هاڻي ڪال ڪرڻ لاءِ موبائل فون جي ضرورت ناهي؟ ايلون مسڪ جو وڏو اعلان

    0
    26

      آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ٽيسلا جي سربراهه ايلوم مسڪ چيو آهي ته ڪجهه مهينن ۾ پنهنجو فون بند ڪري ڇڏيندس ۽ رڳو ٽيڪسٽ، آڊيو ۽ وڊيو ڪالز لاءِ رڳو ايڪس جو استعمال ڪندس.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ ايلون مسڪ چيو ته ڪجهه مهينن ۾ پنهنجو فون نمبر بند ڪري ڇڏيندس ۽ ٽيڪسٽ، آڊيو ۽ وڊيو ڪالز لاءِ رڳو ايڪس جو استعمال ڪندس، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جيڪڏهن ايلون مسڪ ان منصوبي تي عمل ڪرائي ٿو ته ڪجهه واهپيدار جيڪي 8 ڊالر ماهوار ايڪس پريميئم سبسڪرپشن فيس ادا ڪندا آهن اهي سهولت مان فائدو کڻي سگھندا. جيتوڻيڪ پليٽ فارم تي موجود سمورا واهپيدار آڊيو ۽ وڊيو ڪالز وصول ڪري سگهن ٿا پررڳو پريميئم سبسڪرپشن ڪالز جوڳا هوندا.ان سلسلي ۾ ايڪس هيلپ سينٽر جو چوڻ آهي ته ڊيفالٽ طور اوهان انهن اڪائونٽس تان ڪال وصول ڪرڻ جوڳا ٿي سگھو ٿا جن کي اوهان فالو ڪيو آهي يا اوهان جي ڪانٽيڪٽ بڪ ۾ موجود آهن.