ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي 3  ڏينهن اندر سڄي ملڪ ۾ روڊن ۽ فوٽ پاٿن تان حددخليون ختم ڪرڻ (هٽائڻ ) جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پاران حددخلين واري ڪيس ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو آھي ته سڄي ملڪ ۾ روڊن ۽ فوٽ پاٿن تان حددخليون ختم ڪيون وڃن، لاڳاپيل اختياريون قبضو ڪندڙن جي خرچ تي حددخليون ختم ڪرائين، جڏهن ته  ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڪي ايم سي جي وڪيل کي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي، عدالت پاران  پيمرا کي پبلڪ سروس ميسيج شايع ۽ نشر ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آھي، چيف جسٽس چيو ته بدقسمتي سان روڊن تي حددخليون ۽ قبضا آهن، قبضو ڪندڙ سمجهن ٿا ته سندن ملڪيت اڳيان قبضو ڪرڻ سندن حق آهي، ماڻهن فوٽ پاٿن تي به جنريٽر لڳائي ڇڏيا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن به حددخليون قائم ڪيون آهن، چيف جسٽس موجب  شهرين جي آزاد چر پر روڪڻ جو ڪنهن کي اختيار ناهي، سرڪاري خرچن لاءِ ٽيڪس ادا ڪندڙ عوام جا حق ڪير به کسي نٿو سگهي، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته آپگهاتي حملن سبب رڪاوٽون لڳايون ويون آهن، بدقسمتيءَ سان اها سوچ وڌي وئي آهي ته عمارت جي چوڌاري کليل جاءِ يا پارڪن  تي به انهن جو حق آهي.