اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيمرا بشريٰ بي بي آڊيو ليڪ ڪيس ۾ جسٽس بابر ستار کي ٻڌڻي کان ڌار ٿيڻ جي استدعا ڪري ڇڏي، پيمرا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ متفرق درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين پيمرا ڪيترائي ڀيرا هن ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش ٿي چڪو آهي پر ڪيس اڃا به التويٰ هيٺ آهي، ساڳي نوعيت جي ٻئي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ ٻي بينچ فيصلو ڪري چڪي آهي، انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ جسٽس بابر ستار ٻڌڻي هلائڻ کان معذرت ڪري، ساڳي نوعيت جي درخواست تي فيصلو ڏيندڙ بينچ هن ڪيس جي رهيل ڪارروائي اڳتي وڌائي، بشريٰ بي بي آڊيو ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 29 اپريل تي جسٽس بابر ستار جي عدالت ۾ ٿيڻي آهي. پيمرا، پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي پاران جسٽس بابر ستار کي ڪيس کان ڌار ٿيڻ جي استدعا ڪئي وئي.