موري جي ماڻهن جي محبتن ارادا وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيا: صنم ماروي

0
288

مورو(شوبز نيوز) پاڪستان جي وڏي ناليواري ڳائڻي صنم ماروي جو 30 سالن کانپوءِ پنھنجي جنم ڀومي پھچڻ تي گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو

صنم ماروي مورو پريس ڪلب پھچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنھنجي جنم ڀومي ۾ 30 سالن کانپوءِ پھتي آھيان منھنجي دل باغ بھار ٿي آھي ۽ ھتي پھچي مونکي دلي سڪون مليو آھي

موري جي ماڻھن جون ھر ھنڌ محبتون ۽ ڪيل گلن جي ورکا سان استقبال منھنجي ارادن کي اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو آھي منھنجو اباڻو شھر مورو اديبن شاعرن ۽ فنڪارن جو شھر آھي جن پنھنجي ھر پليٽ فارم تي پاڻ مڃرايو آھي

منھنجي خواھش آھي ته ھن شھر جا سماجي خدمت ڪندڙ ماڻھون مونسان گڏجي صنم ماروي ويلفيئر ٽرسٽ ۾ حصو بڻجن ته جيئن اسان پنھنجي غريب فنڪارن جي سهائتا ڪري انھن جي گھرن ۾ ويٺل نياڻين کي ڏاج ڏئي رخصتي ڪري نيڪي ۽ ڀلائي واري ڪم ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪريون