شاگرد “لڪير جو فقير” ڇو ٿو بڻجي؟

 

(حصو ٽيون ۽ آخري)

 

ڪا به سماجي برائي نه ھڪڙي ڏينهن ۾ جنم ٿي وٺي ۽ نه وري ھڪ اڌ ڏينهن ۾ ختم ٿي ٿئي، اھڙي ريت شاگردن جو “لڪير جي فقير” بڻجڻ پٺيان به نه رڳو استادن جو ڏوهه آهي نه شاگردن جو، ھن ۾ سرڪار سميت والدين ۽ سماج جو ھر فرد شامل عمل هوندو آهي. ڪٿي نه ڪٿي پاڻ سڀ شاگردن کي “لڪير جو فقير” بڻائڻ ۾ سڌا يا اڻ سڌا ملوث آهيون ۽ بدقسمتيءَ سان ان جو ذميوار رڳو استادن ۽ شاگردن کي سمجهيو وڃي ٿو. نه رڳو ڪاپي ڪلچر پر ھر سماجي بيماري پاڙان کان ختم تڏهن ٿيندي جڏهن ان جي خاتمي لاءِ سماج جو ھر فرد پنهنجو بنيادي ڪردار ادا ڪندو. جيترو نقصان ٿيڻو ھو سو ته ٿي چڪو پر ھاڻ ته اک پٽڻ گھرجي، ھاڻ ته شاگردن کي“لڪير جو فقير” بڻجڻ کان بچائجي. ان ڏس ۾ ڪجهه تجويزون غور طلب آهن: شاگردن تان امتحان جو دٻاءُ گھٽ ڪرڻ ڪاڻ ساليانا امتحانن جو عرصو گھٽ ڪري 6 مھينن تائين آڻ جي ته جيئن شاگردن کي نصاب کي چڱي طرح سمجھڻ ۽ اڳيان کين ان نصاب مان امتحان ڏيڻ ۾ پڻ مدد ملي سگهي. ڇاڪاڻ ته ساليانو امتحانن واري نظام ۾ شاگردن کي ايترو گهڻو نصاب سمجهڻ لاءِ ڏکيو ھوندو آهي تنھن ڪري گهڻي ڀاڱي مئٽرڪ تائين شاگرد ڪنهن به مضمون ۾ شين جو تصور (Concept) سمجهي ناهن سگھندا. تعليمي ادارن ۾ رڳو لکرائڻ تي ڀرمار ھوندي آهي، مئٽرڪ تائين گھڻو لکڻ ۽ گھٽ سمجهائڻ واري روايت سبب شاگرد وٽ سڀ ڪجهه لکيل ھجڻ باوجود ڪجهه وقت کان پوءِ کين خبر ئي ناهي ھوندي ته انهن جيڪا شيءِ نوٽ بڪ تي لکي پئي آهي انھيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ تنھن ڪري “لکي لکاڏنو پڙھي الله ڏنو” جيان ھاڻ ان صورتحال ۾ ڀلا شاگرد “لڪير جا فقير” نه بڻجندا ته ڇا بڻجندا؟ تنھن ڪري رڳو ڳالهيون ڪرڻ سان ڪو مسئلو حل ناهي ٿيڻو، تنھن ڪري اچو ته عملي طور انڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪريون، پنهنجي گھر کان ان عمل جي شروعات ڪريون، پنهنجي ڀائرن، ڀينرن، پٽن ۽ نياڻين کي ڪاپي ڪرائي ڪامياب ڪرائڻ بدران کين خوداعتماد بڻايون ته جيئن ھو پاڻمرادو پڙھائي ڪري پنهنجي امتحانن ۾ ڪاميابي ماڻين ۽ سرڪار کي به تعليمي سڌارا آڻڻ ڏانهن پنهنجو ڌيان ڌرڻ گھرجي، سنڌ جي تعليمي نظام ۾ جديد دور جي تقاضائن موجب ترميمون ڪرڻ گھرجن ته جيئن پنهنجو ايندڙ نسل “لڪير جو فقير” بڻجڻ بدران خوداعتماد ۽ تخليقي صلاحيتن سان سرشار بڻجي سگهي.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