هلڻ ڏنو ته هن هفتي اندر وڏي تبديلي اچي ويندي. جيڪڏهن اسپيڪر عمران خان جي آخري سرپرائيز جي حيثيت اختيار ڪندي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو ته آئيني بحران سان گڏ سياسي بحران به جنم وٺندو. عمران خان هينئر به بحراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ جو ڪوشش ۾ ئي آهي جنهن کي هو عوامي طاقت جو نالو ڏيندي سرپرائيز سڏي ٿو. جنهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ڏهه لک ماڻهو گڏ ٿيندا ته ان سان فيصلو سندس حق ۾ تبديل ٿيندو، جڏهن ته مريم نواز جو قافلو عمران خان جي جلسي کانپوءِ اسلام آباد ڏانهن پهچندو، جنهن جو مقصد ته مولانا  جو مارچ ۽ مريم نواز جو قافلو عمران خان جي عوامي قوت جو جواب هوندو. عمران خان پنهنجن ناراض ميمبرن جا سمورا شرط مڃڻ لاءِ به تيار نظر اچي رهيو آهي.

اتحادين ۽ ناراض ميمبرن جا مطالبا جيڪي گذريل ٽن چئن سالن ۾ پورا ٿي نه سگهيا هئا اهي مطالبا به تسليم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته چوڌري نثار جو سرپرائيز به بيان هيٺ اچي چڪو آهي. جيڪڏهن هن وقت چوڌري نثار پي ٽي آئي ۾ شامل ٿي ن ليگ اندر پنهنجن هم خيالن کي پنهنجي پاسي ڪري سگهي ٿو ته اهو عمران خان لاءِ سرپرائيز هوندو پر هڪ ته چوڌري نثار ان ملاقات جي تصديق نه پيو ڪري، ساڳئي وقت اهڙي سرپرائيز کي مخالف ڌر وارا سنجيده به نه ٿا وٺن. عمران خان پنهنجي سياسي ڪميٽي واري اجلاس ۾ مائنس عمران خان واري آپشن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ صحافين سان ملاقات ۾ استعيفيٰ نه ڏيڻ جي ڳالهه به ڪري چڪو آهي.

هاڻي ڏسجي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جڏهن عدم اعتماد جي لاءِ ووٽنگ جو وقت اچي ٿو تڏهن عمران خان سان ڪيترا باقي ميمبر گڏ هجن ٿا.