شاهه محمود قريشي لاهور ۾ 200 ڪارڪنن سوڌو گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
149
شاهه محمود قريشي لاهور

ڪراچي: پي ٽي آءِ طرفان اعلانيل جيل ڀريو تحريڪ جِي اڄ کان شروعات ڪئي وئي آهي، شاهه محمود قريشي لاهور ۾ 200 ڪارڪنن سوڌو گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته لاهور پوليس گرفتار نه ڪيو ته ملتان مان گرفتاري ڏني ويندي، صدر طرفان 9 اپريل تي اعلانيل چونڊن وارِي ايڊوائيس تي عمل شروع ڪيو وڃي ته جيل ڀريو تحريڪ جي ضرورت نه پوندي

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير طرفان پي ٽي آءِ جِي اعلانيل جيل ڀريو تحريڪ دوران عورتن ۽ غريب ڪارڪنن کي گرفتار نه ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن

وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري ۽ چئني صوبن جَي آءِ جيز شرڪت ڪئي

 راڻا ثنا الله چيو ته پي ٽي آءِ طرفان اعلانيل جيل ڀريو تحريڪ دوران قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪارڪنن توڙي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويندو، جيل ڀريو تحريڪ جو مقصد رڳو امن امان جي صورتحال کي متاثر ڪري سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي

هي به پڙهندا

گرفتاري ڏئي جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪندس، نوازليگ آڊيوز ذريعي ججن تي دٻاءُ پئي وجهي: عمران خان