پوجا جو خون انصاف گهري ٿو!

0
291
امر روپلو ڪولهي، ڪارونجهر ۽ ڪالهوڪو احتجاج!

  سنڌ ۾ روزاني ڪا نه ڪا اهڙي خبر لڳي ٿي جنهن۾ هِندو ڇوڪرين کي گهرن مان اغوا ڪري مسلمان ڪيو ٿو وڃي، تن مان ڪيتريون ئي اهي ڇوڪريون واپس پڻ وريون آهن، جن ڪورٽ ۾ اچي پنهنجي مائٽن سان گڏ رهڻ جو بيان ڏنو. ڪيترين ئي ڇوڪرين شاديون ڪيون، پر ڪجهه عرصي کانپوِءِ انهن کي عاشق، اغوا ڪندڙن ۽ حوس جي مريضن طرفان طلاق ڏنو ويو!. ڪن ڇوڪرين کي وري صفا ڳالهه نه مڃڻ يا مائٽن سان گڏ رهڻ جي ضد ڪرڻ يا مزاحمت ڪرڻ تي اغوا واري هنڌ يا اغوا کان پوءِ جتي رکندا آهن اتي ئي قتل ڪيو وڃي ٿو! تازي خبر  آهي ته پوجا ڪماري اوڏ نالي ڇوڪري کي (انهي علائقي جي سماجي ورڪر صنم منگي، شهر جي صحافين  توڙي سوشل ميڊيا جي رپورٽن مطابق) ٻه دفعا زوري گهران اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پهرين دفعي جڏهن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي،  تڏهن انهي معاملي جي حد واري ٿاڻي تي پوجا جي مائٽن طرفان رپورٽ داخل ٿي، پر اغوا ڪندڙ همراهه گرفتار ٿيڻ کان اڳ۾ ضمانت ڪرائي ويو! مطلب ته پوليس به پهرين فرياد تي ڪجهه ڪونه ڪيو. انهي کانپوءِ ٻئي دفعي جڏهن کڻڻ آيا تڏهن ڇوڪري مزاحمت ڪئي جنهن تي انهن سڌيون گوليون هڻي معصوم پوجا ڪماري اوڏ کي قتل ڪري ڇڏيو!!

اسان جي سماج ۾ مذهبي اقليتن جون  هڪ ته صرف ڇوڪريون  اغوا ٿين ٿيون، ڇوڪرا نٿا ٿين!، ٻيو ته ڇوڪريون به صرف ننڍي عمر جون ۽ گهڻو ڪري بي پهچ ۽ مسڪين  ماڻهن جون اغوا ڪيون وڃن ٿيون. جڏهن ته هتي وڏي عمر  وارا ڏوڪرا ۽ ڏوڪريون  عورتون به رهن ٿيون انهن جو مسلمان ٿيڻ وارو معاملو گهٽ نظر اچي ٿو! انهي مان هڪڙي ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته انهي پٺيان حوس آهي ۽ صرف استعمال ڪرڻ لاءِ اها ڪارستاني هلي پئي!  اها ڳالهه به ٺيڪ آهي ته اهو ظلم هن سماج ۾ هر ذات رنگ، نسل ۽ مذهب جي ماڻهو سان آهي پر جيئن ته مذهبي اقليتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان مسئلا ڪرڻ، وري انهن ۾ ڦٻڻ جا وڌيڪ امڪان آهن. اهو نقطو خود غيرانساني، غير برابري ۽ غير پارلياماني روش، سلوڪ ۽ قدر جو وڏو مثال آهي.

اها ڳالهه جناح صاحب جي 11 آگسٽ واري جڳ مشهور ۽ تاريخي تقرير جي نفي ڪندڙ آهي! تنهن ڪري مجموعي سماجي گهُٽ ۽ ٻوسٽ جي ڪري ڇوڪرين جي گهران ڀڄڻ، پسند جو پرڻو ڪرڻ واري ڳالهه کي هڪ حد تائين صحيح سمجهندي چوندس ته اهڙا رضا خوشي وارا پرڻا به ٿيندا هوندا پر اهي ڪي 2 سيڪڙو مس هوندا، باقي گهڻائي وارن معاملن جي نوعيت هڪجهڙي آهي، جنهن ۾ هتي جا وڏيرا، انهن جا ڇاڙتا، انتظاميا، پوليس ۽ ٻيا وس ورا مختلف شڪلن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ملوث نظر اچن ٿا. انهي جو وڏي م وڏو مثال پوجا ڪماري وارو ڪيس آهي. اسان وٽ جڏهن به ڪو خطرناڪ واقعو ٿيندو آهي ته ڪجهه ڏينهن سوشل ميڊيا تي رونشو ٿيندو آهي، وري ٻئي ڏينهن ٻيو واقعو ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ وري انهي پويان! معاملن جو مستقل حل نٿو ڳوليو وڃي تنهن ڪري سوين پوجائون پنهنجي زندگي وڃائي چڪيون آهن!

 سڀ کان پهرين ته هن معصوم ۽ مجبور ڇوڪري جي قاتل ۽ سمورن سهولتڪارن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي! پهرين هتي ڪيترائي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ته ڇوڪريون خوشي سان وڃن ٿيون اهڙي مهم  جي اخلاقي طور  مددگار ثابت ٿيندڙ ۽ ڪيس لوڙهڻ جي اميدوار ماڻهن جا ته هن جديد سنڌ جي مزاحمتي ڪردار “پوجا ڪماري” وات بند ڪري ڇڏيا آهن! هي ڪيس ته پهرين ئي رپورٽ ٿيل هو ٿاڻي تي، پر هتي ته گرفتار ٿيل ماڻهو ڪيئن ٿا ضمانتون وٺن پاڻ کي ته سُڌ آهي! اهڙن قاتلن جو ته وڪيل ٿيڻ به ڪنهن گناهه کان گهٽ نه چئبو، پر هتي ته اهڙن ڪرتوتن واري روش جو بچاءُ ڪندڙ ڪٿي ڪٿي خود انساني حقن جا حڪومتي ڇاڙتا ملوث ملندا آهن جن هن معاملي تي ۽ اهڙن ٻين انيڪ مسئلن تي ڪک جهوري ٻيڻو ناهي ڪيو!!

انهي کانسواءِ شروع کان وٺي اقليتن جي ووٽن تي چوندجي آيل نمائندن جو انهي معاملي تي ڪهڙو ردعمل آيو آهي؟ انهن جو هتي ڪم ڪهڙو آهي؟ جن ماڻهن جي ووٽن تي اهي چونڊجي اچن ٿا انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ، زنده رهڻ جي حق لاءِ مناسب آواز نه ٿا اٿاري سگهن ته پوءِ انهن کي وري عوام کان ووٽ وٺڻ جو حق آهي ڇا؟ انهن جا سمورا بنگلا، ڪاروبار، اڪائونٽ، ملڪيتون، ٻنيون ۽ ٻارا انهن مظلوم اقليتن جي ڪري ٺهيا آهن، انهن جي ووٽن تي اهي اسيمبلين ۾ پهتا آهن ته  پوءِ انهن کي هن ڌرتي تي عزت سان رهڻ واري حق ڏيارڻ لاءِ نمائندن جو فرض ڪهڙو جڙي ٿو؟. منهنجي، انهن چونڊيل نمائندن جي اولاد کي گذارش آهي ته اوهان پنهنجو پاڻ کي پوجا ڪماري، نائلا رند ۽ انيڪ ٻين موت جي ور چاڙهيل معصوم نياڻين جي هنڌ تي ٿوري دير لاءِ ڏسي پوءِ سوچيو!! انهن اوهان جي مائٽن جي باري ۾ پوءِ جيڪا راءِ جُڙي سا  خدا کي حاضر ناظر سمجهي انهن کي ادب جا هٿ ٻڌي ايترو عرض ڪريو ته خدارا پنهنجو فرض نڀايو! ڀلا ڪيتريون پوجائون اڃان پنهنجون زندگيون وڃائين تڏهن اوهان کي اها پڪ ٿئي ته واقعي هتي جي نياڻين سان وڏو ظلم آهي، نسورو قهر آهي! ڪهڙا ثبوت کپن جن جي آڌار تي سنڌي سماج کي يقين اچي ته هڪ مخصوص سوچ تحت مخصوص ڪميونٽي کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي! هي اهي قبيلا آهن جيڪي تاريخ جي تمام وڏن محققن پاران  باربار ثابت ڪيل آهن ته اهي هن سنڌ ڌرتي جا اصل وارث آهن،

انهن پنهنجا نسل هتي دفن ڪيا آهن! انهن تي عذابن جا پهاڙ ڪرن ٿا پر اهي پيسجيو وري مٽي مان ڦٽن ٿا پر ڌرتي ڇڏي نٿا وڃن، لڏپلاڻ جي سخت خلاف آهن، اهي پنهنجي وطن سان محبت ڪن ٿا، مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪن ٿا، انهن وٽ ڪرائيم ناهي، اهي پرامن آهن، انهن جي جهيڙي واري نفسيات ئي ناهي،اهي پورهيت آهن، انهن جي جاتين ۽ قبيلن جا نالا به تاريخي طور تي انهن جي پورهئي ۽ ڪم ڪار جي ڍنگن سان  سلهاڙيل آهن ۽ پورهيتن جي محنتن سان هي دنيا حسين آهي، پورهيت خدا جودوست آهي! انهن پورهيتن سان اهي ويڌن بند ڪرائڻ لاءِ انهي پوڄا ڪماري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي! هي پوڄا رت ڏيئي، پنهنجي عزت کي پاڻ محفوظ ڪري ۽ تاريخ ۾ هڪ سوال اڇلائي وئي آهي ته هن سماج ۾ عورت سان ٿيل ظلم، عورت جي پروڻ ٿيل جسم کي هي نظام ڪهڙو ٿو انصاف ڏئي؟! ۽ پوجا جو خون انصاف گهري ٿو!