اسلام آباد: پي ٽي آءِ شهريار آفريدي جي بيان تي پارٽي جي مختلف اڳواڻن رد ڏيندي چيو آهي ته اهو شهريار آفريدي جو پنهنجو موقف آهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته شهريار آفريدي جو بيان پارٽي پوزيشن ناهي، وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور چيو ته شهريار بيان ڏنو آهي، ان اهو بيان ڇو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڏنو آهي اهو هو پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو، اسان کي خبر ناهي، ڪنهن جي چوڻ تي ايئن چيو آهي. شهريار آفريدي چيو هو ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ئي ڳالهيون ٿينديون.