اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي تبديلي جي لاءِ اسپيڪر کي خط لکيو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عامر ڊوگر طرفان مخالف ڌر اڳواڻ جي تبديلي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، 20 سيپٽمبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ مخالف ڌر جي وڏي پارٽي آهي ان ڪري مخالف ڌر اڳواڻ به پي ٽي آءِ جو هجڻ گهرجي. خط ۾ چيو ويو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ جي تبديلي جا قدم کنيا وڃن، نيب قانونن تحت نيب جي چيئرمين جي مقرري جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ايوان جي اڳواڻ جو ڪردار هجي، ان ڪري آفتاب سلطان جي جاءِ تي نئين مقرري پي ٽي آءِ جي مخالف ڌر جي مشاورت ڪرڻي پوندي.