پ پ جو ٺٽي وارو جلسو ۽ ڪجهه رهجي ويل سوال … اسماعيل ميمڻ ٺٽي مان لکي ٿو

0
40
پ پ جو ٺٽي وارو جلسو ۽ ڪجهه رهجي ويل سوال ... اسماعيل ميمڻ ٺٽي مان لکي ٿو

اها ڳالھ ڪا نئين ڪانهي ته ڪو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي جي مڪلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم گرائونڊ ۾ پهريون ڀيرو جلسي عام کي خطاب ڪيو آهي. ان کان اڳ به پ پ چيئرمين بلال ڀٽو زرداري 2013ع جي عام چونڊن ۾ ئي پ پ جي سنڌ سميت ملڪ ۾ پ پ جي حڪومت جي قائم ٿيڻ بعد سال 2014ع جي فيبروري مهيني ۾ سنڌ اندر سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ فيسٽيول ڪرائڻ شروع ڪيا هئا. ان وقت به پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪلي جي ساڳئي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ 15هين فيبروري 2014ع تي خطاب ڪيو هو. ان وقت جي ثقافت سياحت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي پاران سنڌ فيسٽيول 2014ع منعقد ڪرايو ويو هو. انهيءَ فيسٽيول ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت کان اڳ جلسي گاھ تائين سيڪيورٽي جي ورتل سخت اپائن ڪري اهو مڪلي ڪرڪيٽ گرائونڊ ايترو نه ڀرجي سگھيو هو، جيترو هن ڀيري سال 2024ع جي عام چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي بعد پهريون ڀيرو پ پ جي ڪاميابي تي اظهار تشڪر جي نالي منسوب ڪيل ٺٽي جي مڪلي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ماڻهن جي توقع کان وڌيڪ شرڪت سبب ڀرجي سگھيو. جنهنڪري اهو ضرور چئي سگھجي ٿو ته جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري 1986ع ۾ ڏيھ آئي هئي ۽ ان وقت يعني 1986ع ۾ ٺٽي جي ناڪي واري گرائونڊ ۾ شهيد بينظير ڀٽو ۽ ساڳئي ناڪي واري گرائونڊ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 2007ع ۾ شهادت بعد 2008ع وارين چونڊن جي اعلانيل چونڊ مهم جي سلسلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو جلسو ٿيو هو. جيڪڏهن ٺٽي جي تاريخ ۾ ڪو وڏو عوامي ميڙاڪو يا ڪو وڏو پ پ جو ٺٽي ۾ جلسو رهيو آهي ته اهو سال 2024ع وارين عام چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي بعد ٺٽي جي مڪلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم گرائونڊ وارو جلسو آهي، جنهن ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي عوام جي وڌ ۾ وڌ شرڪت سبب وڏو جلسو هو. جيتوڻيڪ عام چونڊن بعد ٺٽي ۾ اوچتو پ پ جي ڪاميابي جي حوالي سان اظهار تشڪر طور پ پ جو پهريون اعلانيل جلسو هو، جيڪو اعلان ڪيل تاريخ جي حوالي سان 3 ڏينهن اندر ٿيڻو هو، جنهن لاءِ نه رڳو جلسي واري هنڌ جو تعين ڪرڻو هو پر ان جي تياري توڙي ماڻهن جي وڌ ۾ وڌ شرڪت کي يقيني بڻائڻ به هڪ وڏو مسئلو هو پر ان جي باوجود ٺٽي جي مڪلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم گرائونڊ ۾ پ پ ٺٽي جي تاريخ جي حوالي سان هن مهل تائين منعقد ڪيل جلسن ۾ پ پ جي ئي اظهار تشڪر طور منعقد ٿيل جلسي شهيد بينظير ڀٽو جي 1986ع، شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سال 2008ع جي چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسن بعد ٺٽي جي تاريخ ۾ ٽيون نمبر جلسي جو ضرور اعزاز ماڻي ورتو آهي. جلسي جي ڪاميابيءَ جي حوالي سان اهو پهريون ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو ته جلسي کان تيارين جي سلسلي ۾ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري جي ٺٽي واري محسن هائوس تي پ پ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي سمورن پارٽي مک عهديدارن توڙي چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سان گڏ پارٽي جي ٻين ڪارڪنن جي منعقد ڪيل گڏجاڻي ۾ ٺٽي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي شايد ان جي محسن هائوس ٺٽي تي پهرين آمد هئي، ٺٽي جي ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چئيرمين غلام قادر پليجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ پهريون ڀيرو اهو به سامهون آيو يجو جلسي جي ڪاميابيءَ لاءِ جنهن به ذميواري کنئي، ان نڀائي ۽ گڏيل طور تي انهن ادا ڪيل ذميوارن جو اهو ئي نتيجو نڪتو، جو 3 ڏينهن اندر اظهار تشڪر واري جلسي ٺٽي جي تاريخ جي وڏن جلسن ۾ پنهنجي ڳڻپ ڪري ڇڏي آهي. ڄاڻايل جلسي عام ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي وڌ ۾ وڌ عوامي شرڪت سان گڏ سجاول جي پاڙيسري ضلعن بدين ۽ ٽنڊومحمد خان، ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي پارٽي ڪارڪنن جي پڻ شرڪت رهي. هونئن به ٺٽي ۾ هاڻ جلسي جي ڪاميابين جي حوالي سان ٺٽي جي صوبائي تڪ پي ايس 76 جي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، اڳوڻي ايم پي اي ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين غلام قادر پليجو، پ پ جي شيرازي ڀائرن خاص ڪري اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي يا خود پ پ لاِءِ پارٽي اڳواڻن خاطر وڏن جلسن جي ڪرائڻ جو ڪو اهڙو وڏو مسئلو ناهي رهيو پر اهو ڏسڻو آهي ته جيڪي جلسا ٿيا آهن ۽ اهي وري ڪامياب بڻجي پنهنجا نقش ڇڏي ويا آهن. انهن جلسن عيوض ٺٽي جي عوام کي ڪهڙو فائدو رسيو آهي؟

هن مهل تائين ٺٽي ۾ جيڪي به پنهنجي نوعيت جا وڏا عوامي جلسا ٿيا آهن، اهي عوامي شرڪت سبب وڏا ضرور رهيا آهن، جن به پنهنجي طاقت جي آڌار تي جلسا ڪري ڪامياب به ڪرايا آهن. تاريخ شاهد آهي ته هن مهل تائين انهن جي جلسن جي ڪاميابيءَ جي آڌار تي ٺٽي واسين کي هن مهل تائين اهو ناهي ملي سگھيو، جيڪو کين ملڻ گھرجي ها. 1986 واري ناڪي گرائونڊ جي جلسي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ان وقت ٺٽي جي ماڻهن جي حوالي سان ڳالھ ڪئي ته جيئن ٺٽي جي درس جو شرب مٺو آهي، تيئن کيس ٺٽي جا ماڻهون به مٺا آهن ته وري 38 سالن بعد هاڻ جيڪڏهن سال 2024ع ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سندس والد جي هنيل نعري “پاڪستان کپي” بعد بلاول ڀٽو زرداري به ٺٽي ۾ “پاڪستان کپي” جو نعرو هڻي ٺٽي واسين کي ملڪي سطح تي نعري جي اهميت کان واقف ڪري ڇڏيو آهي. هونئن به ٺٽي ۾ بلاول ڀٽو زرداري واري جلسي عام ۾ ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ گڏ ڪرڻ واري اها به صلاحيت ڏسڻ ۾ آئي ته ڪنهن وڌ ۾ وڌ جلسي گاھ تائين ماڻهن جي رسائي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. ان