نقيب الله قتل ڪيس: رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور

0
1047

نقيب الله قتل ڪيس: رائو انوار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي آهي

مقتول نقيب الله جي ڀاءُ عالم شير اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ثبوتن کي نظر انداز ڪندي جوابدارن کي آزاد ڪيو

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا، دهشتگردي ٽوڙ عدالت 23 جنوري تي رائو انوار سميت 18 جوابدارن کي ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو هو

نقيب الله قتل ڪيس مان آجو ٿيل اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ نظر اچي ويو، صحافين پاران سوال ڪرڻ تي رائو انوار چيو ته ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ نه آيو آهيان، مان هتي اٽارني جنرل آفيس ۾ مائٽ سان ملڻ آيو آهيان

هي به پڙهندا

شهيد بينظير قتل ڪيس: رائو انوار جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف