ها، سنڌ گدڙن ناهي کاڌي ….

0
138
اربنائيزيشن جو اجگر ۽ وجود وڃائيندڙ ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ

روشن روايتن، اعليٰ قدرن واري ديس ۽ سک، امن ۽ آشتيءَ جي ساڻيهه واري سڃاڻپ سان تاريخ جي صفحن ۾ ساهه کڻندڙ سنڌ هن وقت ‘روانڊا’ جي راهن تي هلي پئي آهي. بدامنيءَ جو خوني راڪاس روز حياتيون ڳڙڪائيندو وڃي. نه قانون ان آڏو رڪاوٽ بڻجي ٿو ۽ نه ئي وري منتظمين عوام جي تحفظ واري آئيني ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهن. قانون جو فولادي هٿ مفلوج بڻجي چڪو آهي. قانون جي عملداري نه هجڻ جي ڪري ماڻهن مان قانون جو خوف ختم ٿي چڪو آهي، انصاف جو سرشتو ويساهه وڃائي ويٺو آهي، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳا آهن. امن امان منتظمين جي اوليت ۽ ترجيح ته پري جي ڳالهه، انتظامي ايجنڊا جو حصو ئي نظر نه پيو اچي. امن امان ۽ گورننس جي حوالي سان ڪوتاهين جي نشاندهي سنڌ جي منتظمين جي چڙ بڻيل آهي ۽ جڏهن به حڪمرانن کي پنهنجا منصبي فرض ياد ڏيارجن ٿا ته، چيو وڃي ٿو ته ‘جمهوريت’ خلاف سازش ڪئي پئي وڃي. اهوئي سبب آهي، جو سنڌ ۾ امن امان جي ذميواري نظرانداز ٿيل آهي، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڀائرن سميت سرِ عام پنجن ماڻهن جو قتل نه ٿئي ها ۽ نه ئي وري ڪچي ۾ ڪارروايون ڪندڙ ڌاڙيلن کي قانون طرفان کلي ڇوٽ مليل هجي ها.

سنڌيءَ جي هڪ چوڻي آهي ته “سنڌ گدڙن ناهي کاڌي”، جيڪا ڳالهه سئو سيڪڙو سچ آهي. جنهن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي. گدڙن ويچارن جي ڪهڙي مجال، جو اهي سنڌ کي کائين! سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي، جو درندگيءَ جا ڪي وڏا واقعا نه ٿيندا هجن. معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري اجتماعي زيادتيءَ جو نشانو نه بڻايو ويندو هجي! ها، سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، سنڌ کي بدامني کائي وئي آهي.

روز ڪئين جنازا ٿا کڄن، رت جا واهڙ ٿا وهن، نياڻين تي ڪارنهن جي تهمت هڻي انهن کي ڪُٺو وڃي ٿو. ڌاڙيل ڪيترن ئي ضلعن ۾ عام مختيار بڻيل آهن، ماڻهن کي ڀُنگ خاطر بنان ڪنهن روڪ ۽ رنڊڪ جي اغوا ڪري رهيا آهن. تشدد ڪري انهن جون وڊيوز وائرل ڪري رهيا آهن. معصوم مغوي جعفر ڀُٽي به ڏيڍ مهيني کان اغواڪارن جي گرفت ۾ آهي. اهي ڪير آهن، جيڪي پوليس کان بنا رٿابنديءَ ۽ تياريءَ جي آپريشن ڪرائي جوان مارائي ڌاڙيلن کي برتري ڏياري پوليس جا حوصلا پست ڪري رهيا آهن؟ ها، سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، سنڌ کي بدانتظامي کائي وئي آهي.

سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگردي عروج تي آهي. ان چوڻيءَ تي عمل ٿي رهيو آهي ته، پلاند پراڻا ناهن ٿيندا، جيڪا چوڻي صوفين ۽ سنتن جي سرزمين سنڌ تي زوريءَ مڙهيل ٿي ڏسجي. اهو سنڌ جو خمير ناهي، پر اها حقيقت آهي ته سنڌ هن وقت دورِ جاهليت واري عرب جهڙي سڃاڻپ اختيار ڪندي وڃي. هتي ڪئين پيڙهين تائين دشمنيون پاليون پيون وڃن. هُشي ۽ هٿيارن جي آڪسيجن تي پراڻين دشمنين ۽ خوني تڪرارن کي زنده رکيو پيو وڃي. ڪئين قاتل ٽولا وسندين تي، شهرن ۾ ۽ شاهراهن تي، وچ شهر ۽ سهائي سج جي روشنيءَ ۾ هلان ڪري ماڻهو ماري هليا ٿا وڃن پر ڪو به روڪڻ وارو ڪونهي. ها، سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، سنڌ کي اقتدار جي جوا جو داءُ کائي ويو آهي.

سنڌ ۾ عدالتي پابنديءَ باوجود جرڳا پيا ٿين. توهينِ عدالت جو کُلئي عام ارتڪاب پيو ٿئي. جرڳائي ڀوتارن ڏوهه کي معيشت بڻائي ورتو آهي. قانون انهن جي در جي ٻانهُن ٻڌي ٻانهي بڻيل آهي. ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ قانون جي بالادستي آهي، ها پر اهو رياستي قانون نه، جرڳائي ڀوتارن جو ‘قانون’ آهي. ها، سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، سنڌ کي ڀوتارڪا بگهڙ کائي ويا آهن.

ها، سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، سنڌ صرف ان ڪري اهڙي حالت تي پهتي آهي، جو هتي قانون جي عملداري ناهي. ڌارين جي فتور جي فيڪٽرين ۾ تيار ٿيل مقامي پراڊڪٽ ان جو ذميوار آهي. ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اها “اشرافيا” قانون کان ڏاڍي آهي. جرڳائي ڀوتارن رياست اندر رياست جوڙي ورتي آهي. انهن جي حمايت اختيار ۽ اقتدار جي مرڪزن مان نه ٿي رهي آهي ته پوءِ ڪٿان ٿي رهي آهي؟ سنڌ کي بچائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي ماڻهن کي بچائڻ جي ضرورت آهي. اعليٰ قدرن ۽ روايتن کي بچائڻ جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ جي سڃاڻپ آهن.