لاهور: عاصمه جهانگير ڪانفرنس دوران جرمن جي تقرير جي موقعي تي شاگردن غزه معاملي تي احتجاج ڪيو، شاگردن جرمني ۾ فلسطين جي حق لاءِ احتجاج ۾ گرفتارين خلاف سوال ڪيو، شاگردن نعرا به لڳايا، احتجاج تي جرمن سفير چيو ته گوڙ نه ڪريو، ڳالهه ڪريو، هي شور ڪرڻ نه پر ڳالهه ڪرڻ جو فورم آهي، گوڙ ڪرڻو آهي ته ٻاهر وڃي ڪريو، شاگردن چيو ته پاڪستان ۾ هي سفير انساني حقن تي تقرير ڪن ٿا ۽ غزه ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي. شاگردن فلسطين جي حق ۾ نعرا هنيا