کنڊ جو ڳڙهه سان ڪهڙو مقابلو؟

 

ملڪ جي عوام جي اڪثيريت هاڻ کنڊ جي بيمارين سبب ڳڙ کي اوليت ڏئي رهي آهي، اڄڪلهه هرهنڌ ڳڙ ٺاهڻ جا چيچڙا لڳي ويا آهن، جي عوام جي اڪثيريت ڳڙ وڏي انگ ۾ ڳڙ خريد ڪري رهيا آهن، کنڊ جي بجاءِ جيڪڏھن اسان ڳڙ استعمال ڪريون ته اسان جو پئسو 15 سرمائيدارن جي بجاءِ 50 لک کان وڌيڪ مزدورن جي کيسي ۾ ويندو.ڳڙ جا فائدا:ڳڙ ۾ وٽامن، ڪيلشيم، فولاد، زنڪ ۽ ٻين معدنيات سان ڀرپور فائدا شامل هوندا آهن(1) ڳڙ کائڻ کان پوءِ گيس ۽ تيزابيت کي فائدو ڏئي ٿو(2) ڳڙ کائڻ سان رت صاف ٿئي ٿو(3)جيڪڏهن اوھان کي بک نٿي لڳي ته ٿورو ڳڙ کائيندا ڪريو(4) ماني کائڻ کان پوءِ ٿورو ڳڙ کائيندا ڪريو، ڳڙ ھاضمي کي بھتر بڻائيندو آهي(5) ڳڙ کائڻ سان رت جي کوٽ پوري ٿي ويندي آهي ۽ اوھان جي جسم ۾ رت جو واڌارو ٿي وڃي ٿو. (6) ڳڙ کائڻ سان وزن گھٽ ۽ ٿولھ ۾ گھٽتائي ٿئي ٿي(7) ڳڙ کائڻ سان قبضي ختم ٿئي ٿي(8) ڳڙ ۽ ترن جو ريوڙيون کائڻ سان باربار پيشاب نه ايندو آهي، ڳوٺن ۾ هنڌن يعني بستري ۾ پيشاب ڪندڙ ٻارن کي ڳڙ ۽ ترن جا لڏو کارا ويندا آهن. (9) ڳڙ کائڻ سان کنگھ زڪام بلغم ۽ ريشي ۾ فائدو ڏيندو آهي.(10) ڳڙ کائڻ سان جسم جي ڪمزوري ختم ٿئي ٿي ۽ جسم کي طاقت ڏئي ٿو(11) ڳڙ کائڻ ھڏن ۽ جوڙن جي سور ۾ به فائيديمند آهي.

 

شير محمد ملڪاڻي/ ميرپورخاص

 

پاڪستان جي غريب عوام لاءِ ھڪ پيغام!

 

پاڪستان ھڪ باشعور ۽ ڪامياب ملڪ آھي پر ڇا ته بدقسمتي آهي جو پاڪستان ته ترقياتي ملڪ آهي پر پاڪستان جو غريب عوام 75 سالن کان پوءِ به غريب ئي رهيو آهي، ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ خبر ته ھر ماڻھوءَ کي آهي پر اسان جي پيارو غريب عوام خاموش ٿي ويٺل آهي،اهو ڪري به ڇا ٿو سگهي، صرف روئڻ ۽ تڙپڻ کان سواءِ، ھر پنجن سالن ۾ اليڪشن ٿئي ٿ پر اسان جو پيارو عوام نه سوچي نه سمجھي، بس پنهنجي پاڻ تي ووٽن جو ھڪ بار سمجهي ڪنھن به ايري غيري کي ووٽ ڏئي ايندو آهي، نه سوچي نه سمجھي بس ڪنھن وڏيري ۽ ڀوتارن جي پويان پنھنجو ٽائيم وڃائي ڇڏيندو آهي. ھن ملڪ تي ڪجھ رحم ڪيو وڃي، ٻيو ته ڪجھ نه پر پنھنجن نسلن پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي ملڪ جي خوشحالي لاءِ جاکوڙ ۽ ڪوششون ته ڪري ڏسو، الله سائين ڪنھن جي به ڪوشش ضايع نه آهي ڪندو، ھن اليڪشن ۾ نه ته وري ٻئي ڀيري، پنھنجن حقن سچن لاءِ آواز اٿاريو ۽ سچ ڳالهايو، صورتحال ڪجھ مختلف ٿي سگهي ٿي، اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 68 لک ٻار تعليم کان محروم آهن ۽ 1 ڪروڙ 8 لک ماڻھو بيروزگار آهن، انھن مان گھڻا ته ڊگريون حاصل ڪيون ويٺا آهن پر پوءِ به غربت ختم ٿيڻ جو نالو ئي ڪونه ٿي وٺي، ھي آهي اسان جو پاڪستان پر پوءِ به منھنجو ملڪ مونکي پنهنجي جان کان به پيارو آھي، جيڪڏھن منھنجو ڳالھائڻ ڪنھن کي به غلط لڳو ھجي ته معذرت،پاڪستان زندہ آباد، پاڪستاني غريب عوام پائينده آباد.

