نيب چيئرمين آفتاب سلطان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
220

ڪراچي: نيب چيئرمين آفتاب سلطان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين تي گرفتاريون ۽ ڪيسز داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو، آفتاب سلطان تي نيب ۾ بدلين ۽ مقررين جو به دٻاءُ هو

نيب چيئرمين وزيراعظم آڏو استعيفيٰ پيش ڪندي چيو ته مون کي ڪجهه شين جي باري ۾ چيو ويو، جيڪي مون کي قبول نه آهن، موجوده ماحول ۾ ڪم نٿو ڪري سگهان

 وزيراعظم نيب چيئرمين جي استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي، جاويد اقبال جي رٽائرمينٽ کانپوءِ آفتاب سلطان جولاءِ 2022ع ۾ نيب چيئرمين جو عهدو سنڀاليو هو

هي به پڙهندا

توشه خانه ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو