ڇور ۾ گم نينگر تشدد ڪري قتل، لاش ڪينٽ ڀرسان هٿ، زيادتي جو شڪ، لاش رکي ڌرڻو

0
41

عمرڪوٽ/ ڇور(نمائندن وٽان) ڳوٺ کيت سنگھه واسي 14 سالن جو معصوم ڌنار ڇور ڪينٽ ڀرسان قتل لاش ھٿ آيو پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل مبينه طور کيس قتل ڪرڻ جي تصديق  مقتول جي وارث عورتن مردن ۽ سوين ڳوٺاڻن جو فوجي موڙ لڳ ڌرڻو ٽائرن کي باھيون روڊ بلاڪ پوليس ۽ وارثن ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ قتل جي تصديق

تفصيل موجب ھڪ ڏينھن پھرين ڳوٺ کيت سنگھه لڳ ڇور ڪينٽ جو رھواسي 14 سالن جو مال چاريندڙ معصوم ڌنار علي حسن ولد مھر علي منڱريو پر اسرار طور گم ٿيو ھو، جنھن جو لاش ڳوٺ کيت سنگھه لڳ ڇور ڪينٽ ويجھو مليو اطلاع تي سوين ماڻھو واقعي واري ھنڌ گڏ ٿيا جڏھن ته بعد ۾ ڊي ايس پي عمرڪوٽ ۽ ايس ايچ او ڇور پھچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ وارثن ساڻ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال عمرڪوٽ آندو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو

معصوم ڌنار علي حسن منڱريو گذريل ڏينھن مال چاريندي مبينه طور تي گم ٿي ويو ھو، جنھن جو لاش ھٿ آيو آھي. ٻئي طرف مقتول ڌنار علي حسن جي چاچي ۽ ٽائون ڪميٽي ڇور جي ڪائونسلر احسان منڱريو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي ذميوار قاتل کي گرفتار ڪري شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن فوجي موڙ ڇور روڊ تي لاش رکي ڌرڻو ھڻي قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ڌرڻي ۾ احسان منڱريو، صدام، اصغر علي، محمد سومار، ربنواز، محمد عمر منڱريو ۽  وارث مردن توڙي عورتن سميت ڳوٺاڻن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي

فوري طور تي قاتل گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ڌرڻو چار ڪلاڪن تائين جاري رھيو ۽ ٽائرن کي باھيون ڏئي عمرڪوٽ ڇور روڊ کي بلاڪ ڪيو ويو جتي ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او عمرڪوٽ پھچي متاثرن سان ڳالھيون ڪري انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياريو ان بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ٻئي طرف لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو معصوم ڌنار جو لاش ڳوٺ پھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو

مقتول علي حسن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس سوين آلين اکين سان کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن ته ڇور کيت سنگھه ۽ آس پاس ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي ۽ ماحول سوڳوار بڻيل آھي. قتل ڪيل نينگر سان جنسي زيادتي جو شڪ به ظاهر ڪيو ويو آهي

نينگر جو گلو دٻائي يا رسي سان گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو: ڊاڪٽر

عمرڪوٽ: نينگر علي حسن منڱريي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن ابتدائي رپورٽ ۾ قتل جي تصديق ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته مڪمل رپورٽ ليبارٽري تصديق بعد جاري ڪئي ويندي، البته ابتدائي جيڪي علامتون چھري تان مليون آھن ان موجب مقتول جو گلو ڪنھن تيز ڌار يا رسي سان دٻايو ويو آھي، جنھن سبب موت واقع ٿيو آھي.

 

علي حسن کي قتل ڪري لاش لڪايو ويو هو: وارث

ڇور: وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته وڏو قھر ٿيو آھي معصوم 14 سالن جي ڌنار علي حسن کي قتل ڪري لاش کي لڪايو ويو جيڪو ڳولھا ڪرڻ بعد ھٿ آيو آھي