 

فرمان علي ٿھيم/ڳوٺ دائم ٿھيم، ٽنڊو آدم

 

ووٽ جو استعمال موبائل ذريعي!

 

ھر ڀيري اليڪشن ۾ ڪروڙين رپيا ملڪ جا خرچ ٿين ٿا، بيلٽ پيپرز جي ڇپائي کان وٺي پولنگ بوٿ، بيلٽ باڪس، پولنگ عملي جي تاريخ، ٽرينينگ، سيڪيورٽي وارن جو خرچ ۽ ان سان گڏ عملي لاءِ گاڏين جو خرچ سڀ ملائي ھڪ پولنگ اسٽيشن جو خرچ لڳ ڀڳ ھڪ لک تائين پھچي ٿو وڃي، شايد ان کان به وڌي وڃي، مون پھرين به تحرير لکي ھئي، جڏھن بلدياتي اليڪشن دوران پھريون ڀيرو منھنجي ڊيوٽي لڳي ھئي ۽ وري به ھڪ ڪوشش ڪريان پيو پر مون ھڪ جي ڪوشش سان ڪجھ ڪونه ٿيندو، جيستائين ھن ملڪ جي عوام کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ نه ايندي ۽ اھا ان جو حڪومت کان مطالبو نه ڪندي.ھن جديد دور ۾ ڪافي شيون ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي چڪيون آھن ۽ اڃا به ٿينديون، ان ڪري اليڪشن جي لاءِ به ھڪ موبائيل ايپليڪشن لانچ ڪئي وڃي جنھن جي ذريعي ھر ووٽر پنھنجي پسند جي اميدوار کي ووٽ ڏئي، ڪافي دوستن کي شايد اھا ڳالھ سمجھ ۾ نه اچي پر ڪجھ محنت سان ھڪ ايپليڪيشن ترتيت ڏئي سگھجي ٿي جنھن ۾ اميدوار جو اليڪشن ۾ فارم ڀرائڻ کان وٺي ووٽ جي استعمال ۽ رزلٽ تائين سڀ مڪمل ان ايپ تي ترتيب ڏئي سگھجي ٿو. اميدوار جيڪو به اليڪشن لاءِ فارم ڀري ان جي ھٿ کڻڻ وارو سسٽم ختم ڪيو وڃي جيئن جيڪي به اميدوار فارم ڀرائين، اھي سڀ اليڪشن وڙھن ۽ جن اميدوارن جا فارم بحال ٿين ته انھن اميدوارن کي آءِ ڊي ۽ ڪوڊ ڏنو وڃي ته جيئن ھو پنھنجو نشان ۽ اليڪشن ۾ پوندڙ پنھنجا، مخالفن جا ۽ سڀني تڪن جا ووٽ ڏسي سگھي ته ڪھڙي تڪ تي ڪھڙي اميدوار کي ڪيترا ووٽ پيا آھن، ائين ئي ووٽر لاءِ به سيٽ اپ ھجي جنھن ۾ ھو پنھنجي ضلعي کي سليڪٽ ڪرڻ سان گڏ پنھنجو تعلقو ۽ پنھنجو بلاڪ سليڪٽ ڪري ۽ پنھنجو ڪارڊ لڳائي ته ووٽر لسٽ ۾ سندس نالو ۽ فوٽو اچي ان تصديق کان پوءِ قومي اسيمبلي واري آپشن ۾ پنھنجي پسند جي اميدوار کي ووٽ ڏي ۽ وري صوبائي تي به ووٽ ڏي ۽ ھڪ ڀيري ووٽ ڏيڻ کان پوءِٻيهر ووٽ ڏيڻ جو آپشن ئي نه اچي.جيڪڏھن ڪو ووٽر رزلٽ ڏسڻ چاھي ته ڏسي سگھي ۽ ڪو اميدوار پنھنجي تڪ جا ووٽ ڏسڻ چاھي ته ڏسي سگھي. اليڪشن جي ان نئين طريقي سان جيڪي ڌانڌليءَ جا الزام لڳي رھيا آھن يا ڌانڌلي ٿي رھي آھي اھا ڪونه ٿيندي، اليڪشن ڪميشن وارن جو ڪم به سولو ٿي ويندو ۽ ٽرن آئوٽ جيڪو 30 کان 40 تائين وڏي ڏکيائيءَ سان پھچي ٿو، 90 سيڪڙو ٿي پھچي ويندو.ايئن ڪرڻ سان ووٽر جي اھميت وڌندي ۽ جيڪي اميدوار ھوندا انھن کي به پنھنجي تڪ ۾ ڪم ڪرڻا پوندا، ان سان حڪومت جو خرچ بچندو ۽ عوام جو وقت به بچندو. جيڪڏھن اسان سڀ ان بابت آگاھي مھم ھلايون ۽ اليڪشن ڪميشن سنجيده ٿئي ته سڀ ڪجھ ٿي سگھي ٿو.ايئن ڪرڻ سان نوان نوان پڙھيل لکيل نوجوان به سياست ۾ ايندا ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ڪم ڪندا

