رياض(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي پاڪستان سپريم ڪو آرڊينيشن ڪونسل جي جنرل سيڪريٽري ۽ شاهي درٻار جي مشير محمد بن مزياد ال تويجري جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻه طرفن معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو اظهار ڪيو ويو، ملاقات ۾ سعودي پرڏيهي وزير جي دوري دوران پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري تي ٿيل اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو، محمد بن مزياد جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري تي جنگي بنيادن تحت ڪم شروع ڪيو ويو آهي سعودي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي ماڻهن تي مشتمل اهم وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. سندس چوڻ هو ته اسين چاهيون ٿا ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا سعودي ويزن 2030 جي روشني ۾ اڳتي وڌن. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڀائرن وارا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا معاشي لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي وزير محمد اورنگزيب، مصدق ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، اويس لغاري، ڄام ڪمال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا