ميهڙ ٽيڻو قتل ڪيس: ايس ايڇ او جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ

0
377

دادو (رپورٽر) اُم رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين  جي قتل ڪيس ۾ نامزد ايس ايڇ او جي  ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي

ام رباب چانڊيو ۽ قتل ڪيس ۾ نامزد  ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيو، وڪيلن دليل مڪمل ڪري ورتا، عدالت ايس ايڇ او جي ضمانت  بابت فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او جي ضمانت بابت فيصلو سڀاڻي 22 فيبروري تي ٻڌايو ويندو، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، اسان پراميد آهيون، مون پهريان به چيو آهي ته چاهي ڪير ڪيترو به پاڻ کي طاقتور ڇو نه سمجهي پر قانون کان مٿانهون ڪير به ناهي

ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته  اسان اميد رکون ٿا ته عدليه، ظاهر آهي ته مظلومن سان انصاف ڪرڻ لاءِ ئي آهي، عدالت انصاف ڪندي ۽ هن ايس ايڇ او جي ضمانت رد ٿيڻ گهرجي، مون کي ته انصاف ملندو ئي، جيڪڏهن قاتلن کي سزا لڳي ٿي، ۽ انشاءَ الله ڇو ته مان پراميد آهيان، ڇو ته مون وٽ ثبوت آهن مون وٽ پورا رڪارڊ آهن

هن چيو ته  هر شئي آهي، جتي جتي جيڪا شئي مون کي پيش ڪرڻي آهي اها پيش ڪندي ٿي اچان، شروع کان وٺي اسان دانهون ڪيون پيا ته جيڪو ڏوهه ٿئي ٿو، ڪرائم ٿئي ٿو ان جي هتي سزا نٿي لڳي، پوءِ ڏوهاري ماڻهن جي دل وڏي ٿي وڃي ٿي ۽ هو ظلم ڪن ٿا، پراميد آهيان ته عدليه انصاف ڪندي

هي به پڙهندا

سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو شاهدن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ميهڙ اچي پنهنجو اثر رسوخ هلائي رهيا آهن: ام رباب