 

محمد ٻارڻ/سجاول

 

جشن آمد وفا حضرت غازي عباس علمدار!

 

4شعبان شهنشاههِ وفا حضرت ابلفضل عباس عليه السلام جي ولادت جو جشن تنظيم محبان عباس عه جي پاران ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترن ئي منقبت خوان ۽ قصيدي خوان حصو ورتو ۽ ڪيترن ئي علامه پڻ حصو ورتو. جنهن ۾ تنظيم محبان عباس عه وارن پوري سال جي ڪارڪردگي پيش ڪئي ۽ نئين صدر جو اعلان ڪيو ويو ۽ جشن ۾ 3 خوش نصيب مومنن جي زواري امام حسين عليه السلام لاءِقرعه اندازي ڪرائي وئي 2 ڪاروان الحسيني جي طرفان ۽ 1 ڪاروان بيبي معصومه جي طرفان ۽ جشن ۾ دسترخوان حضرت عباس عه جو پڻ احتمام ڪيو ويو هو.

 

مصور عباس سومرو/ڪراچي

 

سائنڻ عابده پروين کي جنم ڏينهن جون مبارڪون!

 

عابده پروين راڳ جي راڻي آهي، جنهن پنهنجي فن ۽ ڪڏهن به مات نه کائيندڙ آواز جي خصوصيت سبب دنيا ۾ اعليٰ مقام ماڻيو آهي، هوءَ ڪالهه کان اڄ تائين پنهنجي مخلصانه طبيعت ۽ عاجزيءَ جي ڪري راڳ جي جهان ۾ سڀني کان منفرد رهندي آئي آهي، والدين جي تربيت ۽ استادن جي رهنمائي هيٺ هوءَ پنهنجي آواز سان جيڪي جوهر ڏيکارڻ لڳي سي جوهر اڄ به روح کي تازگي بخشين ٿا. ريڊيو کان ٽي وي ۽ ڪيسيٽ واري وقت کان اڄوڪي ترقي يافتا دور تائين سائنڻ عابده جو مٽُ ملڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن به آهي. پاڪيزه راڳ جي ملڪه تسليم ڪئي ويندڙ عابده پروين وٽ غزل ۽ ڪافيءَ جي گائيڪي جي فارميٽ کي ملايو آهي، جيڪو ٻين وٽ ملڻ ڏکيو آهي. قدرت جي طرف کان هن کي جيڪا ڏات عطا ٿيل آهي سا ڪنهن ٻئي وٽ ڪٿي! هن جي ڳائڻ جو ڍنگ ئي نرالو آهي. ڪيڏو نه سٺو ڳائي پنهنجي آواز سان سڀني جي روح کي راحت رسائيندي آهي. مون ته هميشه ايئن محسوس ڪيو آهي ته هوءَ منهنجي لاءِ ڳائي رهي آهي. اهڙي ڪيفيت شايد ٻين مٿان به طاري ٿيندي هجي جو سندس آواز جو پڙاڏو ڪن تي پوي ته هر ڪو محسوس ڪري ته اهو مون لاءِ ڪو سڏ آهي. ڪڏهن غم ۽ وڇوڙي وارن ڪلامن سان هجر ۽ فراق جي درد کي جاڳائي ڇڏيندي آهي ته ڪڏهن عشق جي اسرار کي اهڙيءَ ريت بيان ڪندي آهي جو لڱ لڱ محبت جي لهرن ۾ اچي ٺري پوندو آهي. پنهنجي ديس، جنم ڀوميءَ ۽ مٺڙي سنڌ سان وچن نڀائڻ ۽ ڌرتيءَ جو ٿي رهڻ جو درس به عابده پروين وٽان ملي ٿو، جڏهن سندس چيل قصيده ٿو ٻڌان ته روح کي تحرڪ ۽ دل کي جنبش عطا ٿئي ٿي. هوءَ ڪڏهن ڀٽائي سرڪار، ڪڏهن قلندر لعل شهباز، ڪڏهن سچل سائين ۽ ڪڏهن بابا بلي شاهه جي پيغام کي ٻڌائي ٿي ته ڪڏهن مفتون همايوني، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، مخدوم طالب الموليٰ، تاجل بيوس، استاد بخاري ۽ ٻين سنڌي توڙي اردو پختن ڪوين جي ڪلام کي سازن ۽ سُرن جي چادر اوڍاهي ٿي ته خلوت هجي يا محفل، ماحول ئي معطر ڪري ڇڏي ٿي. شال سندس سايو اسان جي ملڪ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تي موسيقي سان چاهه رکڻ وارن لاءِ قائم رهي، سندس جنم ڏهاڙي تي کيس کوڙ سارين دعائن سان گڏ مبارڪون پيش ڪريان ٿو.

 

حسيب ناياب منگي/شڪارپور

 

تاريخ جا اهي آخري 24 ڪلاڪ!

 

(حصو ٻيون)

 

مشتقا خاتون جي سهاري هو پنهنجي بيڊ روم تائين آيو ۽ پنهنجي بستري تي ليٽي پيو. انهي دوران ڊاڪٽر ان جو معائنو ڪري رهيا هئا ۽ سلطان جو سڀ کان ننڍو پٽ شهزادو عابد سلطان جي سيرانديءَ کان بيٺو هو. جنهن کي ڏسي سلطان جون اکيون ڳوڙهن مان ڀرجي ويون ۽ شهزادي کي چيائين ته مان ٺيڪ آهيان تون خفا نه ٿي. انهي وقت راسم بي اڳتي وڌيو ۽ سلطان جا هٿ چمي چيائين ته سلطان معظم ڪڏهن مون کان ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪجو ۽ جڏهن اها ڳالهه سلطان ٻڌي ته ڪجهه به ڪونه ڪڇيو . ٿوري دير کان پوءِ جڏهن سنهيه سلطان آئي ته سلطان ان کي چيو ته راسم بي اميد هاري ويٺو آهي. انهي ڪري هو منهنجا هٿ چمي مونکان معافي گهري رهيو آهي پر هن جي اکين ۾ صداقت هئي. آئون پهرين ڏينهن کان ڏسي رهيو آهيان جڏهن کان هو موسان گڏ آهي ۽ پوءِ سلطان چيو ته مونکي ڪنهن سان ڪا به رنجش ڪونهي. مون کان معافي وٺڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. مشتقا خاتون جيڪا انهي وقت سلطان جي سيراندي کان ويٺي هئي ۽ سلطان کي ڪهوو پيش ڪري رهي هئي. سلطان ڪهوي جي پيالي کان نظر هٽائي پنهنجي خاندان وارن ڏانهن ڏسي رهيو هو. ائين لڳي رهيو هو ته جيئن سلطان وڃڻ  کان پهرين موڪلاڻي  وٺي رهيو هجي. مشتقا خاتون سلطان جي هٿن کي چميو ۽ چيائين الله پاڪ توهان کي صحت ڏئي. اڃان سلطان ڪهوي جي هڪڙي سُرڪي پيتي هئي ۽ ٻي سُرڪي پيئڻ وارا هئا ته اهو ڪهوو مشتقا خاتون جي هٿن تي ڪِري پيو ۽ مشتقا خاتون کان رڙ نڪري وئي. ياالله مدد، سلطان بيهوش ٿي چڪو هو. جلدي ڊاڪٽرن کي گهرايو ويو ۽ سلطان جي علاج تي معمور ٿيل ڊاڪٽر عاقف حسين به ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ سلطان کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ان وقت هن کي احساس ٿي ويو ته سلطان پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو آهي. هو سلطان کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري پنهنجي خوفزده اکين سان ڪمري ۾ بيٺل ماڻهن کي ڏسي رهيو هو ۽ اهو سڀ ڪجھه ٻڌائڻ ٿي چاهيو پر ان جا لفظ ان جي چپن ۾ ئي رهئجي ويا هئا. انهيءَ وقت ڪنهن کي ڪا به ڄاڻ نه هئي سڀ سلطان جي صحتيابي جي دعا گهري رهيا هئا پر ڊاڪٽر جون ڳوڙهن سان ڀريل اکيون ڏسي انهن کي پنهنجي سوال جو جواب ملي چڪو هو. اها خبر محل مان نڪري پوري شهر ۾ واڪا ڪرڻ لڳي هئي ته هاڻي اسان جو سلطان، سلطان عبدالحميد خان ثاني هي جهان ڇڏي ويو آهي. اها خبر ٻڌي هر ماڻهو غمزده هو ۽ پوري شهر جي ماڻهن جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويون. (جاري)

 

جواد حيدر/چمبڙ،ٽنڊوالهيار

 

چونڊن جي شفافيت تي اٿندڙ سوال!‎

 

8 فيبروريءَ تي ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿي رهيا آهن ۽ ھارايل سياسي پارٽيون چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ چونڊ نتيجن ۾ ردو بدل ڪرڻ جا الزام اليڪشن ڪميشن تي لڳائي چونڊ نتيجا مڃڻ کان انڪاري آهن، جي سراسري جائزو وٺجي ته موجوده چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار سواليه نشان بڻيل آهي جو چونڊن جي نتيجي ۾ جتي دير ڏسڻ ۾ آئي اتي جن اميدوارن کي رات جو سرسي حاصل ھئي، اھي صبح جو ھارائي ويا، جيڪا نھايت ڳڻٽيءَ جوڳي ۽ اليڪشن ڪميشن جي شفافيت تي سواليه نشان آهي، جنهن جي گھڻ رخي ۽ شفاف جانچ ٿيڻ گهرجي انھيءَ مبينا ڌانڌليءَ خلاف مختلف ھارايل سياسي پارٽيون احتجاج ڪري رھيون آهنپرامن احتجاج سندن حق ۽ جمهوريت جو حسن آهي پر سڀني سياسي پارٽين کي گھرجي ته احتجاج جي آڙ ۾ ڪو اهڙو قدم نه کڻن جنهن سان ملڪيحالتون خراب ٿين جمعي تي حيدرآباد ۾ ٿيل جي ڊي اي جي احتجاج ۾ پير سائين پاڳاري پنهنجي تقرير ۾ ملڪ اندر مارشل لا لڳڻ جو خطرو ظاهر ڪيو، خدا نه ڪري جو اھڙيون حالتون پيدا ٿين جو جمھوريت ڊي ريل ٿئي، ڇو ته مارشل لا جي اسان وٽ ھڪ ڪَڙي تاريخ رھي آهي، اسان سمجھو ٿا ته پير سائين پاڳاري کي اھڙي ڳالهه ڪرڻ به نه گهربي ھئي، باقي جن پارٽين کي چونڊ نتيجن تي اعتراض آهن اھي لاڳاپيل فورمز سان رابطو ڪري پنهنجا اعتراض جمع ڪرائين ۽ اليڪشن ڪميشن سوڌو ٻيا لاڳاپيل ادارا مبينا ڌانڌلي جي شفاف جاچ کي يقيني بڻائين ڇو ته چونڊ نتيجن تي سڀني پارٽين کي سخت اعتراض آهن، جيڪو اليڪشن نظام اليڪشن ڪميشن ۽ چونڊ عمل ۾ شامل سڀني لاڳاپيل ادارن لاءِ ڪو سٺو سنوڻ نه آهي.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊو الهيار

