ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو گرفتار

0
1070

 دادو: دادو جي عدالت ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو کي گرفتار ڪيو ويو، عدالت گذريل ڏينهن ٻڌڻي هلائيندي فيصلو محفوظ ڪيو هو

دادو جي عدالت پاران ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ تي پوليس ڪريم بخش چانڊيو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، عدالت پاران پوليس گهرائي ميهڙ جي اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو کي گرفتار ڪرايو ويو

May be an image of 5 people and people standing

ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ام رباب به عدالت ۾ پيش ٿي، عدالت ۾ ڳالهائيندي ام رباب چيو ته اڳوڻي ايس ايڇ او جي گرفتاري اسان جي ٻي فتح آهي، عدالتن تي اعتماد سبب پيرين اگهاڙَي به پهچندي هيس

هن جو چوڻ هو ته جج پاران پوليس گهرائي ايس ايڇ او کي گرفتار ڪرائڻ وڏي معنيٰ رکي ٿو، ايس ايڇ او جي گرفتاري جاگيردارن ۽ سندن ٽولن لاءِ خطري جي گهنٽي آهي

هي به پڙهندا

ميهڙ ٽيڻو قتل ڪيس: ايس ايڇ او جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