شهيد بينظير قتل ڪيس: رائو انوار جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

0
746
شهيد بينظير قتل ڪيس

ڪراچي: سنڌ پوليس جي اڳوڻي سينيئر آفيسر اڳوڻي وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي جاچ بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن

سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار مظهر عباس موجب رائو انوار انڪشاف ڪيو آهي ته بينظير قتل ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ تي صحيحون اُن وقت جي گهرو وزير رحمان ملڪ جي دٻاءُ ۾ اچي ڪيون هيون ته جيئن پرويز مشرف کي ڪيس ۾ ملوث ڄاڻائي سگهجي

مظهر عباس موجب رائو انوار ٻڌايو ته مون انڪار ڪيو ته پرويز مشرف جي موقف بنا صحيح نٿو ڪري سگهان، مون اِها ڳالهه رحمان ملڪ کي به ٻڌائي هئي

رائو انوار جو چوڻ آهي ته بينظير جي جي آءِ ٽي ۾ منهنجو ۽ بن يامين نالي پوليس آفيسر جو  نالو 2010 ۾ شامل ڪيو ويو ۽ خبر ناهي ته نالا ايڏي دير سان ڇو شامل ڪيا ويا، پر مونکي اُن افسوسناڪ واقعي بابت کوڙ سارا شڪ شهبا هئا، شهيد بينظير ڀٽو وٽ 2 بليڪ بيري موبائيل هئا، جيڪي 3 سالن تائين جي آءِ ٽي کان لڪايا ويا

رائو انوار ٻڌايو ته خبرون اچي رهيون آهن ته پرويز مشرف جي طبيعت خراب آهي، هو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پيل آهي، تنهنڪري مان واضح ڪريان ٿو ته پرويز مشرف جو بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ ڪردار نظر نه آيو هو

اڳوڻي ايس ايس پي انڪشاف ڪيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ڪيس جي درست جاچ نه ڪئي وئي، هن واقعي جو آپريشنل ڪمانڊر اڪرام محسود هو، جڏهن ته بيت الله محسود واقعي جو ماسٽر مائينڊ هو، 18 آڪٽوبر جي هن واقعي ۾ طيب محسود جي قيادت ۾ گروپ به شامل هو، جن جون شاهديون به رڪارڊ جو حصو آهن

هن دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن اڪرام محسود کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته ڪيس حل ٿي وڃي ها، ڪيس ۾ کوڙ ساريون شيون لڪايون پئي ويون، ان ڪري مون جي آءِ ٽي تي صحيحون نه ڪيون

واضح رهي ته 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي بعد روانگي وقت آپگهاتي حملي ۾ بينظير ڀٽو شهيد ٿي هئي

ھي به پڙھندا

سپريم ڪورٽ: رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست رد