اسلام آباد (بيورو رپورٽ+ م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم پارٽي قيادت کي اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين سياسي جماعتن سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز عمران خان طرفان ڳالهين جي اجازت ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ذريعن موجب، عمران خان طرفان شرط رکيا ويا آهن ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهيون آئين ۽ قانون پٽاندڙ ٿينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ڳالهين کان اڳ ٽي او آرز طئي ڪيا ويندا مختلف اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتن سان ٽي او آرز تحت ڳالهيون ڪندا

صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته سياسي عدم استحڪام ملڪ کي گهيري ورتو آهي، ڳالهين جا پيرا ميٽرز اڳواٽ طئي ڪيا ويندا، ڳالهيون ڪهڙي طريقي ۽ ڪهڙي ماحول ۾ ٿينديون پهريان طئي ڪيو وڃي تڏهن ئي ڳالهين لاءِ رستو کولندو جيڪي اسٽيڪ هولڊرز آهن تن سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته تحريڪ انصاف به هڪ حقيقت آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ به هڪ حقيقت آهي موجودا حڪومت فارم 47 تحت ٺهي آهي، اِهو ڏسڻو پوندو ته حڪومت ڪيتري حد تائين بااختيار آهي، تنهنڪري پهريان گرائونڊ ورڪ ۽ پوءِ ماحول کي نظر ۾ رکڻو پوندو

هن چيو ته حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته پهريان ڳالهين جا شرط طئي ڪري، عرفان صديقي ڳالهيون چاهي ٿو ته ميڊيا تي ڳالهائڻ بدران اسان سان ڳالهيون ڪري، اهو به واضح ٿيڻ گهرجي ته عرفان صديقي ڪنهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي؟ حڪومت، نواز شريف يا شهباز شريف جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ئي سينيٽ جي اجلاس ۾ ن ليگ سينيٽر عرفاق صديقي ن ليگ پاران پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي. شبلي فراز شهريار آفريدي جي بيان تي چيو ته ڳالهيون سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ٿينديون، جنهن ۾ سياسي پارٽيون ۽ اسٽبلشمينٽ به شامل آهي