سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو شاهدن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ميهڙ اچي پنهنجو اثر رسوخ هلائي رهيا آهن: ام رباب

0
347

دادو (رپورٽر) دادو جي عدالت جو جج تبديل ٿيڻ سبب ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 25 فيبروري تائين ملتوي ٿي وئي آهي، اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي به 18 فيبروري تائين ملتوي ٿي وئي آهي

ام رباب، سردار احمد چانڊيو، برهان چانڊيو ۽  ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، ام رباب چيو ته سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو شاهدن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ميهڙ  اچي پنهنجو اثر رسوخ هلائي رهيا آهن

ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته ايس ايس پي دادو کي لکت ۾ درخواست ڏني آهي ته ايم پي ايز ڀائرن کي روڪيو وڃي، منهنجي ۽ منهنجي گهر ڀاتين جي حياتي خطري ۾ آهي، سردار ڀائر ڪو اڻوندڙ واقعو ڪرائڻ چاهين ٿا

هن چيو ته سردار ماڻهن کي استعمال ڪندا آهن، هو ماڻهن کي استعمال ڪري رستو صاف ڪندا آهن، مون کي ۽ منهنجي خاندان کي خطرو آهي، جيڪي هنن کي گهرائن ٿا اهي پنهنجون حرڪتون بند ڪن، ڪو به وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو

سردار چانديو چيو ته ميهڙ ۾ اسان جون زمينون ۽ ملڪيتون آهن، اتي اچڻ وڃڻ اسان جو حق آهي، سياسي ماڻهو آهيون، ميهڙ ۾ سياست ڪرڻ جو به حق آهي، علائقي ۾ رتوڇاڻ جو ڪو به خطرو ناهي، ام رباب کي ڀلي وڌيڪ سيڪيورٽي ڏني وڃي

هي به پڙهندا

اي آءِ جي سنڌ پوليس کان پڇڻ ٿي چاهيان ته توهان اڃا ڪيترا ظلم ڪرڻ چاهيو ٿا:ام رباب

واقعي کي 5 سال گذرڻ باوجود انصاف لاءِ واجهائي رهي آهيان: ام رباب چانڊيو