هاڻي ته ماڻهو گهرن ۾ به محفوظ ناهن!

0
30
تخريب ۽ دهشت جو مَڪنو هاٿي
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

اڳي ماڻهو ڪچي مان، روڊن رستن تان اغوا ٿيندا هُئا ۽ هاڻي ته سنڌ ۾ امن امان جي ابتري ان حد تائين وڃي پهتي آهي, جو معصوم ٻارڙا پنهنجي گهرن جي در اڳيان اغوا ڪيا پيا وڃن. اڃا ڪُجهه ڏينهن اڳ معصوم ٻارڙي رضا حاجاڻي جي اغوا ۽ قتل تي سنڌ سوڳوار هئي ته وري دوداپور ويجهو ڳوٺ خوش محمد پنهور مان پنهنجي گهر ٻاهران راند کيڏندڙ 8 سالن جي معصوم ٻارڙي حبدار پنهور کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند اغوا ڪري ويا، جنهن کي بعد ۾ پوليس ناڪا بندي ڪري مبينا معاملي ۾ بازياب ڪرائي ورتو آهي. پوليس موجب، اغوا ڪندڙ ٻارڙي کي بلوچستان کڻي وڃي رهيا هُئا، جيڪا ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ اغوا ڪندڙ ٻارڙي کي ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. ايس ايس پي بهادر وڌندڙ بدامنيءَ کي سياسي رنگ ڏيندي چيو آهي ته، چونڊن بعد سياستدانن جي هڪ ٻئي سان مخالفت سبب ڏوهن جون وارداتون وڌيون آهن.

هونئن ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪڏهن به آئيڊيل ته پري جي ڳالهه، اهڙي به نه رهي آهي، جنهن کي اطمينان جوڳو به چئي سگهجي، پر نگران دور ۾ ته امن کي امان حاصل ناهي. نگرانن جي حڪمرانيءَ جي دوران سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي. قتل، غارت گري ۽ اغوا جي واقعن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي چُڪي آهي. ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ نه آهن. قانون جو “فولادي هٿ” فالج زده بڻيل آهي. جيڪب آباد جي ايس ايس پي بهادر جو ڏوهن ۾ واڌ جي حوالي سان موقف به حيرت جوڳو آهي، جنهن ڏوهن جي نوعيت “سياسي” ڄاڻائي آهي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته، ڏوهه “اشرافيه” جي سرپرستيءَ ۾ اسرندا ۽ نسرندا رهيا آهن ۽ ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ان “اشرافيه” جي پهچ ۽ رسائي اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن تائين آهي. ڏوهن جو حسب نسب سياست سان ڳنڍڻ ڪا نئين ڳالهه يا نئون انڪشاف نه آهي. پوليس جي نااهليءَ کي ان جواز تحت رعايت نٿي ڏئي سگهجي. ڏوهه بس ڏوهه ئي آهن ۽ ڏوهن کي روڪڻ پوليس جي منصبي ذميواري آهي. بهرحال ايس ايس پي صاحب جي “پهتل” هجڻ جي ساراهه نه ڪرڻ به بخل هوندو، اڃا ٻارڙو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ بازياب ئي نه ٿيو هو ته اغوا ٿيڻ کان تُرت ئي پوءِ ايس ايس پي صاحب جو موقف اچي ويو ته، ٻارڙي کي اغوا ڪار بلوچستان ڏانهن کڻي ويا آهن. ايس ايس پي صاحب جي ان باخبريءَ جو داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. وري جڏهن سورمي پوليس ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو آهي ته، اهي اغوا ڪار ٻارڙي کي ڇڏي فرار ٿي ويا آهن ۽ اُنهن کي شايد سليماني ٽوپيون پاتل هيون، جو پوليس کي اهي نظر نه آيا. سنڌ ۾ حالت اُتي وڃي پهتي آهي، جو هٿيار بند موٽرسائيڪل سوار گهر اڳيان ٻارڙو اغوا ڪري ٿا وڃن پر ڪٿي به ان جي ترت رستي روڪ نٿي ٿئي. پوليس جي دعويٰ موجب، ٻارڙي کي بلوچستان نيو پئي ويو ته جعفرآباد روڊ ڀرسان پوليس مقابلو ڪيو. هڪ طرف ڳالهه مقابلي جي ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي پوليس اهو پئي چوي ته، ڏوهاري ٻارڙي کي ڇڏي فرار ٿي ويا. اڳ ۾ ته پوليس ان مجبوريءَ جو جواز ڏيندي هُئي ته، پوليس کاتي ۾ سياسي مداخلت آهي پر نگران حڪومت ۾ ته اهو عذر به نه رهيو ۽ گهرو وزير به فورسز جو رٽائرڊ برگيڊيئر آهي، پوليس کي فري هينڊ مليل آهي ته پوءِ جيڪڏهن سياسي ڀوتار ڏوهن ۾ ملوث آهن ته پوليس انهن ۾ هٿ ڇو نٿي وجهي؟ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”نيت کوٽي- عذر گهڻا!“

جڏهن نگرانن سنڌ جي اختيار ۽ اقتدار جون واڳون سنڀاليون ته اها اُميد پيدا ٿي هُئي ته، امن امان جي صورتحال بهتريءَ ڏانهن وڌندي پر ائين نه ٿيو. عوام جون اهي اميديون پوريون نه ٿيون. نگران حڪومت لاءِ پريا ڪُماريءَ جي بازيابي هڪ ٽيسٽ ڪيس هو پر ان مغوي نياڻيءَ ڪي بازياب ڪرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي. ڌاڙيلن خلاف آپريشن جا دهمان ٻڌا ويا پر پوءِ جيڪو نگرانن طرفان ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين لاءِ عفو ۽ درگذر جو مظاهرو ڪيو ويو، ان تي حيرت ٿئي ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ ۾ امن امان جي حوالي سان ذميواريون پوريون ڪيون وڃن. امن امان جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ سياسي ڀوتار ملوث آهن، جيئن ايس ايس پي جيڪب آباد انڪشاف ڪيو آهي ته، انهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، جڏهن ماڻهن کي پنهنجن گهرن ۾ ئي تحفظ نه آهي ته عوام جي تحفظ لاءِ ذميوار پوليس جي ڪرڻ جو باقي ٻيو ڪم ئي ڪهڙو ٿو رهجي وڃي!