اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيب جي چيئرمين آفتاب سلطان استعيفا ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف سندس استعيفا قبول ڪري ورتي. آفتاب سلطان چيو آهي ته ڪنهن جي خلاف ڪوڙو ڪيس نه ٿو هلائي سگهان، نه ئي سگهاري شخصيت جي مائٽ جو ڪيس ختم ڪري سگهان ٿو. رپورٽ موجب آفتاب سلطان ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف سنا ملاقات ڪري استعيفا پيش ڪئي. ترجمان موجب نيب چيئرمين ذاتي سببن ڪري استعيفا ڏني، وزيراعظم چيئرمين طور سندس خدمتن ۽ ديانتداري کي ساراهيو، ۽ نه چاهيندي به سندس استعيفا منظور ڪئي. ذريعن موجب گذريل هفتي آفتاب سلطان وزيراعظم سان 3 ملاقاتون ڪيون. نجي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته آفتاب سلطان وزيراعظم کي ملاقات ۾ چيو ته هو هن ماحول ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي. ٻئي طرف چيئرمين نيب آفتاب سلطان نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ۾ چيو ته چيئرمين جي عهدي تان استيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تمام خوش ۽ مطمئن آهيان ته پنهنجي اصولن کي برقرار رکيو، ڪنهن به دٻاءَ اڳيان نه جهڪيس، پنهنجي زندگي ۽ پيشوارڻي ڪيريئر ۾ قانون موجب ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آفتاب سلطان وڌيڪ چيو ته مان اصولن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو، اسان جو آئين اسان جي سڀني مسئلن جو حل ٻڌائي ٿو، آئين تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري اڄ اسان معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار آهيون، سياسي عمل ۽ چونڊن جو تسلسل ضروري آهي. هن چيو ته مان ڪنهن جي به خلاف ڪوڙو ڪيس نٿو هلائي سگهان، نه ئي ڪنهن جي خلاف ڪو ڪيس رڳو ان ڳالهه جي ڪري ختم ٿو ڪري سگهان ته جوابدار ڪنهن سگهاري شخصيت جو مٽ مائٽ آهي. سندس چوڻ هو ته نيب جي نوجوان آفيسرن تي يقين آهي ته اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ قانون جي حڪمران جي اصولن کي برقرار رکندا. هن چيو ته مون کي چيو ويو ته فلاڻي جي ڀاءُ کي آزاد ۽ فلاڻي کي گرفتار ڪريو، پنهنجي ڪم ۾ مداخلت برداشت نه ڪندو آهيان. نيب آفيسر ادارن جي ڳالهه نه ٻڌن، آئين تحت ڪم ڪن، غير آئيني ۽ غيرقانوني حڪم نه مڃڻ گهرجن. هن جو چوڻ هو ته نيب ۾ 90 سيڪڙو ماڻهو سٺا آهن، رڳو هڪ سيڪڙو ماڻهن ۾ مسئلو آهي، آئون نه ڪجهه کڻي آيو هئس ۽ نه ئي کڻي وڃان ٿو، ٻن صوبن ۾ آئين تحت چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊن جي نتيجي ۾ ايندڙ حڪومت کي مڃيو وڃي.