گرفتاري ڏئي جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪندس، نوازليگ آڊيوز ذريعي ججن تي دٻاءُ پئي وجهي: عمران خان

0
195
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين پاران اربع تي پنهنجي گرفتاري ڏئي جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو ا علان ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته اربع تي سڀ کان پهرين آئون گرفتاري ڏئي جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات ڪندس پوءِ سڄي ملڪ مان ڪارڪن ۽ عوام گرفتاريون ڏيندو

لاهور جي علائقي زمان پارڪ ۾ صحافين سان ملاقات دوران عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جي تيارين ۽ هدف تي ڳالهيون ڪيون. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جيل ڀريو تحريڪ بابت ڪارڪنن جي گرفتارين جو شيڊول جاري ڪيو آهي، تحريڪ جي شروعات اربع تي لاهور کان ٿيندي، پشاور ۾ ڪارڪن خميس تي گرفتاريون ڏيندا

راولپنڊي جا ڪارڪن جمعي تي ۽ ملتان جا ورڪر ڇنڇر جڏهن ته گوجرانوالا جا ڪارڪن آچر تي گرفتاريون ڏيندا. سرگوڌا ۾ سومر ۽ ساهيوال ۾ اڱاري جي ڏينهن گرفتاريون ڏنيون وينديون. صحافين سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته نوازليگ عدليا ۽ ججن خلاف ڪريل پروپيگنڊا مهم ان ڪري هلائي رهي آهي ته جيئن ججن کي آئين جي بالادستي جي ڪردار کان روڪي سگهجي، عدليا تي حملو هنن جي عادت رهي آهي. عمران خان چيو ته جنرل باجوه  تسليم ڪيو ته هن رڪارڊنگز ڪيون، جيڪو غيرقانوني قدم هو، اداري کي جنرل (ر) باجوه جي ان قدم جي پنهنجي طور جاچ ڪرائڻ گهرجي

پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته نواز ليگ عدليا تي يلغار جي جي تاريخ رکي ٿي، هي ججن جي خريد ۽ وڪري جهڙي عمل ۾ ملوث رهيا آهن، عدليا کي آئين جي بالادستي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدليا قوم جي واحد اميد آهي، ججن کي دٻاءُ ۾ اچڻ بدران دستور ۽ قانون جي بالادستي بڻائڻ گهرجي

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسانجي اتحادين کي انتقام جو نشانو بڻائي  ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنرل ر باجوه پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ تسليم ڪيو ته نيب سندس ڪنٽرول هيٺ هو، هن چيو ته ڊاڪٽرن مونکي گهمڻ ڦرڻ کان روڪيو آهي پوءِ به مونکي عدالتن ۾ گهرايو پيو وڃي،اسانجي ماڻهن تي ڪيس ۽ بنا جواز گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، امپورٽڊ حڪومت جي فسطائيت ۽ دستور سان بغاوت جي ڪوشش کي ڪنهن به ريت قبول نه ڪنداسين، آئين ۾ رهندي مزاحمت لاءِ جيل ڀريو تحريڪ جهڙو جمهوري طريقو اختيار ڪيو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر پاران دستور جي پائمالي ۾ پي ڊي ايم جو اهم ڪردار آهي، حڪومت اسانجي اتحادين کي نشانو بڻائي ان کي ڊيڄارڻ ۽ سياسي آمريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، لاقانونيت، جمهوري قدرن جي پائمالي ۽ معاشي تباهي جي هن شرمناڪ سلسلي کي قوم جي حمايت يا تائيد سان روڪينداسين

عمران خان چيو ته صدر عارف علوي  فنانس بل جي آرڊيننس تي صحيح نه ڪري سٺو قدم کنيو، پارليامينٽ ۾ نئون فنانس بل منظور ٿيڻ سان ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، تحريڪ انصاف جي دور ۾ معاشي اشارا مثبت هئا، امپورٽڊ حڪومت جو ڪارنامو اهو آهي ته هن ڪرپشن جا پنهنجا ڪيس معاف ڪرايا، اسان چونڊن ذريعي ملڪ کي بحران مان ڪڍن لاءِ پنهنجون 2 صوبائي حڪومتون قربان ڪيون، هنن جي پوري ڪوشش اها آهي ته هي ان وقت اليڪشن ڪرائن، جڏهن سمجهن ته تحريڪ انصاف ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته آئين واضح چوي ٿو ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون آهن

ان کان اڳ لاهور  جي زمان پارڪ ۾ عمران خان سان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران سياسي صورتحال، جيل ڀريو تحريڪ ۽ عام چونڊن وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ عدليا مخالف مهم جي مذمت ڪئي وئي. پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته نواز ليگ پنهنجي روايت پٽاندڙ عدليا تي حملا ڪري رهي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي

حڪمران اتحاد عمران خان کان ڊنل آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ گورنرز ياد رکن آئين ٽوڙڻ تي آئين ئي کين سزا ڏيندو. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته حڪمران نه آئين کي مڃي رهيا آهن نه عدالتي فيصلن کي، پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، نااهل حڪمران ٽولو چونڊن کان ڊڄي انتقامي ڪارروائين جي لهي آيو آهي. هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ تحت سڄي ملڪ مان پارٽي اڳواڻ، ڪارڪن ۽ عوام گرفتاريون ڏيندو

قوم خوف جا بت ٽوڙي ميدان ۾ اچي رهي آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته نااهل ٽولي پهريان ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، هاڻي آئين جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، حڪمران وڌيڪ جيترا ڏينهن اقتدار ۾ رهندا مُلڪ کي اوترو ئي وڌيڪ نقصان ٿيندو، مُلڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ چونڊون اڻٽر آهن

هي به پڙهندا

عمران خان طرفان اربع کان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان