ٽانڪ(م ڊ) وزيرستان ۾ هٿياربند گاڏي کي باهه ڏئي جج اغوا ڪري ويا. تفصيل موجب ٽانڪ ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي وچ ۾ هٿياربندن سيشن جج شاڪرالله مروت جي گاڏي کي گهيري ورتو، هٿياربندن سندس ڊرائيور کي ڇڏي ڏنو جڏهن ته گاڏي کي باهه ڏئي ساڙڻ بعد سيشن جج کي اغوا ڪري ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي وئي گاڏي سڙيل حالت ۾ هٿ ڪرڻ بعد تحويل ۾ ورتي، پوليس وزيرستان ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ رستن جي ناڪابندي ڪري هٿياربندن جي ڳولا ڪري رهي آهي ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپوري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کي جج جي بحفاظت بازيابيءَ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. علي امين گنڊاپور چيو ته جج کي بازياب ڪرائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ۽ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته هي انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ واقعو آهي، ملوث عنصر قانون جي پڪڙ کان نه بچي سگهندا.