اسلام آباد: پي ٽي آءِ پاران اسٽبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ سوا سال کان ڪاميٽي ٺهيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته اسٽبلشميٽ سان ڳالهين لاءِ سوا سال کان ڪاميٽي ٺهيل آهي، ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر انهن پاران ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو، نجي ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پ پ، ن ليگ ۽ متحده اسان جو مينڊيٽ چورايو آهي انهن سان ڳالهيون نه ٿينديون، حڪومت ڳالهيون چاهي ٿي ته پهريان اسان جو مينڊيٽ واپس ڪري، هن چيو ته سياسي پارٽين سان ڳالهيون نه چاهيون ها سياسي اتحاد اڳتي نه وڌي ها، هن وقت حڪمران مهرا آهن انهن وٽ ڪي به اختيار ناهن. هن چيو ته اسٽبلشمينٽ کان پاڻ لاءِ ڪجهه نه گهرنداسين، ادارن کي ٻڌائڻو پوندو ته انهن جو ڪهڙو ڪردار آهي، پي ٽي آءِ انهن کي ٻڌائيندي، جيستائين سياسي معاملن ۾ اسٽبلشمينٽ جي مداخلت رهندي جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، تعين ڪرڻو پوندو ته ترقي جي راهه ۾ ڪير رنڊڪ بڻيل آهي، فرد واحد ان جو فيصلو نه ڪندو، هن چيو ته عمران جو موقف آهي ته 9سالن تائين قيد رهندس پر ڊيل نه ڪندس.