اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهين ۽ اسلام آباد تي چڙهائي وارن بيانن تي حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن به ردعمل ڏنو آهي. ان ڏس ۾ ن ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ٻلي نه پر ٻلو ٿيلهي مان ٻاهر اچي ويو آهي، پي ٽي آءِ باني جو اهو ئي مسئلو آهي، سندس هڪ هٿ ڳچي ۾ هوندو آهي ته ٻيو هٿ پيرن تي، پي ٽي آءِ جي مرضي آهي، پر اڄ نه ته سڀاڻي سياستدانن کي ئي پاڻ ۾ ڳالهائڻو پوندو،  حڪومتي اڳواڻن اسلام آباد ۾ چڙهائي واري بيان تي ڪي پي جي وڏي وزير کي گورنر راڄ لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني، خواجه سعد رفيق چيو ته گورنر راڄ جو معاملو هينئر غور هيٺ ناهي، پر توهان اسلام آباد تي چڙهائي ڪندا ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، رانا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سوچ سياسي ناهي، پي ٽي آءِ اسٽبلشمينٽ ذريعي مسلط ٿيڻ چاهي ٿي، سياسي پارٽين ويهي طئي ڪن، هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ته مسئلا حل ٿي ويندا، ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي ته ڪنهن کي اعتراض هوندو، هي سڀ الزام اسان تي هڻن ٿا ۽ چون ٿا ته ڳالهيون انهن سان ڪنداسين، هي چون ٿا ته اسٽبلشمينٽ انهن جو هٿيار بڻجي ۽ هي مسلط ٿي وڃن. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪُنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو جو مسئلو اهو آهي ته حاضر سروس جي پيرئين پئو ۽ رٽائرڊ جي ڳچي پڪڙيو، فيصل ڪريم ڪُنڊي چيو ته پي ٽي آءِ 9 مئي جهڙو ٻيو منصوبو جوڙي رهي آهي، ماضي ۾ توهان اسلام آباد تي چڙهائي ڪري ڏسي چڪا آهيو، هنن چيو ته ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ کي سياسي فورم ۽ سياسي ماڻهو گهرجن، اڄ پي ٽي آءِ  مان آواز اچي رهيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيانن ۾ هڪ جهڙائي نه آهي. پي ٽي آءِ ۾ هن وقت بيچيني آهي، اسان سياستدان آهيون، ڳالهين تي يقين رکون ٿا، پي ٽي آءِ مس ڪال جو انتظار ڪري رهي آهي. گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي گذريل ڏينهن جي ٽي وي ۾ چيو هو ته آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ چيف سان ڳالهيون ڪيون وينديون، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور گذريل ڏينهن ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته کين حق نه مليا ته اسلام آباد چڙهائي ڪندا.