جي صلاحيتن کي جيڪڏهن داد نه ڏجي ته ان سان ناانصافي ٿيندي. پ پ جي ٺٽي واري جلسي جي ڪاميابي ۾ ٺٽي جي صوبائي تڪ پي ايس 76 جي حاجي حسن زرداري جو ڪردار هو. جيتوڻيڪ هو جلسي ۾ عمري جي ادائيگي بعد پهتو پر ان کان اڳ عاشق علي زرداري جي نگراني ۾ قائم ڪيل ٽيم ته وري پ پ هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تان ڪاميابي ماڻيندڙ ۽ خاص ڪري سيد شفقت حسين شاھ شيرازي ۽ سيد رياض شاھ شيرازي سميت ٺٽي جي ايم اين اي صادق علي ميمڻ، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو، اڳوڻي ضلعي ڪائونسل چئيرمين غلام قادر پليجو، پ پ جي ليڊيز ونگ اڳواڻ سيد رخسانه شاھ بخاري، سيد محمود عالم شاھ بخاري توڙي ڄام احسان جوکيو ۽ عبدالغني بگھياڙ جو ساراھ جوڳو ڪردار هو ته ٻئي پاسي وري ٺٽي جي سياسي ساڃھ رکندڙن پاران اهو ضرور چيو پيو وڃي ته ٺٽي جي مڪلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم گرائونڊ ۾ پ پ جو جلسو اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي 2002ع واري ريفرنڊم جي جلسي عام ۾ ماڻهن جي گھڻي شرڪت باوجود ان کان گوءِ ته ضرور کڻي ويو آهي پر پ پ جي عام چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جي حوالي سان اظهار تشڪر واري جلسي عام ۾ ماڻهن جي ڀرپور شرڪت هوندي اهو ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ماڻهن جي معياري زندگي ۽ انهن جي بهتري خاطر ٺٽي ۽ سجاول ضلعن لاءِ ڪنهن وڏي منصوبي جي اعلان جو جواز ناهي بڻيو. نه وري پ پ جي حڪومت جي قيام بعد ضلعن کي سهولتون ڏيارڻ جي مطالبي طور ڳالھ پ پ جي ضلعي قيادت خطاب دوران رکي سگھي ۽ نه وري پ پ جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي ۽ سجاول واسين لاءِ ڪنهن وڏي ميگا منصوبي جي قيام جو اعلان ڪيو آهي.

سياسي ساڃاھ وندن ٺٽي واري جلسي عام جي حوالي سان ٺٽي ۽ سجاول جي هاڻوڪي چونڊن ۾ چونڊيل ٻن قومي ۽ 4 صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي مسئلن بابت چيو آهي ته هو پ پ جي اعليٰ قيادت آڏو ٺٽي ۾ دل جي بيمارين واري چيسٽ پين يونٽ .کي اين آئي سي وي ڊي جي درجي ڏيارڻ سان گڏ ٺٽي جي 104 هم چورس ايراضي تي پکڙيل ڪينجھر ڍنڍ مان نه رڳو ٺٽي جي مڙني شهرن توڙي ڳوٺن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت مهيا ڪرڻ وارو معاملو رکن ها ۽ ڪينجھر ڍن مان روزانو 12 سئو ڪيوسڪ پاڻي کڻندڙ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کان پڻ رائلٽي طور رقم جي اوڳاڙي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ٺٽو کي عمارت لاءِ زمين حاصل ڪري ڏيارڻ توڙي ضلعي اندر صحت جي ناڪاره نظام ۾ بهتري آڻي هتان جي ضلعي واسين جي تعليمي معيار ۾ بهتري آڻڻ سوڌو ڪوٽڙي بئراج جي هيٺانهين پاسي سنڌوءَ ۾ پاڻي جي ڇوڙ کي يقيني بڻائي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن کي وڌيڪ سمنڊ جي تباهڪارين کان بچائڻ وارا مطالبا رکن ها. پ پ جي اظهار تشڪر واري جلسي عام جو عوام کي ڪجهه فائدو ملڻ گهرجي ها. پ پ جي اظهار تشڪر وارو جلسو سواءِ ماڻهن جي شرڪت ۾ ضرور اضافي جو سبب بڻبو، باقي موٽ ۾ عوام ۽ ٺٽي توڙي سجاول ضلعن کي ڇا مليو؟