اليڪشني سياست ۾ دونهاٽجندڙ قومپرست سياست جا بنياد

0
113
اليڪشني سياست ۾ دونهاٽجندڙ قومپرست سياست جا بنياد

قومپرست سياست ۽ اليڪشني سياست بابت منهنجي گذريل مضمون تي ڪيترن ئي دوستن جا مُلهائتا ڪمينٽس مليا، جن مون کي ان معاملي تي وڌيڪ سوچڻ ۽ لکڻ جو موقعو ڏنو. ڪن دوستن چيو ته چونڊن ۾ ايترو پئسو هلي ٿو ۽ ايتري مٿئين سطح تي هيرا ڦيري ٿئي ٿي، جو قومپرست ڌريون ڪيتري به ذميواراڻي سياست ڪن، تڏهن به اهي سيٽون کٽي نه سگهن ها. مون کي ان راءِ سان اختلاف ناهي. شايد مان پنهنجي مضمون ۾ اها ڳالهه پوري وضاحت سان لکي هئي ته منهنجي نظر ۾ قومپرستن جي اليڪشني سياست جي گڏيل پليٽ فارم جو اولين مقصد سيٽون کٽڻ ناهي. اهو مرحلو ته گهڻو پوءِ ايندو. هن وقت قومپرست سياست جي گڏيل پليٽ فارم جي تجويز مون ان مقصد لاءِ ڏني هئي ته ان ذريعي قومپرست اليڪشني سياست جي محاذ تي پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪن. هنن چونڊن ۾ قومپرست پارٽيون جيئن ته جي ڊي اي جو حصو هيون، تنهنڪري پاڪستان جي چونڊن تي دنيا ۾ جن به ادارن جي نظر هئي، انهن لاءِ ڌر جي ڊي اي هئي، سنڌ جا قومپرست نه هئا. اهڙي طرح جڏهن چونڊ نتيجن جي ٻئي ڏينهن تي قومپرست پارٽيون جي يو آءِ سان ڌرڻن ۾ گڏ هيون، اتي به جي يو آءِ کي ڳڻيو ويو، قومپرستن کي نه. چونڊن جا نتيجا جتي به رپورٽ ٿيا آهن، انهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کانپوءِ جيڪا ٻي وڏي ڌر رپورٽ ٿي رهي هئي، اها جي يو آءِ هئي. ان سڄي عرصي ۾ سنڌ جا قومپرست ڪنهن ڌر طور به رپورٽ نه پئي ٿيا.

سنڌ جي قومپرستن جي سنڌ جي قومي مسئلن تي جدوجهد سبب سندن هڪ الڳ سڃاڻپ رهي آهي. بدقسمتيءَ سان قومپرست ڌرين چونڊن جي موقعي تي جي ڊي اي جو حصو بڻجي پنهنجي اها سڃاڻپ هڪ اهڙي پليٽ فارم کي ڏيئي ڇڏي، جيڪو چونڊن ۾ به بري طرح ناڪام رهيو ۽ ان وٽ پنهنجي ڪا سياسي سڃاڻپ به نه آهي. ان جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۾ بلوچستان نيشنل پارٽيءَ ٻه سيٽون ۽ پختونخوا ۾ اي اين پي رڳو هڪ سيٽ کٽڻ جي باوجود ملڪي سطح تي ٻنهي صوبن ۾ قومپرستن جي سياسي سڃاڻپ جو حوالو بڻيل آهن.

اليڪشن ۾ جيئن ته سڄي ملڪ ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن، تنهنڪري ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته سنڌ ۾ قومپرست اڳواڻن جي تڪن تي به هٿ چراند ڪري هڪ ٻن کٽندڙن کي هارايو ويو هجي. جيڪڏهن  چونڊون بنهه صاف شفاف به ٿين ها ته به مجموعي طور قومپرست اميدوارن جي نمائندگيءَ ۾ شايد ڪو غير معمولي واڌارو نه اچي سگهي ها. ان بنيادي حقيقت کي بهرحال مڃڻو پوندو ته قومپرستن جي چونڊن جي معاملي ۾ ڪارڪردگي گهري تنقيدي جائزي جي گهرجائو آهي. رنڊڪون ۽ ڌانڌليون جيتريون پي ٽي آءِ اڳيان هيون، اهي ڪنهن جي به اڳيان نه هونديون، پر پي ٽي آءِ حالتن  آهر پنهنجي متبادل حڪمت عملين وسيلي اسٽيبلشمينٽ جي سمورن هٿڪنڊن کي ناڪام بڻايو ۽ وڏي انگ ۾ سيٽون کٽي آيا. در حقيقت پي ٽي آءِ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسٽيبلشمينٽ ڪيڏي به سگهاري هجي ۽ ڪيتري به رستا روڪ ڪري، عوامي سگهه سان ان کي ناڪام ڪري سگهجي ٿو. جيڪو ڪم پي ٽي آءِ ڪيو، اهو جي ڊي اي يا قومپرست ڌريون ڇو نه ڪري سگهيون، ان تي سوچڻ گهرجي. جي ڊي اي توڙي قومپرست پارٽي جي حڪمت عمليءَ ۾ ڪيتريون ئي ڪمزوريون هيون، جن تي ڳالهائڻ سان تهمتن جو پٿراءُ شروع ٿيو وڃي. پير صاحب پاڳاري پاران ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيتريون ئي متضاد ڳالهيون ڪيل آهن، جن تي الڳ بحث ڪري سگهجي ٿو، پر ان پريس ڪانفرنس ۽ ان کانپوءِ وارن سندس بيانن ۾ اها ڳالهه چٽي هئي ته سندس احتجاج جو نشانو ڌانڌلين جا اصل ذميوار ناهن.

حيدرآباد لڳ حر جماعت جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي اڳواڻ جيڪو وڏو عوامي ميڙاڪو ڪوٺايو، ان ۾ جيتوڻيڪ اسٽيج تي تقريرون ڪندڙ اڳواڻن ۾ قومپرست اڳواڻ به موجود هئا پر پير پاڳاري پاران مارشلا ۽ ايمرجنسي وارو خاص پيغام ئي ٻئي ڏينهن تي ميڊيا تي ڇانيل رهيو ۽ ڪٿي به قومپرستن جي شرڪت يا تقريرن جو حوالو نه پئي آيو. هر پاسي جي ڊي اي جو حوالو هو. ساڳئي ڏينهن تي سنڌ پنجاب دنگ تي جي يو آءِ جو ڌرڻو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندو رهيو. پير پاڳاري جي تقرير مان صاف ٻُڌجي رهيو هو ته هو اسٽيبلشمينٽ جي عمران خان جي حامي ڌر جي نمائندگي ڪري رهيو هو. پير صاحب نهايت سوچيل سمجهيل  نموني ڌانڌلين جي اصل ذميوار اسٽيبلشمينٽ کي نه رڳو آجو قرار ڏنو پر ساڻس وفاداريءَ جي عزم کي به ورجايو. هڪ ڳالهه ان سڄي ڀڃ ڊاهه ۾ چٽي ٿي وئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو هڪ وڏو ڌڙو نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي جي واهر ڪري رهيو آهي ته ٻيو ڌڙو عمران خان جي واهر ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪارڊ کيڏي رهيو آهي. در حقيقت فضل الرحمان جو ڦيرو، پير پاڳاري جو احتجاج ۽ ڪمشنر پنڊيءَ جو بيان اسٽيبلشمينٽ جي ٻئي ڌڙي جي اڳڀرائي آهن.

عمران خان جي پارٽيءَ جنهن طرح اسٽيبلشمينٽ جون سموريون رنڊڪون اورانگهي وڏي انگ ۾ سيٽون کٽي ورتيون، ان سان نواز ليگ حڪومت ٺاهڻ واري پلان کي ڌڪ رسيو. ٻئي پاسي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ کي سندن جائز سيٽن کان وڌيڪ سيٽون ڏياريون ويون. مزي جي ڳالهه ته پير صاحب ۽ سندس ساٿي پ پ خلاف ته احتجاج ڪن ٿا پر اسٽيبلشمينٽ جي ٻئي اهم ساٿاري ايم ڪيو ايم تي اکر به نٿا ڪڇن. ايم ڪيو ايم جي رضامنديءَ خاطر جي ڊي اي پنهنجن اميدوارن کان هٿ کڻايا پر ايم ڪيو ايم سيٽون کٽڻ کانپوءِ سندن حمايت ۾ اکر به نه ڪڇيو. پيپلز پارٽيءَ کي فائدو اهو آهي ته ان کي سنڌ مان عوامي ووٽ به ملي ٿو ته اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ به ساڻس مٿئين سطح تي سهڪاري آهي. اليڪشن جي نتيجن ۾ پ پ سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪيو، جو اسٽيبلشمينٽ کيس بلوچستان ۾ به  حڪومت ٺاهڻ جيتريون سيٽون ڏياري ڇڏيون ته مرڪز ۾ به کيس اڳي کان وڌيڪ سيٽون ملي ويون. ان صورتحال ۾ نواز ليگ لاءِ اها مجبوري ٿي پئي آهي ته اها پيپلز پارٽي سان اتحاد ڪري. پيپلز پارٽيءَ کي ان اتحاد مان فائدو اهو ٿيڻو آهي ته پنجاب ۾ نالي ماتر سيٽون کٽڻ جي باوجود اتي به کيس  اقتدار ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڀائيواري حاصل ٿيندي. نواز ليگ ۽ پ پ ۾ معاملا طئي ٿيڻ ۾ رنڊڪ به پ پ جو حصي کان وڌيڪ ڀائيواري گهرڻ آهي. ان نبيري ۾ جيڪڏهن گهڻي دير ٿي ته صورتحال 1977ع جهڙي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. نواز ليگ ۽ پ پ ان خطري کان اڻ واقف ناهن، تنهنڪري گهڻو ڪري ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪو نه ڪو نبيرو ڪري وٺندا. ان ۾ وڌيڪ اينگهاءُ اسٽيبلشمينٽ جي ٻئي ڌڙي لاءِ رستا هموار ڪندو. جيڪڏهن هن وقت 1977ع جهڙيون حالتون پيدا ٿيون ته ڪجهه وقت کانپوءِ سڀئي ايئن ئي هٿ هڻندا، جيئن 1977ع کانپوءِ پي اين اي وارن هنيا هئا. اصغر خان، مفتي محمود، نوابزاده نصرالله، مولانا  نورانيءَ جهڙا 1977ع جي تحريڪ جا هيرا ايم آر ڊي ٺاهڻ تي مجبور ٿي ويا هئا. ان کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي قيمت سنڌ ئي ڀري هئي ۽ اڄ ڏينهن تائين ڀري رهي آهي.

هيءَ راند وروڪڙدار به آهي ته حساس به. قومپرست پارٽيون ووٽ گهٽ کڻن يا وڌ، کٽن يا هارائين پر سنڌ ۾ توڙي ملڪي سطح تي سندن عوامي سطح تي هڪ سياسي سڃاڻپ رهي آهي. قومپرست هلچل گهڻي ڀاڱي اينٽي اسٽيبلشمينٽ، اينٽي فيوڊل ۽ اينٽي ملائيت رهي آهي. هن مرحلي تي قومپرست پارٽيون انهن ٽنهي ڌرين سان اتحاد ۾ اچي ويون آهن، جيڪو قومپرست سياست جي نظرياتي بنيادن جي ابتڙ آهي. پيپلز پارٽيءَ خلاف هلچل هلائڻ ۾ ڪوبه عيب ناهي، بلڪه اها ڪن حوالن سان سنڌ کي فائدو به ڏيندي پر ان لاءِ قومپرست ڌرين کي اسٽيبلشمينٽ جي جوڙيل پليٽ فارم بجاءِ پنهنجو گڏيل پليٽ فارم جوڙي ان تان پنهنجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. قومپرست ڌرين کي پنهنجي نظرياتي بنيادن يعني سيڪيولرزم، جاگيردار مخالف ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف سڃاڻپ ڏانهن واپس ورڻ گهرجي ۽ پ پ مخالف جدوجهد به انهن بنيادن تي ڪرڻ گهرجي. جهادي گروهن، اسٽيبلشمينٽ جي اعلانيل وفادار وڏيرن سان گڏجڻ سان سندن سياسي سڃاڻپ دونهاٽجي وڃي ٿي.

جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي وڙهندڙ سانن سان ڪا وڏي لتاڙ ٿي ته ان جو نشانو سنڌ به بڻجندي. ڪوبه غير جمهوري سيٽ اپ آيو ته اهو سنڌ سان پ پ کان گهٽ خراب  ورتاءُ نه ڪندو. جيڪڏهن سڀاڻي ضيائي يا مشرفي ماڊل موٽي آيو ته سنڌ عملي طور ايس آءِ ايف سي جي نظام هيٺ هلائي ويندي. جيڪڏهن پ پ سنڌ جي زمينن ۽ معدني وسيلن تي سوديبازي ڪئي آهي ته ان جي مخالفت ۾ وري ساڳيو ئي ڪم ڪندڙ ٻي ڌر لاءِ رستا سنوان ڪرڻ سان سنڌ کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ ان صورتحال ۾ سنڌ جي قومپرستن کي اليڪشني نتيجن کي رد ڪندي يا پ پ جي مخالفت برقرار رکندي پنهنجي جدوجهد جو محور سنڌ جي حقن کي بنائڻ گهرجي. قومپرستن کي وڏي واڪي چٽو ڪرڻ گهرجي ته هو پ پ مخالف آهن ۽ چونڊ نتيجن کي رد ڪن ٿا پر ڪنهن به سيٽ اپ ۾ سنڌ جي زمينن، معدني وسيلن، اين ايف سي ايوارڊ ۽ پاڻي ورڇ ۾ سنڌ جي حصي سان ٿيندڙ هٿ چراند قبول نه ڪندا. جن ڏينهن ۾ چونڊون ٿي رهيون هيون، ان وقت ارسا جي جوڙجڪ تبديل ڪري ان کي اسلام آباد جي ماتحت ڪرڻ ۽ چولستان آبپاشي رٿا سامهون آيون پر پير پاڳاري ان جي مخالفت ۾ ڪجهه به نه ڳالهايو ۽ قومپرست ڌرين به ان کي نظرانداز ڪيو. ساڳي طرح پيپلز پارٽي به ان معاملي تي رڳو رسمي بيان بازي ڪئي پر سينيٽ ۾ هوندي ان معاملي تي ايوان اندر ڪابه سر گرمي نه ڪئي. سنڌ ۾ ڪنهن حد تائين عوامي تحريڪ انهن رٿائن خلاف سرگرم نظر آئي.

اقتدار جي ان سموري ڊوڙ ڊڪ ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي سنڌ جي اهم مسئلن کان پاسيرا آهن. سنڌ جي قومپرست ڌرين لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي اصل سڃاڻپ کي برقرار رکندي پنهنجي الڳ  پليٽ فارم تان اليڪشني معاملن سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي جدوجهد جو مرڪز بڻائين. پ پ ۽ جي ڊي اي سنڌ لاءِ هڪ سِڪي جا ٻه پاسا آهن. ٻئي ڌريون اسٽيبلشمينٽ جي پرچم هيٺ سياست ڪن ٿيون. انهن مان ڪنهن هڪ جي ڪمزور ۽ ٻئي جي مضبوط ٿيڻ سان سنڌ جي حڪمراني، جمهوريت ۽ عوامي زندگيءَ ۾ سڌاري وارن سوالن ۾ ڪو وڏو ڦيرو ناهي اچڻو. قومپرستن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ محدود توانائي ان راند ۾ نه وڃائڻ گهرجي. سنڌ جي بنيادي مسئلن تي عوامي جدوجهد توڙي اليڪشن جي سياست لاءِ قومپرستن کي اول آخر پنهنجو گڏيل پليٽ فارم ئي ڪم ايندو.