 

جيئن سوچيو هو ايئن نه ٿيو!

 

(حصو ٽيون)

 

شروعات کان تڪراري بڻيل اليڪشن ڪميشن وڌيڪ مڪمل طور تي تڪراري بڻجي وئي آهي چئجي ته غلط نه ٿيندو پر ڏوهه انهن جو به ناهي، شايد اهي به پراميد هئا ته لندن جي فلائيٽ صورتحال تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، اسان جي خواهش عوام ئي پورو ڪندو پر شايد انهن کي عوام جي اهڙي انقلاب جي بنهه اميد نه ئي هئي ۽ نتيجن جي جيڪا ڳڻپ هنن چاهي پئي اها پوري نه ٿي سگهي ۽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش هنن کي مڪمل طور تي فلاپ ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ڳالهه ان تي پهتي آهي ته اليڪشن ڪميشن جيڪا سدائين اليڪشن نه ٿيڻ جي ڪوششن ۾ هوندي هئي هاڻي اليڪشن پوري ٿيڻ جي ڪوششن ۾ ڪامياب نه پئي ٿئي. بهرحال هڪ ڳالهه بهتري ٿي آهي ته ڪجهه سياستدانن پنهنجي شڪست کي قبول ڪري مخالفن کي جيڪا عزت ڏني آهي ان جي اميد نه ڪنهن کي هئي نه پئي وري ان بابت سوچيو پئي ويو، حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته راڻا ثنا الله جهڙو  اڳواڻ به چئي پيو ته مان هارايو آهي، ڪراچي جا جماعت به سرعام پيا چون ته اسان هارايو آهي پر حيرت وڌيڪ وڏي ٿي وڃي ٿي جو جڏهن هو چون ٿا ته جن اليڪشن کٽي آهي جيستائين انهن کي حق نه ڏنو ويندو اسان روڊن تي هونداسين. هاڻي رهجي ٿو ته اهو سوال ته نيٺ اليڪشن بعد ڇا  ٿيندو، جيڪڏهن حڪومت ٺهي به وئي ته ان جو وقت ڪيترو هوندو ۽ ڌرڻا سياست ڪٿي دنگ ڪندي ۽ تحريڪ انصاف باني جيڪو وڏو چئلينج آهي ان کي منهن ڪيئن ڏنو ويندو. بحرحال ائين چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ سياسي صورتحال هجي يا محاشي صورتحال اها ويتر مونجهاري جو شڪار ٿي ويندي ۽ شايد ٿي سگهي ٿو ته سال کن بعد وري نئين اليڪشن جون ڳالهيون شروع ٿي وڃن ۽ ها ان خواهش کي بنهه ختم ڪيو وڃي ته متان صورتحال کي مڪمل طور تي ٽئين ڌر ڪنٽرول ڪري وٺي پر ائين نه ٿيندو ڇو جو آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته قرض جي قسط صرف ۽ صرف جمهوري حڪومت جي حوالي ڪئي ويندي جيڪا وياج سميت موٽائي ڏيڻ جي پڪ ڏيندي.

 

قيوم سنديلو/ڪراچي

 

چونڊ نتيجا ۽ سياسي قيادتن جو امتحان!

 

(حصو ٽيون)

 

ان هيڏي وڏي بارگينگ ۾ پاڻ يا ته آزاد اميدوار ڪو اتحادي فارورڊ بلاڪ جوڙين يا وري ڪنهن سياسي پارٽي خاص طور نوازليگ يا پيپلز پارٽيء کي جوائن ڪن، اهو سهرو سمورو ان اقتدارجي گهرجائو قيادت ڏانهن ويندو جيڪا مرڪز ۾ اقتدار جي گهرجائو پڻ آھي، ممڪن آھي ته پيپلز پارٽي قيادت ان ڊوڙ ۾ اڳتي نڪري اچي يا وري ڪنهن وڏي جوڙ توڙ جي بنياد تي وري عرب اڳواڻن معرفتنواز ليگ قيادتڪو اتساهه اقتدار طرف کڻي، گهڻا امڪان ته پيپلز پارٽي قيادت جا اڳت اچي اقتدار حاصل ڪرڻ جا آھن پر نواز ليگ به پنهنجي وسان گهٽ ڪونه ڪندي جو سندن اليڪشني مهم ٻڌائي ٿي ته هو پ پ کان گهڻا اقتداري گهرجائو ٿي پيا آھن، جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ قيادت ۾ ڪافي سخت تنقيدي بيان بازي به ٿيندي رهي، هاڻي انهن خدشن کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته اقتداري ڪاريڊور مان نڪتل تحريڪ انصاف جي پوڙھي شينهن کي جيل ياترائون به ڪرڻيون پيون آھن ۽ ايستائين به ڏينهن ڏسڻا پيس جو سندس زندگيءَ جي سڃاڻپ بيٽ جونشان توڻي تحريڪ انصاف جهڙي نالي واري پارٽيءَ تان هٿ ڌوئڻا پيس، ته ڇا اهو ماڻھو پنهنجا ميمبرز خاص طور نوازليگ يا پيپلز پارٽي ڏانهن موڪلڻ جي اجازت ڏيندو؟يا سندس آزاد ميمبرز هن جي ڪمٽمنٽ تي آزاد حيثيت۾ اسيمبلي ڪاريڊور جو بائيڪاٽ ته نه ڪندا؟ ممڪن آھي ته هو اسيمبليءَ ڏانهن وڃڻ بدران ڪنهن طور پنهنجي سڃاڻپ کي برقراررکڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جو ڪو در کڙڪائن.ممڪن آهي ته ڪنهن قومي حڪومت واري پراڻي خيال جي آبياريءَ لاءِهيڪو رستو هموار ڪن،ممڪن آھي ته هي پاڻ کي اڪيلو رکي آزاد فارورڊ بلاڪ جي صورت ۾ ڪنهن حزب اختلاف جو حصو  پڻ ٿين، ممڪن آ ته ڪنهن قومي ڌارا کي اپلاءِ ڪندي نوجوانن جي نمائندگي ڪندي ڪنهن نئين باجوا ڊاڪٽرائن نماڊاڪٽرائن جو سبب بڻجندي قومي سياست ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪن،مسلم ليگ ن  جي اڳواڻن جي دعوا آھي ته ممڪن آزاد اميدوار نواز ليگ کي جوائن پڻ ڪندا. انهيءَ سموري پريڪٽس ۾ ڏسون ته ملڪ جون هي و ڪيڏيون سياسي پارٽيون يا قيادتون پاڻ کي سياسي رهنما يا ليڊرشپ ڪيئن ٿيون ثابت ڪن ؟سو اڄ جو هنن حالتن ۾ وڏو سوال پڻ آھي؟تازا ترين اطلاع ته آھي به اچن ٿا ته نواز ليگ ورڪرز رائيونڊ محل ۾ نواز شريف وزير اعظم جا نعري لڳائي رھيا آھن.بھر حال ڏسون ته اقتدار جون گھرجون ڪير ڪيئن ٿو پوريون ڪري سو ايندڙ ڏينھن واضع ڪندا.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي